تعليم

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ شمس جوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2016۔

  1. شمس جوکيو

    شمس جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    انسپيڪٽر ،ايئر سڪيورٽي فورس،
    ماڳ:
    لا ڙڪاڻو
    تعليمي دهشتگردي

    جوکيو شمس

    دنيا ۾ ڪيترا ئي دهشتگرديءَ جا قسم آهن جيئن انٽرنيشنل دهشتگردي، نيشنل دهشتگردي، ڪراس باردر دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ. پر سڀني کان خطرناڪ دهشتگردي تعليمي دهشتگردي آهي جنهن جو دهشتگرد فرد نا اهل ۽ کوسڙو استاد آهي. هن وقت تائين ان وڏي ۾وڏي دهشتگرد کي ڪوئي سڃاڻي نه سگھيو آهي جيڪو ڳوٺن کان وٺي شهرن تائين پنهجي دهشتگردي ڦهلائيدو رهي ٿو ۽ قوم جي تباهي جو مک جوابدار آهي جنهن کي هيل تائين ڪائي به عدالت يا قانون نافز ڪندر ادارا عبرتناڪ سزا نه ڏئي سگھيا آهن تنهڪري هو مستيءَ ۾ الوٽ ٿي پنهجي من ماني ڪندو رهي ٿو. جيڪڏهن اسان پاڪستان جو لٽريسي ريٽ ڏسندا سين ته صاف نظر ايندو ته بنگلا ديش جيڪو 24 سال پاڪستان کان پوءِ وجود ۾ آيو۽ اڄ دنيا جي نقشي تي تعليمي لحاظ سان پاڪستان کان بهتر آهي جڏهن ته پاڪستان جو لٽريسي ريٽ 2015 ۾ ڏسبو ته پاڪستان % 58 ، بنگلاديش%61 ۽ انڊيا %71 آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته پاڪستان پنهجي ٽٽل حصي کان به تعليمي لحاظ کان پٺٽي آهي جڏهن ته پنهجي مڪمل بجيٽ جو 9 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿي رهيو آهي ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي رهيو آهي اها حڪومت کي پاڻ ئي خبر ناهي. اهڙي ريت جيڪڏهن اسين سنڌ جي تعليم تي هڪ نظر وجھندا سين ته ان جو حشر ٽائيٽينڪ جهاز جهڙو نظر ايندو ڇاڪاڻ سنڌ اندر ڀرتي ٿيل 70 سيڪڙو ماستر پوليٽيڪل ڀرتي ٿيل آهن جن کي پورو پاڻ به پڙهڻ ڪون ٿو اچي ته هو ٻارن کي ڪيئن پڙهائيندا ويتر حڪومت نوان ڪوريڪيوليم متارف ڪرايا آهن جيڪي انگريزي ٻوليءَ ۾ آهن اهو به واضع رهي ته گورنمينٽ جي پرائمري اسڪولن جي ميڊيم سنڌي آهي ۽ نئون نصاب انگريزي ۾ آهي جس آهي سنڌ حڪومت جي پلاننگ کي جيڪي بنا ڪنهن سوچڻ جي سنڌ جي تعليم سان کيڏي رهيا آهن. جيڪڏهن انهيءَ نصاب تي عمل درآمد ٿيو ته صرف پرائيوٽ شاگرد ئي فائدو وٺندا پوءِ اسانجي ٻهراڙيءَ وارن شاگردن ڪهڙو ڏوه ڪيوجيڪي کورنمينٽ اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن جو هنن کي تعليمي لحاض کان پٺتي رکيو پيو وڃي، انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته جديد قسم جي تعليم صاف پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جي ئي لاءِ ترتيب ڏني وئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي تعليمي ادارن تي هڪ نظر وجھندا هلون ته سنڌ اندر ڪيترائي اسڪول بند پيل آهي، ڪيترائي گوسڙو ماستر گھم آهن ۽ ڪيتريون ئي اسڪولي امارتون ٽٽل آهن يا وري ڪنهن وڏيري، منسٽر ياڪاموري جون اوطاقونو بڻيل آهن. هيٺين ٽيبل ۾ ڪجھ معلومات ڏنل آهي جنهن مان سنڌ جي اسڪولن جي پروڙ پوي ٿي.

    اسڪولن جي ڊيٽا

    ٽوٽل اسڪول


    48,932

    هلندڙ


    43,027

    بند


    7000

    بنا ڇت وارا


    12138

    پرائمري


    38,471

    مڊل


    2252

    کوسرو ماستر


    40,000


    مٿين ٽيبل مان خبر پوي ٿي ته حڪومت ديو واري گھري ننڊ ۾ ستل آهي ۽ هر شي کان اڻڄاڻ آهي يا وري تعليم جو مسعلو حل ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آهي.

    ڪيترائي اين جي اوز ڪم ڪري رهيا آهي ۽ ڪيتريون ئي ڊونر ايجنسيون تعليم تي ڪم ڪري رهيون آهن جنهن مان پلان انٽرنيشنل، ڊيفد (يوڪي ايد)، يو ايس ايڊ ايمبيسيڊر فند ۽ حڪومتي ادارا ملي ڪروڙين روپيا تعليم تي خرچ ڪري رهيا آهن پوءِ به تعليم جو حال پورو لڳو پيو آهي. سنڌ حڪومت هڪ ڪيوريڪيوليم ايڪٽ متارف ڪرايو آهي جيڪو منسٽر جي نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن هيل تائين ڪوئي کڙ تيل ڪون ڏنو آهي. وڏا آفيسر ۽ حڪومتي نمائندا گڏجي ڪرپشن ۾ ملوس آهن انهن کي ڪوئي به چوڻ وارو ڪونهي نه ئي وري انهن کي ڪوئي چئي سگھي ٿو ڇاڪاڻ اهي يا ته حڪومت جا ماڻهون آهن يا وري وڏي اسر اسوڪ وارا لارڊ صاحب.

    جيڪڏهن اسين پاڪستان جي سڀني ادارن تي هڪ نظر وجھندا سين ته صاف نظر ايندو ته عدليه کان وٺي تعليمي ادارن اندر ڪرپٽ ماڻهون ويٺل آهن جيڪي پنهنجي من ماني مستي ڪري رهيا آهن جنهن کي جاتي موقعو ملي ٿو اتي ڀرپور فائدو وٺي ٿو ته پوءِ ڪيئن تعليم جو نظام بهتر ٿي جيڪو قوم جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو هڪ واحد رستو آهي جنهن تي اهي سڀ بگيڙن وانگي نيڻ ٽمائي ويٺا آهن.

    هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڏو دهشتکرد ڪير آهي، جيڪڏهن ڪنهن سماج جي فرد کي صحيح تعليم نه ٿي ملي ته هو وڃي ڏوه ڪري ٿو ۽ دهشتگردي ڦهلائي معاشري جي لاءِ ناسور بڻجي پوي ٿو اهو سڄو عمل تعليم جي نه هجڻ جي باعث ٿئي ٿو جنهن جا ذميوار حڪومت، معاشرو۽ استاد آهن. اهو ئي هڪ خطرناڪ گروپ آهي جيڪو ٻار کي تعليم جهڙي زيور کان محروم رکي ٿو ۽ ڏوهن جي دنيا ڏانهن مائل ڪري ٿو. سيڪريٽري ايجوڪيشن پيچوهو صاحب هڪ اين جي اوز جي سيمينار ۾ کلي عام چيو ته اسان گوسڙو ماسترن جي خلاف ڪجھ به نه ٿا ڪري سگھون ڇاڪاڻ اهي ڪنهن نه ڪنهن پوليٽيڪل پنڊت جا خاص ماڻهون آهن. هن اهو به چيو ته انهن ماسترن کي عبرتاڪ سزا ڏيڻ گھرجي پر افسوس هيل تائين انهن ۾ ڪنهن به نه هٿ وڌو آهي ۽ نه ئي وجھي سگھي ٿو. مٿين بحث کي مد نظر رکندي اسين چئي سگھون ٿا ته ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏا دهشتگرد گوسرو ماستر ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪرپٽ ماڻهون آهن انهن کي کلي عام عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اسان جي تعليم جو سسٽم بهتر ٿي سگھي انهيءَ ۾ ئي قوم جي بهتري آهي نه ته سنڌ هڪ دفعو ٻيهر موئن جي دڙي جيان برباد ٿي ويندي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو