”جاني نه جاني گل هي نه جاني، باغ تو سارا جاني هي…“ ڊاڪٽر عاصم 9 فيبروري تائين رمانڊ تي نيب حوالي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Salma Naz طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2016۔

  1. Salma Naz

    Salma Naz
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    نيوز ڪاسٽر
    Pakistan Sindhi news جي ذرائع جي مطابق
    [​IMG]

    ڪراچي:اڳوڻي وفاقي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين کي 9 فيبروري تائين نيب جي قبضي ۾ ڏنو ويو، نيب رمانڊ ختم ٿيڻ تي ڊاڪٽر عاصم حسين کي ڪراچي جي نيب ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي کانئس وڌيڪ جاچ جي رپورٽ جمع ڪرائي وئي، ان کانپوءِ عدالت سندس 9 فينروري تائين وڌيڪ رمانڊ ڏنو، ڊاڪٽر عاصم حسين طبيعت خراب هجڻ ڪري عدالتي حڪم تي ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جتي نيب عملدار کانئس پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن، عدالت اڄ سندس پيشي دران ٻڌڻي ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڊاڪٽر عاصم حسين 9 فيبروري تائين نيب جي قبضي ۾ رهندو، اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي اسپتال جي ان وارڊ ۾ وڃڻ نه ڏنو وڃي، جتي هو داخل آهي، عدالت سيڪيورٽِي اهلڪارن کي چيو ته اهي ڊاڪٽر عاصم جي ڪمري ٻاهران رهن، عدالت ڊاڪٽر عاصم جي ڪنهن گهر ڀاتي کي سندس سار سنڀال لاءِ رکڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل جو موقف هو ته کيس ڪا خبر ناهي ته سندس اصيل تي ڪهڙو ڪيس ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي نيب جي وڪيل چيو ته ڊاڪٽر عاصم تي ڪهڙو ڪيس آهي، ان جي سڀني کي خبر آهي،سندس وڪيل عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل پاران ڪيس کان اڻڄاڻائي ڏيکارڻ تي نيب جي وڪيل عدالت ۾ مير تقي مير جو مشهور شعر به پڙهيو ته “ پتا پتا بوٽا بوٽا، حال همارا جاني هي… جاني نه جاني گل هي نه جاني،باغ تو سارا جاني هي….”نيب جي وڪيل پاران اهڙو شعر پڙهڻ تي جج سعيد قريشي چيو ته هو باغ ميڊيا کي چئي رهيو آهي.
    مزيد خبرن لاءِ وزٽ ڪيوsindhi news
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    ٻه ٽي دفعا مان سنڌي نيوز ويب سائيٽ کولي آھي پر شايد اپ ڊيٽ هجڻ جو مسئلو اٿس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو