آدرش نوٽس فرام مورو 3

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    نوٽس فرام مورو 3

    آدرش

    سائين عظيم سنڌيءَ جو درزڪو دڪان چڱو خاصو آهي، لٽن ڪپڙن جا ٿانَ، اڳڙين جو آستان، هڪ اڌ ڪرسي، هڪڙو ننڍڙو استاد جو صندل، ڪنڊ ۾ ڄنگهن واري سلائي مشين پويان، ڪرسيءَ تي سائين عظيم سنڌي ايئن ويٺو نظر ايندو، ڄڻ جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ پائلٽ ويٺل هجي. دڪان ۾ هڪ اڌ گروپ فوٽو لڳل آهي. هڪ فوٽو منهنجي ڳوٺائي، سنڌ جي پهرئين جوڙ جي نامياري مَلهه پهلوان سرور جتوئي صاحب جو لڳل آهي.
    جتوئي صاحب جي سائين عظيم سنڌي سان مٿو مٿي تي ياري هئي. غلام سرور ۾ ادبي ذوق عظيم سنڌيءَ پيدا ڪيو. هو پوءِ سنڌي ادب جو عاشق ٿي پيو. شڪارپور ۾ هاٿي در تي هن جي پنهنجي گهر ۾ سٺي لائبريري هئي. سائين عظيم سنڌي جو هن جو گهر ڀاتي هو، اڪثر شڪارپور اچي. هن وٽ ٽڪندو هو. غلام سرور جتوئي صاحب سٺو ماڻهو هو. هن جي هڪ عجيب ڪل هئي جو هو شڪارپور جي ليکڪن ۽ شاعرن کان ونءُ ويندو هو ۽ پٽا ڏئي پري ڀڄي ويندو هو. ان ڪري سائين عظيم سنڌي شڪارپور ۾ ايندي به ڪڏهن ملي نه سگهيو.
    غلام سرور جتوئي صاحب جو سائين عظيم سنڌي کان سواءِ سنڌي اديبن ۾ مانائتي ليکڪا ماهتاب محوب سان سڪ جو سڳو هوندو هو. هوءَ به هن جي هڪ ڀيڻ وانگر وڏو خيال رکندڙ هئي.
    سنڌ جي وڏي ڪهاڻيڪار نسيم احمد کرل وانگر سنڌ جو وڏو مَلهه غلام سرور جتوئي به زمين جي جهيڙي جهٽي ۾، بندوق جي گوليءَ جو نشانو بڻجي ويو. گولي انڌي هوندي آهي، جنهن کي اها خبر ناهي هوندي، ته ڪهڙن دل وارن دلدارن جي دل ۾ ٿي لڳان!

    ***

    سائين عظيم سنڌيءَ جي دڪان تي چانهن ٻانهن پي، ڊاڙان ڊُشا هڻي اُٿياسون. هڪ اڌ گهٽي لتاڙي، ڪهاڻيڪار ظفر ڏانهن آياسون، پر هو گهر ۾ ڪونه هو، اسان پوءِ سٺي شاعر رمضان نوَل جي گهر آياسون. هن جو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد يوسف ۽ فرزند خليل نوَل اوطاق ۾ ويٺا هيا، اسان به ويٺا سون.
    رمضان منهنجو دل گهريو سنگتي هو. نوي جي ڏهاڪي ۾ سپرهاءِ وي تي معمار ڪمپليڪس جي بلاڪ ايف جي فليٽ ۾ رهندڙ هو. ان ڪامپليڪس ۾ انعام شيخ، ڪيهر شوڪت ۽ رزاق سهتو به رهندا هيا. سڏ پنڌ تي پايونيئر بنگلوز ۾ سنڌ جو ڀلوڙ انسان ۽ سٺو شاعر تاجل بيوس رهندو هو. منڊليون مچنديون هيون. دليون نچنديون هيون. کنوڻيون کلنديون هيون. سمنڊَ لهرون ڇُلڪنديون هيون.
    تاجل بيوس وڏو سخي ماڻهو هو. سج لهندي، جوش مليح آباديءَ وانگر،هن جي مڌ جي بوتل مان چنڊ اُڀرندو هو. بوتل کوليندو مس ته هڪ ٻوليءَ جو بگاڙ ڪندڙ ليکڪ اچي ٺڪاءُ ڪندو. ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ مون کي هو ائين لڳندو ڄڻ وات ۾ ڪا ڪوڙي بادامي اچي وڃي. مان مڌ ڪونه پيئان، باقي سگريٽ جو عاشق. سگريٽ جي خوشبو اندر ڪري، دونهون ٻاهر ڪڍي، هن ”لنگهي“ کي ڏسي، سائين تاجل بيوس کان موڪلائي هليو اچان.
    تاجل بيوس صاحب دلبر ماڻهو هو. هو پنهنجي تعريف جو وڏو اُڃايل هوندو هو. ڳائڻي برڪت ڀٽ کي پنهنجي بنگلي ۾ رهائي، هن کان شاعري ڳارائي، جهمريون پائيندو هو. هن جي خدمت ڪري، روڪ ڏوڪڙي ڏي. هن جي شاعريءَ تي مضمون لکندڙ کي، ڪلهن تي چاڙهي گهمائي. مولائي هجي ته مالي مدد به ڪريس.
    شڪارپور جي هڪ ليکڪ کي هن جا ڪتاب گهربا هيا. هو مفت جا ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوقين هو. تاجل بيوس صاحب ڏانهن خط لکيائين ته ”مان تنهنجي شاعريءَ تي پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ چاهيان ٿو. اجازت به ڏيو. ڪتاب به موڪليو.“ دلبر دير ئي نه ڪئي. ٽي.سي.ايس. ۾ ڪتاب موڪليائينس ۽ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو ته ”ٻيلي! شيخ اياز جي شاعريءَ تي پي.ايڇ.ڊي. نه ٿي ٿئي، منهنجيءَ شاعري تي ٿي ٿئي. سنڌ جو وڏو شاعر ته مان ٿيم! تاجل سائينءَ کي اها خبر ئي نه، ته جيڪو ليکڪ پي.ايڇ.ڊي پيو ڪري، سو ته ويچارو بي اي جي، سنڌي واري پيپر ۾ ناپاس ٿيل آهي.
    تاجل بيوس صاحب اعليٰ انسان هو. شاعر به سٺو هو. هن شيخ اياز صاحب جي جوتن ۾ پير وڌا پر جوتا وڏا ٿي پيا.

    ***

    تاجل بيوس صاحب وٽان نڪري رمضان نوَل وٽ ايندم، جتي رزاق سهتو، شان ڏهر، عادل عباسي ۽ حاجي محمد ڪنڀر اچي ويندا ته ڪچهري قائم ٿي ويندي. رمضان جو ننڍو ڀاءُ امان الله نوَل چانهن ٺاهي ايندو.
    حاجي محمد ڪنڀر سڏ پنڌ تي ال آصف اسڪوائر جي هڪ فليٽ ۾ اڪيلو رهندو هو. حاجي صاحب جسم جو ڳؤرو مڙس. ٽئين منزل تان، ڏاڪڻ لهي ته پٺاڻ سمجهندا هيا زلزلي جو جهٽڪو آيو. حاجي محمد ڪنڀر ٿري ماڻهو، بت ۾ ڀريل، قد جو ٺيڪ ٺاڪ، عينڪ پائي، في الحال جو ڪنهن تي ڏاڪا چڙهي وڃي ته ڄڻ اڳلي ڏانهن ٿري ناٽ ٿري گولي آئي. طارق روڊ اي.جي. آفيس ۾ سينئر آڊيٽر هو. رعب وارو حاجي صاحب دل جو ڪنهن هندو ڇوڪريءَ وانگر نرم آهي. اڄ ڪلهه مٺيءَ جي خزاني آفيس ۾ خزاني جي پيٽيءَ مٿان ڪنهن انڪائونٽر ڪندڙ صوبيدار وانگر ويٺو آهي.

    ***

    رمضان نوَل دل ڦينڪ هوندو هو. ڪٿي ڪنهن ڇوڪريءَ مهر واري نظر وڌس ته ست راتيون اُن جي خوابن ۾ گم هوندو. اخبار ”عوامي آواز“ جو ادبي صفحو ”تخليق“ پڻ ڳچ عرصو سهيڙيائين. هو محنت ڪري سٺو ادبي صفحو ڪڍندو هو.
    هڪ ڏينهن هڪ فائيل ۾ پنن جو ٿهو ڏيندي چيائين ” يارَ! هي نثري نظم لکيا اٿم. انهن کي ڏسي به ڏي ۽ ٻه اکر به لکي ڏي ته ڪتاب ڇپايان“ مان يار جو حڪم اکين تي رکيم. فائيل ڪڇ ۾ ڪري، گهر کڻي آِيم.
    مهيني کن ۾ کيس نظم جاچي، ٻه اکر لکي، فائيل ڏنم ته ڏاڍو خوش ٿيو. ستت ئي ”جهيڻي روشني جا نظم“ نالي ڪتاب ڇپرايائين.
    ڪتاب جو سٺو مهورتي پروگرام جبيس هوٽل ۾ٿيو. سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز صاحب صدارت ڪئي هئي. خاص مهمان شاعر رمضان نوَل ۽ اعزازي مهمان طور اسٽيج تي ڪيهر شوڪت، تاجل بيوس ۽ آدرش ويٺل هيا.
    اسٽيج تان شيخ اياز، ڪيهر شوڪت، تاجل بيوس ۽ رمضان نول لهي ڪري، جنت ۾ هليا ويا. اسٽيج تي اڪيلو ويٺل آدرش دوزخ جهڙي ديس ۾ جنت ڏانهن وڃڻ جي ريهرسل ڪري رهيو آهي.

    ***

    رمضان نوَل صاحب ملٽري اڪائونٽس ۾ سينئر آڊيٽر هو. هن مونکي هڪ ڏاڍو سٺو فوجي بوٽ تحفي ۾ ڏنو هو. ڪجهه عرصو پائي رکي ڇڏيم. مينهن جي وسڪاري ۾ بوٽ جو هڪ پادر لڙهي ويو. ٻيو ڇڄهري تي رکيو. مينهن ۾ پسندو آهي.

    ***

    رمضان نوَل کي شگر جي بڇڙي بيماري ٿي پئي. ڏهاڪو ورهيه اڳ، آفيس کان موٽندي آفيس جي دوستن سان اچي رهيو هو. صدر ڏانهن ويندي، هن کي چڪر آيِو، بجليءَ جي ٿنبي کي هٿ ڏئي، سامهون ائمپريس مارڪيٽ کي آخري ڀيرو ڏسي، اهڙيون اکيون ٻوٽيائين جو وري ائمپريس مارڪيٽ جي ٽاور کي ڏسي نه سگهيو.

    ***

    زندگيءَ جي پٽ کوھَ ۾ انسان کان اهو وسري ويندو آهي ته هن کي به ڪو مرڻو آهي. مان زندگيءَ جي هڻ هڻان ۾ سمنڊ ۾ سئيءَ وانگر وڃائجي ويس ۽ رمضان صاحب جي تڏي تي نه وڃي سگهيس. عذر خواهي پراڻي نه ٿيندي آهي. موري آيم ته سندس گهر وڃي چار قل پڙهي، سندس ڀاءُ ڊاڪٽر محمد يوسف ۽ فرزند خليل نوَل سان عذر ڪيم. رهي نانءُ الله جو.

    ***

    اتان اُٿي ٻاهر آياسون ته خليق ٻگهيو، ساحل ڪيريو ۽ خادم بالادي موڪلايو. مان ۽ وزير فرهاد سولنگي کڻي پنڌ کي ڇڪيو. ظفر جي تانگهه هئي. آياسون ته ملي ويو. ظفر عباسي هڪ پنهنجي اسٽائيل جو نه رڳو ڪهاڻيڪار آهي پر منفرد ماڻهو به آهي. هي جديد حسيات جو سٺو ڪهاڻيڪار آهي. هن جو ڪهاڻي ڪتاب ” ڀونءِ مان نڪتل ماڻهو“ ڳچ ورهيه اڳ ڇپيو هو. هن لکڻ گهٽايو آهي. هو سگريٽ پيئندي دنيا کان ڪٽيل ماڻهو نظر آيو. چڱي جهٽ ساڻس رهاڻ ڪري اُٿياسون.
    ناصر مورائي صاحب به هڪ سٺو ڪهاڻيڪار هو. پاڻ اُن مورچي ۾ به هو، جنهن ۾ اديب ون يونٽ جي خلاف ٿي بيٺا هيا. اهو سٺو ڪهاڻيڪار به نقادن کان وسري ويو آهي.
    اسان ٻئي وزير فرهاد جي اوطاق تي آياسون. منجهند ٿي چڪي هئي. ماني کاڌيسون. ماني کائي، مان کٽ تي آهلي پيس. وزير فرهاد سولنگي هڪ سٺو اداڪار هئڻ سان گڏ سٺي آواز جو مالڪ آهي. ڳائڻو به آهي.
    هو گهران وڃي باجو (هارمونيم) کڻي آيو، جيڪو حجم جي وارن ٺاهڻ مهل گراهڪ کي ويڙهڻ جهڙي لٽي ۾ ويڙهيل هو. ڪپڙو کولي، هارمونيم ڪڍيائين ته اُها به صابري قوال کان کسيل نڪتي. هن هارمونيم هلائي، ڳائڻ شروع ڪيو. هارمونيم پوري سکيل ڪونه اٿس، سو سُر اوڀر پيو وڃي ته هن جو نغمو ڏکڻ پيو وڃي. مان کٽ تان اُٿي ٻاهر اُس جي تڙڪي تي اچي بيٺم. اهو سٺو ڪيم نه ته پاڙي وارا سمجهن ها ته همراھ، مهمان کي منجهند جي ماني کارائي مار ٿو ڏئي.
    مان سگريٽ چپن ۾ رکي، لائيٽرکي گهڪو مس ڏنم ته وزير فرهاد اوطاق جي در مان جناح جي ٽوپيءَ جهڙي منڍي ڪڍي چوڻ لڳو: ”ادا! ڪاڏي وئين؟“
    ”ابا! ڪاڏي ويندم؟ اُس جي تڙڪي تي بيٺو آهيان.“
    ”ٻڌ! هاڻي سائين لائق زرداريءَ فون ڪئي ته شام جو اچ، مهمان کي به وٺي اچجانءِ، هلبو نه؟“
    ”ها سائين! ڇو نه هلبو. آيو آهيان ته ليکڪ دوستن سان ته ضرور ملبو ني.“
    محمد لائق زرداري صاحب جو آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ ڇهه ست سال اڳ پڙهيو هيم. سادو ۽ سٺو لکيل هو. مون کي وڻيو هو. ان ۾ هڪ دلچسپ ۽ دل سان لڳڻ جهڙو واقعو هوته:
    موٽر ڪار تي حاڪم علي زرداري، رئيس سائين دادا ۽ مان وڃون پيا ته واٽ تي هڪ اوٺار مليو. پڇيائين ” سائين! توهان ڪير آهيو؟“
    ”اسان زرداري آهيون.“
    ” نه سائين! سچ ٻڌايو ته توهان ڪير آهيو؟“
    همراھ کي اعتبار ئي نه ٿئي. نيٺ پڇيس ” ڀلا زرداري ناهيون ته تون ئي ٻڌاءِ اسان ڪير آهيون؟“
    ”سائين ! توهان خانداني ماڻهو آهيو. باقي زرداري ناهيو.“

    ***

    شام جو سائين محمد لائق زرداري ڏانهن وياسون. هن جي سُلڇڻي پٽ امير عليءَ بنگلي جي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو.
    سائين محمد لائق به آهستي آهستي پدمڻا پير کڻي اچي ويو. وزير فرهاد شيرين کان بچي ويو. گوشت پچي ويو، جو ان مهل امير علي به گوشت ۾ ٺهيل بريانيءَ جو ڊيش کڻي آيو.
    سائين قدرآور آهي. مون کي رٽائرڊ پروفيسر بدران رٽايرڊ ڪڙڪ صوبيدار لڳو. مٿي تي سيءَ ڪري ٽوپي پاتل هيس. ڏاڍو قرب ڏنائين. حالُ احوال ڪندي، مڌم آواز ۾ ائين ڳالهائي رهيو هو ڄڻ ڪو حاذق حڪيم مريضن کان طبيعت پڇندو هجي. نبض ڏيکاريانس ها ته ٻئي ڀاڪر پائي روئي ويهون ها.
    چانهن پيئندي، ٻئي ڏينهن ”نوان جتوئي“ هلڻ جو پروگرام ٺهيو جو اُتان جي شاعر حافظ محمد بخش خاصخيلي جي ورسي هئي.
    رات پنهنجي وک وڌائڻ لڳي ته اسان به واپسيءَ جون وکون کنيون.

    ***

    ٻئي ڏينهن سائين اسان لاءِ روڊ تي ڪار جهليون بيٺو هو. ڀاڪر پائي مليو. ڪار ۾ ويٺاسون. ڪار هن جو کلڻو نينگر امير علي ڏاڍي سليقي سان هلائي رهيو هو. ورسيءَ واري ماڳ تي پهتاسون. سنڌي ادبي سنگت جي عهديدارن آڌرڀاءُ ڪيو. گيڙو ويس ۾ شاعر گدا حسين خاصخيلي به قرب سان مليو. هن کي ڊگهيو گيڙو چولو پاتل هو. مون سمجهيو ته شاعر محترم کي سٿڻ پاتل ناهي ۽ چولي اندر ئي الف انب آهي، پر پاچن تي نظر پئي ته دل جاءِ ٿي.
    گدا حسين خاصخيلي شاعر سٺو آهي. ائٽمي بم جي ڌماڪن مهل هن ڏاڍيون سٺيون سٽون لکيون هيون:

    چاغي ۽ پوکران تي حملو
    الله ۽ ڀڳوان تي حملو

    ***

    نامياري سياستدان رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي ۽ ليکڪ ادريس جتوئيءَ جي ننڍڙي گلاس جيتري شهر نوان جتوئي ۾ حافظ صاحب جي ورسي شروع ٿي. صدارت لاءِ سائين محمد لائق زداري کي لائق سمجهيو ويو. هن کي صدر جو منصب عطا ڪيو ويو. خاص مهمان لاءِ مهر ڊرٻائي نالو کنيو ويو ته پهريون مون سمجهيو ته اهو نالو ڪنهن يوناني کنگهه جي شربت جو نالو آهي، پر پوءِ ڏٺم ته هڪ ٺاهوڪو همراهه اسٽيج تي چڙهي ويو. خبر ناهي شاعر به الائي ڪهڙا ٿا نالا رکن. جيئن ڪنڌڪوٽ جي هڪ شاعر جو نالو ”ارڏو اترادي“ آهي ڄڻ ڪوڏر جو نالو هجي.
    مون کي به عزت ڏنائون ۽ سائين محمد لائق جي ڀر ۾ ويهاريائون. دل چيو سيءُ آهي، وڃي ڪڇ ۾ ويهانس پر پوءِ ويچار آيو ته من! صدر آهي. ڦاهي جو آرڊر رد ڪري سگهي ٿو سو وڃي ڀڪ ۾ ويٺو مانس.
    حافظ محمد بخش خاصخيلي صاحب عوامي لب لهجي جو شاعر هو. قلندر قسم جو ماڻهو هو. هو مشاعرو لٽي وڃڻ وارو شاعر هو.
    حافظ صاحب جي ورسيءَ جو پروگرام سٺي نموني ٿي ڪري، خير خوبيءَ سان پڄاڻيءَ تي پهتو،. منجهند جي مانيءَ ۾ ساڳ به هو سو کائيندي مزو اچي ويو. ماني کائي موري موٽياسون.

    ***

    ٻئي ڏينهن واڪ تان موٽندي، سڙڪ ڪناري تي ڪتو ۽ ڪتي پاڻي ۾ هڪ ٿيل هيا. هڪ همراھ کين سروٽو کڻي هڻڻ تي هو ته، مون روڪيومانس، ”ڪاڪا! ائين ته نه ڪر. ڇو ٿو اهو ظلم ڪرين. ڇو ٿو هنن جو مزو وڃائين؟ ٺيڪيدارن تنهنجو مزو وڃايو آهي ته ان ۾ هنن جو ڪهڙو ڏوھُ؟ ڇو ٿو پنهنجو بدلو هنن مان وٺين؟“ اها ڳالهه هن جي دل سان لڳي، ته سروٽو ڦٽي ڪري، ڦڪي کل کلي هليو ويو.
    مان وزير فرهاد سولنگي جي بنگلي کان اورتي هڪ هوٽل تي چانهن پيئڻ لاءِ ويٺم. صبح ڪنهن جوان مڙس وانگر اچي رهيو هو. هوٽل مالڪ سي.ڊي. پليئر ۾ هڪ مولوي ”نالي مٺي“ جي تقرير هلائي هئي. مان چانهن پيئندي، ان کي ٻڌڻ لڳم. مولوي صاحب صحتمند ۽ اڪيلو مٿي ويٺل ۽ سڄو صندل والاريون ويٺو هو. هن جي تقرير الائي ڇا هئي؟ مون کي سمجهه ۾ نه آئي. ڪئمرا جڏهن جلسي ۾ ويٺلن کي ويجهي کان ڏيکاريو ته اهي تقرير مان بور ٿي رهيا هيا. مولوي صاحب به نفسيات جا ماهر هوندا آهن. هنن جو اهو حال ڏسي، مرڪي چوڻ لڳن: ” ٿڪجي پيا آهيو ڇا؟ صلوات پڙهو.“
    هنن صلوات پڙهڻ شروع ڪئي. مان چانهن جو ڪپ خالي ڪري، هوٽل مان اٿي ماڳ ڏانهن ايندي، مهدي حسن جو گانو گنگنائڻ لڳم.

    گا ميري ديواني دل
    اس دنيا سي ڪيا حاصل!

    ***

    نيرن ڪيم، وزير فرهاد سولنگيءَ کي گهر جي ٺَڪَ ٺُڪَ ڪرائڻي هئي. مان اڪيلو نڪري پيم. ملان جي ڊوڙ مسيت تائين. منهنجي ڊڪ سائين عظيم سنڌيءَ جي هٽ تائين. مليو ته ٻلهارجي ويو. دڪان ڇڏي، مون کي بازار گهمائڻ هليو. هڪ سي.ڊي.شاپ تي، مان فلمي گانن جون ايم.پي.ٿري جاچڻ لڳم. دڪاندار شيخ صاحب هجي. هڪ جا چاليهه روپيا ٻَڌي بيٺو، مون کي ٻه وڻيون، سو کيسي ۾ پئسا ڏيڻ لاءِ هٿ وڌم ته سائين عظيم چيو ” ڇڏ پئسن کي ملي ويس.“ ٻانهن کان ڇڪيائين. وک کنيم ته هٿ هنيم ته پئسا سائين عظيم ڀريا. مون سوچيو، ٻه ڇو کنيم. ٻارهن ڇو نه کنيم.
    بازار ۾ هلڻ سان سائين عظيم کي سلامن جو ٽڙڪو شروع ٿي ويو. مون کي لڳو ڄڻ سائين عظيم ڪو درزي ناهي پر موري جو مورُ شهزادو آهي.
    جوتن جي دڪان تي آياسون. دڪان جو مالڪ ڀيرو مل ”اُداسي“ هو. هنن سان جڏهن سائين عظيم منهنجو تعارف ڪرايو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو، جو هو منهنجو پرستار نڪتو. مون کي جڏهن هن ”عوامي آواز“ ۾ نوٽ بڪ جي ورقن جا حوالا ڏنا ته سچي به مون کي ڄڻ موري ۾ هڪ وڏو ايوارڊ ملي ويو جنهن جو مُلهه ڪا خزاني جي پيٽي به نه ٿي ڪري سگهي. خوشيءَ ۾ ڀيرومل سائين عظيم کي جاگر بوٽ وڏي رعايتي بهار ۾ ڏنو.

    ***

    بازار کان موٽ تي، سائين عظيم سنڌي مون کي دروازو کليل هڪ عمارت اندر وٺي هليو. عمارت جي ٻاهران، عمارت جي اڌ ڀت تائين علي مولا پڪوان سينٽر جي بورڊ جي والارَ هئي. وچ تي هڪ پئنافليڪس بورڊ تي جي. ايم.سيد ۽ بشير قريشيءَ جي فوٽوءَ مٿان ”سونهن سچ آزادي، سنڌ گهري ٿي آزادي“ لکيل هيا. هيٺان لکيل هو. پاران: ڪامريڊ جگديش ڪمار، وشال ڪمار، ڪمليش ڪمار ۽ مهراڻ مورائي.
    اندر آياسون. ٽي تربتون هيون.هڪ پاسي ڪتا پنهنجو پيٽ هلڪو ڪري ويا هيا. هنن جو گونهن سڪي ويو هو. پيشاب جا نشان هيا. ٻئي پاسي هيروئني همراهن جو پاڪيٽن جي ڪلئُين جو ڍڳ لڳو پيو. ڀت جي ڪنڊ ۾ ڀڳل سُلفي ۽ پراڻي صافي پيا هيا.
    اها شهيد عبدالرزاق سومري جي مزار هئي. ٻاهران ڪا نشاني ڪونه هئي جو خبر پئي ته ڪو هي شهيد جي مزار آهي. عجب آهي!؟ منهنجي اکين ۾ ڏک ۽ ڪروڌ جا ڀاوَ اچي ويا. سائين عظيم سنڌيءَ جي اکين ۾ بيوسي هئي. ٻئي ماٺ ڪري، شهيد جي مزار مان ائين نڪتاسون ڄڻ قبرستان ۾ ڪو جنازو دفن ڪري موٽيا هجون.

    ***

    واپس ايندي، اتفاق سان هڪ درزڪي دڪان تي ڪامريڊ جگديش ڪمار ملي ويو، جنهن پئنافليڪس هڻايو هيو. سائين عظيم تعارف ڪرايو. مون کي اندر ۾ باھ هئي سو ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪيم.
    ادا جاتي اهو بورڊ هڻايو ٿي، شهيد جي مزار جي حالت ڏٺي ٿي؟ مون کي ڏسندي روئڻ ۽ شرم آيو. يار! توهان وٽ نمائشي بورڊ لاءِ پئسا آهن. سالگرھ ۽ ورسيءَ تي وڃڻ لاءِ وئگنن لاءِ ڀاڙا اٿوَ، لکين رپيا هونئن وڃايو ٿا. شهيد عبدالرزاق جي مزار جي سارسنڀال ۽ صفائي سٿرائيءَ لاءِ ٽڪو ڪونهيوَ. ٻيلي! ڪجهه خيال ڪيو. خدا کي مڃيو. هان! هي هزار رپيا مان ٿو ڏيانوَ.“
    ائين مان کيسي ۾ هٿ وڌو ته سائين عظيم سنڌيءَ به هزار ڪڍيو، پويان ڪو ڪامريڊ محمد ياسين ملاح به بيٺو هو. اهو وڌي آيو. ٻئي لڄي پيا ٿين. چوڻ لڳا : ”سائين! توهان جي مهرباني ٻه مهينا ڇڏيو. فيبروريءَ ۾ موري ايندئو ته شهيد جي مزار ان حال ۾ نه هوندي.“
    فيبروري مهينو پري ناهي. سامهون بيٺو آهي. پنڌ ۾ آهي. پڄڻ وارو آهي ڏسون! شهيد جي مزار تي ڏيئا ٻرڻ لڳندا يا سلفيءَ جو دونهون مزار جي ڀتين کي ڪارو ڪندو ويندو.

    ***

    سائين عظيم سنڌي کان موڪلائي، وزير ميان ڏانهن وڃڻ لڳم. بازار ٽپي، ريشم گلي کان ٿيندو ميمڻ محلا پڳم. چوسول تي ٻه ٽي غلمان بيٺا هيا. سوچڻ لڳم موري ۾ غلمان نه ملي سگهيا، اهي جنت ۾ شرابن طهورا سان گڏ ضرور ملندا. اتان وڏي سائين راشدي مورائي جي گهر وٽان لانگهائو ٿيم. اوطاق جو دروازو بند هو. راشد ئي نه رهيو ته رهاڻ ڪير ڪري؟ شاعر راشد ڪير سڏائي؟

    ***

    بينظير جي ورسيءَ ڏهاڙي، آچر تي وزير فرهاد سولنگيءَ کان موڪلائي، موري جي ماڻهن جون محبتون ۽ سڪ لٽن واري هڙ ۾ سوگهيون ڪيم. پنهنجي ڳوٺ ويندڙ لاريءَ ۾ چڙهيم. ان جي پويان شيشي تي لکيل هو: ” خير نال آ تي خير نال جا.“

    عوامي آواز سنڊي ميگ 24 جنوري 2016ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو