عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ۽ ثقافت ميلو 2016

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ۽ ثقافت ميلو 2016
    __________________________

    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ۽ ثقافت ميلو 29، 30 ۽ 31 جنوري 2016ع تي نيشنل ميوزيم آف پاڪستان، ڪراچي ۾ منعقد ٿي رهي آهي. ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت، افاديت ۽ موجوده دور ۾ ان کي درپيش مسئلن تي عالم ۽ دانشور پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا.
    ثقافتي ميلي ۾ سنڌي دستڪاري ۽ هنرن جي نماء سميت کاڌي پيتي جا به مختلف اسٽال لڳايا ويندا. انهيء موقعي تي سنڌي موسيقي ۽ لوڪ ڌنن تي ناميارا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا ۽ لوڪ رقص پيش ڪيو ويندو. ميلي ۾ اسٽال صبح 10 کان رات 10 وڳي تائين کُليل رهندا.
    سڀني سنڌين کي ميلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

    _______
    افتتاحي اجلاس 29 جنوري 2016 شام جو ساڍي چئين وڳي
    _______

    تلاوت ڪلام پاڪ، شاهه جي وائي
    ڀليڪار : رفيق احمد جعفري (چيئرمين سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن)
    آجيان: شرميلا فاروقي (ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير)
    ڪانفرنس جي اهميت : ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
    مکيه تقرير : حميد هارون
    خاص مهمان جو خطاب : سيد قائم علي شاهه (سنڌ جو وڏو وزير)
    ٿورا : منظور احمد ڪناسرو (ڊي جي ثقافت ۽ سياحت)
    ميلي جو افتتاح : خاص مهمان

    _______
    ٻيو ڏينهن، ڇنڇر 30 جنوري 2016ع
    _______

    1. پهرين ويهڪ : موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ طريقا (9 وڳي کان 11 وڳي تائين).
    2. ٻي ويهڪ : سنڌي نصاب جو ڇيد (11 وڳي کان 12 تائين).
    3. ٽين ويهڪ : سنڌي بحيثيت اقتصادي ٻولي (سوا هڪ وڳي کان اڍائي وڳي تائين)
    4. چوٿين ويهڪ : همعصر سنڌي تخليقي ادب : نثر (اڍائي وڳي کان 4 وڳي تائين).
    5. پنجين ويهڪ : سنڌي ٻولي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا (ساڍي چئين وڳي کان 6 تائين).
    6. ڇهين ويهڪ : همعصر سنڌي تخليقي ادب : شاعري (6 وڳي کان 7 تائين).
    7. ستين ويهڪ : سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي (ساڍي ستين وڳي کان ساڍي اٺين تائين).

    _______
    ٽيون ڏينهن آچر 31 جنوري 2016ع
    _______

    1. پهرين ويهڪ : سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل (ساڍي 9 وڳي کان 11 وڳي تائين).
    2. ٻي ويهڪ : ٻارن جو ادب (11 وڳي کان ساڍي 12 وڳي تائين).
    3. ٽين ويهڪ : سنڌي ٻولي ۽ پرنٽ ميڊيا جا رويا (ڏيڍ وڳي کان 3 وڳي تائين)
    4. چوٿين ويهڪ : 21هين صديءَ ۾ شاهه ڀٽائيءَ جي پيغام جي اهميت ۽ گهرج (ساڍي 3 وڳي کان سوا 4 وڳي تائين).
    5. پنجين ويهڪ : سنڌي ٻولي : قومي ٻولي ۽ سرڪاري ٻولي (ساڍي چئين وڳي کان 6 تائين).
    6. اختتامي ويهڪ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي 43 هين سالگرهه (6 وڳي کان سوا 8 تائين)
    7. موسيقيءَ جي محفل.
    ___



    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ڪوشش ، جيڪي دوست پهچ رکن اُهي ضرور شريڪ ٿين ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو