ھڪ وڇڙي ويل وقت جو نوحو....

'ڪالم' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2016۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ھي ان دور جي ڳالھ آھي جڏھن سنڌ جي نوجوانن جي اکين مان آدرشن جي آڳ نڪرندي ھئي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ پٺيان قاسم جي ڪينٽين تي نوجوان جي ھٿن ۾ ڳاڙھن جلدن وارا ڪتاب ۽ بحثا بحثي جا رنگ الڙ جوانين کي آدرشن جي تڪميل لاءِ بيتاب رکندا ھئا ۽ انھن ئي ڏينھن جي ڳالھ آھي جو آءُ لال بتيءَ جي گيٽ کي الاءِ ڇو گھوريندي گاڏي کاتي وڃي ريڙھن تي پيل سَستن ڪتابن کي اٿلائيندو ھوس ۽ ڪڏھن ته چاھيندي به ڪو ڪتاب خريد ڪري نه سگھندو ھوس جو واپس ڄامشورو رَسَڻ لاءِ ايس آر ٽي سي بس جي ڀاڙي جو مسئلو پيدا ٿي پوندو ھيو. اسان انھن ماڻھن مان نه ھئاسين جيڪي ڀڳل بسن جي ڪراڙن ڪنڊيڪٽرن کي ڪرايو نه ڏيندا ھئا نه ڪي اسان انھن مان ھياسين جي ڪينٽين تي مفت ۾ ماني کائي ڌوٻيءَ کان وڳا استري ڪرائيندا ھئا، اسان کي سيکاريو ويو ھيو ته آدرشن جي تڪميل لاءِ ڪردار پھريون شرط آھي، شايد تڏھن ته اسان جون محبتون به اکين جون سرحدون پار نه ڪري سگھنديون ھيون ۽ اسان کي صرف ٿڌا شوڪارا ئي نصيبن ۾ ھوندا ھيا. ان دور جو به پنھنجو رومانس ۽ پنھنجون وارتائون ھونديون ھيون، ڪينٽين تي دال سان ماني رڳي ان ڪري کائبي ھئي جو پئسا بچائي ڪتاب وٺڻا ھوندا ھئا ۽ پوءِ ڪيئي ڪتاب ورتاسين، پڙھياسين ۽ پڙھاياسين.

    ھاڻ ڪتاب سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪنھن نئين ديس کان آيل اوپرن ماڻھن وانگر ٿي پيا آھن، بحث جو موضوع ھاڻ قومپرستي،جمھوريت، سرمائيداري ۽ سوشل ازم نه پر ڊپارٽمينٽ جي اُھا ڇوڪري بڻجي پئي آھي جيڪا ٽائيٽ جينس جي پينٽ ۽ سنھڙي ڪڙتي سان ڪاريڊورس ۾ اجايا چڪر ڪاٽي ٿي، چاھتون ته اسان واري دور ۾ به ھونديون ھيون پر انھن چاھتن ۾ به ڪنھن ڇوڪري جي جسماني بناوت کان وڌيڪ ان جي آدرشي اڏار ھوندي ھئي ۽ ھا اھڙيون نينگريون به پڙھنديون ھيون جيڪي ڪچھريءَ ۾ ڀٽائي جي بيتن سان محبت جي تشريح ڪنديون ھيون ۽ اھا تشريح رڳي ٻن وجودن جي ميلاپ تائين نه پر ان کان گھڻو اڳتي محبت ۽ انقلاب جي سنگم سان تبديليءَ جي تصور کي حسين بڻائي ڇڏيندي ھئي. مونکي اھا نينگري ياد آھي جيڪا لطيف جو سُر سامونڊي پڙھي وڇوڙي ۽ ميلاپ تي جڏھن ڳالھائيندي ھئي تڏھن اسان سڀ اندر ئي اندر ۾ ان نينگري مٿان عاشق ٿي پوندا ھئاسين ۽ اھو عشق اڄ به وجود جي ڪنھن ڪنڊ مان ائين جھوتُون ڏيندو آھي جو ڄڻ ته ان نينگريءَ کي اڃان تائين ڪو وڻجارو نه مليو ھوندو، دل جي دنيا وٽ وقت جي شايد ڪا به معني نه ٿي ھجي!

    ۽ پوءِ ڪَلَ ئي نه پئي جو گھڻو ڪجھ بدلجي ويو، جن ھٿن ۾ ڪتاب ھوندا ھيا ھاڻ انھن ھٿن ۾ موبائلون آھن، رڳي اھو نه پر ھاڻ ته وارن ۽ ڪپڙن جي ڪٽنگ به انڊين فلمن جي اداڪارن واري ٿي پئي آھي، تبديلي نه ته مِھڻو آھي ۽ نه ئي ڪا خراب ڳالھ ، اِھا تبديلي ارتقا جو حصو ھوندي اڻٽر آھي پر جي تبديلي بجاءِ تباھي ٿئي ۽ اسان جي وجود جو ڪچو گھر پڪو ٿيڻ بجاءِ زمين دوز ٿيڻ لڳي ته پوءِ سنڌ جي وجود مان ھڪ درد ڀري رِيھ ته ضرور نڪرندي ۽ سنڌ ھاڻ پنھنجن نوجوانن جي اَرڪانن تي ريھون ڪري رھي آھي جو جنھن ديس جا آدرش وارَن جي فلمي ڪٽنگ ۾ گم ٿي وڃن ۽ محبتون آدرشن جي مقدس لباس بجاءِ رڳي جنسي بک جو روپ ڌارين توڙي سياست محض دنڌو ٿي وڃي ته پوءِ سنڌ پنھنجي پِيڙا جي دانھن ڪنھن کي ڏئي؟ ۽ ڪنھن کي چوي ته ھاڻ منھنجو اولاد حق موجود ۽ جيئي سنڌ چئي ملڻ بجاءِ ھاءِ، ھيلو چئي ھڪ ٻئي سان ملي ٿو ۽ موبائلن تي ميسيج موڪلي ٿو ۽ سنڌ سوچي ٿي ته ڇا موبائيل تي حق موجود ۽ جيئي سنڌ نه ٿي لکي سگھجي؟ يا پئڪيجن جي دنيا رڳي جنسي ڪچھري جي لاءِ خلقي وئي آھي؟ ڇا پئڪيجن جي ان دنيا مان ڀورو ڀيل جي تذليل ڪيل لاش تي نه ٿو ڳالھائي سگھجي يا وري سنڌ اندر انتھائي تيزيءَ سان وڌندڙ جنون ۽ ڳوٺن تائين پھتل ۽ پڙھائي ويندڙ انتھا پسندي تي ڪچھري نه ٿي ڪري سگھجي؟. سنڌ جنھن جي وجود جي زري زري تي ويرين جا واجھ وڌل آھن، جنھن جي وجود کي ڀوتارڪي جھان چيريندو، ڦاڙيندو فنا ڪري رھيو آھي، جنھن جا لکين ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آھن، جنھن جون 70 سيڪڙو عورتون خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ھوندي روزانه ڪيتريون ئي ويم دوران مري وڃن ٿيون، جنھن ديس وٽ اڻ ڳڻيا وسيلا ھئڻ باوجود ھٿن ۾ ڪشتو آھي ته ان ديس جي نوجوانن وٽ رڳي ٽائيٽ جينس وارا آدرش ھجن ته پوءِ سنڌ رڳي حيران نه پر ريھون ڪرڻ جو به حق رکي ٿي.

    سنڌ به ائين ئي پيڙا ۾ آھي جيئن ٻھراڙيءَ جو ماڻھوءَ اولاد نه ٿيڻ تي پيڙا مان گذرندو رھندو آھي ۽ پنھنجي خاندان جي نشاني پيدا نه ٿيڻ تي پريشان ھوندو آھي ۽ گَھر جون وڏيون، ننھرن کي نڀاڳي ھئڻ جا تعنا ڏينديون آھن، تيئن سنڌ به شايد پريشان آھي ته سندس آدرشي نسل جون مائون سَنڍُ ڇو بڻيو آھن؟ ڇا انھن آدرشي انسان جيڪي سنڌ جي اميد ھئا، ھڪ يقين جھڙو آسرو ھئا، جن جي قلمن ۽ زبانن جي لفظ لفظ مان جياپي جھڙا پَڪَ وارا ٻول ٻڌبا ھئا، جيڪي جذبن کي جَلا بخشيندا ھئا، انھن پنھنجو ڪو به شعوري نسل پوئتي نه ڇڏيو؟ ڇا ھاڻ اھڙو ڪو به استاد پيدا نه ٿيندو جيڪو ڪنھن شاگرد جي پيءُ وٽ پھچي ان کي ھوشيار ڪندو ھيو ته تنھنجو پٽ پڙھائي تي توجھ نه ٿو ڏئي، ان مٿان نظر رکُ! ڇا ھاڻ اسان جا ادارا اھڙا پروفيسر پيدا نه ڪندا جيڪي شاگردن جا صوبيدار نه پر يار ھوندا ھئا، ڪالھ جي ته ڳالھ آھي جو فلاسافيءَ جو سر جاويد ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڏاھپ تي ڳالھائيندو ھيو ۽ سندس ڪمري تي به شاگردن جا بي رحم سوال ميڙو مچايو ويٺا ھوندا ھئا، ھاڻ ته پروفيسر جيجي خيري( پروفيسر خيرالنساءِ جعفري) به نه رھي آھي جا پَن جي ٻيڙي دکائي ڇوڪرن کي چوندي ھئي ته “ ڇورا مون تي عاشق ٿيا آھيو ڇا؟ خبر اٿم ته انسان جو وڏو مسئلو پيٽُ ۽ پيٽَ کان ٿورو ھيٺ آھي”، ۽ جيجي خيريءَ جي ڪلاس جا ڇوڪرا انتظار ڪندا ھيا، سچ به اُھو ھڪ خوبصورت منظر ھوندو ھيو، نفسيات جي پروفيسر جا سمجھندي ھئي جوانين جي نفسيات کي ۽ ان وقت شاگردن جو پنھنجي استاد کان خوف به ھڪ حسين خوف ھوندو ھيو، ھڪ اھڙو ڀوء جيڪو ماءُ ۽ پيءُ کان ٿيندو آھي.......

    ۽ ھاڻ! تعليمي ادارا ته ڇا پر سنڌ به خود سنڌيءَ جي “ماٺ ڀلي” واري پھاڪي جھڙي بڻجي پئي آھي ۽ اسان سڀ ماٺ جي مصلحتن جي اڏيءَ تي ڪُسجي رھيا آھيون ۽ ڪو به حليم بروھي نه رھيو آھي جيڪو ڪنھن جي به پرواھ کان سواءِ اھڙو سچ ڳالھائي ۽ ڏاھپ جي اڏار لاءِ اھڙا ڏَسَ ڏئي جو اسان مان ھر سمجھ ڀريو پنھنجي اندر ۾ حليم بروھي ٿي ھَلي، تڏھن ته سنڌ سوچي ٿي ته ھي ڪھڙي جديديت آھي جنھن منھنجي روح جو ساھ ئي منجھائي ڇڏيو آھي. sindhi_chandio@hotmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    طاقت جي تھذيب سيکاريندڙ شير مير بحر.

    غلام رسول چانڊيو


    اسان اونداھين جي دور ۾ ائين داخل ٿي رھيا آھيون جو ڄڻ ته اسان جي اکين کي ڪنھن چُلِھ ڪري ڇڏيو ھجي ۽ ڪنھن لٺ جي سھاري ان روڊ تي ھڪ مبھم اميد ساڻ ٽِڪ ٽِڪ ڪندا ھلي رھيا آھيون جنھن روڊ جو ڇيڙو ھڪ تمام وڏي اونھي کاھيءَ تي دنگ ڪري ٿو. جي ھاڻ به ڪنھن اکيون کولي اسان اَنڌن کي ان کاھي ڏانھن ويندڙ پنڌ کان نه روڪيو ته پوءِ پاتالن ۾ وڃي بس رڳي ڪنھن ڪتاب جي قصي جو ھڪ مختصر باب بڻجي وينداسين. جڏھن اسان تاريخ جي دَزَ ۾ وڏن ھاڃَن ۽ عظمتن جي اھڃاڻن کي ئي لَٽي ڇڏيو آھي ته پوءِ اتي اسان کي ھوڪِريا ڪڍائي ڇڏيندڙ شير ميربحر ڇو ياد ھوندو ۽ ڇو اسان اھا تحقيق ڪنداسين ته مَلھ راند ڪڏھن، ڪٿان ۽ ڪھڙي ديس ۾ شروع ٿي؟ اسان وٽ سوال ئي نه رھيا آھن ته جواب ڪٿان ايندا؟ اسين جي لاتعلقيءَ جي پنڌ جا راھي بڻيا آھيون سي ڪيئن ياد ڪنداسين ته شير ميربحر جنھن پنھنجي جانٺَن جي ھاڪَ ڪڍائي ھئي، جنھن جي سَندري جي سَٽ سان ڌِنڱَ مڙسن جون رڙيون نڪري وينديو ھيون، جنھن کان سواءِ ميڙن ۾ ملاکڙو شروع ئي نه ٿيندو ھيو ۽ جو پنھنجي داءَ سان ٻانھِيُن ۾ ھوڪريا مچرائي ڇڏيندو ھيو ۽ سندس اکر/ داءَ سان جڏھن مڙش دَسبا ھئا ته ڍَڪِرجي ويندا ھئا ان شير جي ياد يا ان جي فن تي اسان تحقيق ان ڪري به نه ڪنداسين جو اسان جي تحقيق جي ساھِمي جا ٻئي پُڙَ ڪوئي ڀڃي ڀور ڪري ويو آھي ۽ اسان جي ادارن وٽ به شير ميربحر ان ڪري ايجنڊا تي نه آھي جو شير تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ سان اسان کي ڪھڙو وڏو عھدو ملندو؟.

    اسان جن زندگيءَ جي راند کي ئي نه سمجھيو آھي ته انھن کي ڪھڙي خبر ته شير ميربحر جا راند کيڏندو ھيو اھا راند ان مھذب طاقت ۽ جنگ جو اظھار ھئي جنھن مھذب جنگ جا بنياد سنڌو ماٿري جي رَقصان تھذيب جي پيرن ۾ ٻڌل اھا ڇيرِ آھي جنھن ۾ طاقت پنھنجن سڀن انگن اکرن سان دَسي به ٿي ته دسجي به ٿي، پاڻ موئن جي دڙي جي ڳالھ نه به کڻي ڪريون پر جي رُڳي عطا محمد بنڀري سان ٻه گھڙيون گھاريون ته اسان کي اھو پتو پئجي سگھي ٿو ته سنڌو ماٿري رڳي موھن جي دڙي جي ميسارجندڙ نشانن جو نالو نه آھي، ھن دنيا جي عظيم تھذيب جا نشان ھزارين ميلن تي پکڙيل ھوندي، ھاڻ نون ٺھي پيل ملڪن جي سرحدن جي ڪنڊيدار تارن ۾ قيد آھن ۽ ان تاريخ جي بندي خانن جو ھڪ محبوب قيدي شير ميربحر به آھي جنھن تاريخ جي لشڪر ڪشين، بي داد نگرين ۽ بادشاھن طرفان پھلوانن کي ويڙھائي خون ڪرائڻ واري بي ھودا دنڌي کي تھذيب جي طاقت جو ادراڪ ڏنو ھيو، اسان شير ميربحر کي 60ع واري ڏھاڪي کان پوءِ جو جيڪڏھن ملھ سمجھي رھيا آھيون ته اسان غلط آھيون جو ھي شير جنھن قبيلي سان واسطو رکي ٿو اھو قبيلو بحرن جو بادشاھ رھيو آھي ۽ جي تاريخ جي دَز چڙھي ويل پنن کي ڇنڊي ڦوڪي ڪجھ ڳولجي ته اھا ڳالھ بھرحال لڀي پوندي ته مير بحر اڄ کان 12 ھزار سالن کان به گھڻو اڳ جھاز رانيءَ جو فن ڄاڻندا ھئا ۽ ھي اھو دور ھيو جڏھن دنيا کي بدن ڍڪڻ جي به خبر نه ھئي سو شير ميربحر کي ھڪ دور ۾ قيد ان ڪري به نه ٿو ڪري سگھجي جو شير ھڪ اھڙي ڪردار جو نالو آھي جيڪو مرندو نه آھي ائين جيئن موھن جي دڙي جي ناچڻي ته اسان وٽ نه آھي پر رقص کي ھزارين سالن کان پوءِ به ڪو شھيد نه ڪري سگھيو آھي، تنھنڪري پاڻ اھو ڇو سمجھون ته شير ميربحر مري ويو آھي، مئا ته اسين آھيون، مري ته اسان جو قلم ويو آھي، مُيون اسان جون اکيون آھن ۽ قَضيو ته اسان جي ضمير جو ٿيو آھي جو مولائي ملاح کي شير جھڙي دلبر تي لکڻ لاءِ به اسان کي مھينا منٿون ڪرڻيون پيون، ڪتاب موڪلڻا پيا ۽ فونون ڪرڻيون پيون.

    اسان اھو ڇو چئون ته ھي ملاکڙو اسان وٽ ڦلاڻي ملڪ کان آيو ۽ ملھ رڳي راند آھي جا ٻن پھلوانن جي وچ ۾ کيڏي وڃي ٿي؟ ھي رڳي راند نه آھي نه ئي تفريح جو سامان نڪو جنگي جنون جي ڪنڌ ۾ ڪات وھائي ڪڍندڙ ھي راند ڪنھن ٻئي ھنڌان آئي آھي، سنڌو ماٿريءَ جي لوڪن وٽ ٻئي ھندان رڳي وحشتون ئي اينديون رھيون آھن ۽ موٽ ۾ انھن وحشتن جي جھولين ۾ سنڌوءَ جي لوڪن مھذپڻي جا گل وجھي کين موٽايو آھي سو ھي راند اسان جي راند آھي، سنڌو ماٿريءَ جي راند آھي، وحشتن جي وات ۾ آڇيل ان تھذيب جي راند آھي جنھن ۾ طاقت جو مھذب اظھار سيکاريل آھي ۽ جي پاڻ تاريخ ڇا آھي؟ واري رڳي سوال کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته تاريخ جو روپ رڳي ماضيءَ جي قِصا گوئي نه پر انھن وحشتن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ انھن ڪردارن جي قصن جو نانءُ به تاريخ آھي جن انسانيت جي محبوب چھري تان رت اگھيو آھي ۽ کين ٻڌايو آھي ته “ جي اوھان کي طاقت جو اظھار ڪرڻو ئي آھي ته چيريندڙ چنبن سان چھري کي رتو رت ڪرڻ بجاءِ انھن ھٿن کي پھريان چيلھ ۾ ٻڌل سندرن ۾ کُپايو ۽ پوءِ ڳل کي ڳل سان ملائي طاقت جو اُھو مھذب اظھار ڪريو جنھن سان ھارائڻ ۽ کٽڻ تي به دھل ۽ شرنايون وڄن ۽ پھرين جي تون کٽين ته پوئين جو موقعو ھن کي به ملي ۽ ميدان تي نچندو ڪُڏندو وڃي انعام وٺي، نه ڪي سندس رت ۾ لت پت لاش ليٿڙيون پائيندو رھي” ۽ اھڙي تھذيب ته بس ڪائنات جي وجود ۾ رقصان سنڌ ئي سيکاري سگھي ٿي ۽ جي ٻين تھذيبن جي ڳالھ ڪن ٿا ته انھن تھذيبن جي پھرين وک به سنڌ وٽان ئي کڄي دنيا جا پنڌ ڪيا ھئائين، تنھنڪري جي پاڻ اھو چئون ته ملھ راند جي تاريخ سنڌ جي تاريخ جو محبوب باب آھي تڏھن به غلط نه ھونداسين.

    ان ڪري پاڻ جي شير ميربحر کي طاقت جي وحشتن کي فن ۽ تھذيب ۾ پوئيندڙ اڻ ٿڪ مسافر جو نانءُ ڏيون ۽ جي پاڻ شير کي سنڌ جي ميسارجندڙ مشغلن جو محافظ سڏيون، پر جي پاڻ شير کي سنڌ جي سموري سونھن جو عاشق سڏيون ته اھو ان ڪري به غلط نه ھوندو جو شير پنھنجي جسماني حياتيءَ ۾ اھو سمجھي ورتو ھيو ته سنڌ ڏانھن وحشي طاقتون انتھا پسندي سميت مختلف شڪلين ۾ ڌوڪينديون پيون اچن ۽ جنرل ضيا واري سنڌ مٿان لشڪر ڪشي به ته شير ڏٺي ھئي تڏھن شايد ھن سياست کي سياستدانن حوالي ڪري پاڻ طاقت جي تھذيب جي حفاظت جو ذِمو کنيو ھيو ۽ آخر تائين ھن اھو مورچو سنڀاليندي سنڌ کان موڪلائي، ڌرتيءَ کان بي مياري ٿيندي وڃي ان مٽيءَ سان مليو جنھن جي ڊُسِڙ ھن ڪڏھن پنھنجن جانٺن سان اڏائي ھئي ۽ ان ڊسڙ تي پنھنجي معصوميت جون پھريون وکون به کنيون ھيون.

    ھتي شير مير بحر لاءِ سرڪار کان ڪنھن مطالبي جي ضرورت ان ڪري به نه ٿو محسوس ڪريان جو اسان جي حڪومتن ۾ ويٺل وزيرن وٽ طاقت جي تھذيب جو ڪھڙو ادراڪ آھي ۽ ھونئن به جي اڪيلو مولائي ملاح شير تي ٻه ڪتاب آڻي سگھي ٿو ته پوءِ ڇا سنڌ شير ۽ شير جھڙن معتبر ڪردارن جي حفاظت نه ٿي ڪري سگھي؟ بلڪل ڪري سگھي ٿي جي سنڌ اندر مولائي ملاح جھڙا ڪردار زندھ آھن ۽ يقين ڪرڻ کپي ته جيئن تاريخ ۾ سنڌ جي گُھگُھ اونداھِيُن مان روشن سج اڀرندا رھيا آھن تيئن سنڌ مٿان ھڪ دفعو وري ڪڏھن به نه لھڻ لاءِ اڇو اجرو سج ضرور اڀرندو ۽ پوءِ ڪو به شير مير بحر ويسارن جي ڪوھيڙن ۾ غائب نه ٿيندو.Sindhi_chandio@hotmail.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    اَلو مِيان...........

    غلام رسول چانڊيو

    ھڪ بد نيت دور اسان جي ڳاٽي ۾ اچي پيو آھي، جتي چھرن پٺيان چھرا اسان جي تقديرن ۽ تدبيرن جو واڳون ڇِڪي رھيا آھن ۽ اسان ڌرتيءَ تي گونگن جو ڪو نئون نسل پيدا ٿي، اِئين ھلي رھيا آھيون جو ڄڻ ته اھي چھرا اسان کي نيون زبانون ڏيئي، سيني ۾ سانڍيل صدين جون ريھُون، تاريخ جي چھري تي ڦھڪائي ڪڍڻ جو موقعو وٺي ڏيندا! عجب ستم ظريفي آھي اسان ماڻھن سان جو پَنھنجَن ۽ پراون ۾ فرق ڪرڻ لاءِ اسان جون اکيون چُلھِ ڪيون ويون آھن ۽ اسان جي ھلي رھيا آھيون ھُجومن ۾، تِن کي اھا ڪل ئي ناھي ته ڪير پنھنجو ۽ ڪير پرائو!.

    اسان جي صدين کان سَوين بيمارين جي بار ھيٺ، سَھڪندي جيِ رھيا آھيون، اُنھن کي اڄ تائين ڪو اھڙو ويڄُ نه مليو جو اسان جي گُھٽيل، چيِڀاٽيل ۽ سَنگسار ڪيل ريھُن جو درمان ٿئي! ۽ جي ڪو مليو ته وري اسان سچ جي سوُنھن کان نابين بڻيل ۽ بي اعتباريءَ جي گھوڙي تي سوار ھوندي، سچ کي سمجھڻ وارن سمورن حواسن کي گَھرِي ننڊ سُمھاريندا رھياسين، نتيجي ۾ وقت اسان سان ويڌن ڪندي ڪندي اڄ ان ماڳ تي اچي پھچايو آھي جو اسان فنا ٿيڻ جي آخري سرحد تي اچي پھتا آھيون ۽ جڏھن پوئتي لوڻو ھڻون ٿا ته چَپي چپي تي اسان جي ذلتن جا لاش ڌَپ ڪري رھيا آھن ۽ تاريخ جون ڳِجھون اسان جي بي سمجھ لاشن مٿان لامارا ڏيئي رھيون آھن.

    ائين به ناھي ته اسان جي عظتن جي ڪا به تاريخ نه آھي، اسان وڙھيا آھيون، ڦَٽيا آھيون ۽ لَھو لَھان ٿي، چِنگھندي ۽ ڪُرڪندي پنھنجي چھري تان رتُ اگھيو اٿئون ۽ وري وڙھيا آھيون، پر سدائين الاءِ ڇو ائين ٿيو آھي جو منزل کان ٿورو اورتي، اسان جي سالارن بنھ سستي اگھ تي اسانجي رت ۽ لاشن کي وڪيو آھي. ڀلي ڪوئي مڃي يا نه پر اسان احتجاجن کان وٺي احساسن تائين ۽ اسان جي عشق کان وٺي اذيتن تائين ھر تڙپَ، تانگھَ، تحرير ۽ تحريڪ جي بنھ سستي اگھ واري پِڙي لڳي آھي. جي ڀلا ائين ناھي ته پوءِ اڄ تائين اسان جي مھذب مزاحمتن جا نتيجا ڇو نه مليا آھن؟ جي ڪو دل ۾ ڪري ته ڀلي پر سنڌ کي اھو سوچڻ جو حق ملڻ کپي ته آخر ھن ديس جو درد ايترو سستو ڇو ٿي ويو آھي ۽ ھن ديس جا سالارَ ايترا امير ڪيئن بڻيا آھن!؟ پر ھن ديس کي سوچڻ جو حق مليو ئي ڪٿي آھي!! جي سوچڻ جو حق ھن معصوم ديس کي ملي ھا ته اڄ اسان جي اذيتن جا چِڪنا چُورُ ٿيل وجود ڪنھن عظيم طاقت ۾ تبديل ٿي، ھڪ اھڙي سماج جي اڏاوت ڪن ھا جتي ڪنھن معصوم ٻار جي مُرڪن جو موت نه اچي ھا، ڪا نياڻي سنڱ چٽيءَ طور سڄي حياتيءَ جون ذلتون نه ڀوڳي ھا، نوجوانَ بيروزگاريءَ کان تنگ اچي پنھنجن مڙني محبتن سميت خودڪُشيون نه ڪن ھا ۽ ڪا به ماءُ پنھنجي ٻار کي پريس ڪلب اڳيان کڻي اچي پنھنجي مامتا، جگر جي ٽُڪري لاءِ ڪيل اوجاڳن ۽ اڌَ رات جو “بسم الله چوانءِ” جي وڪڻڻ جا ڳوڙھڻ سان وھنجاريل ھوڪا نه ڏئي ھا!!.

    اڄ جڏھن جديد دنيا ڪنھن جانور جي بيمار ٿيڻ تي پريشان ٿي وڃي ٿي ، تڏھن ڇا تاريخ ھن ديس کي ڪچيءَ گار جھڙي ميار نه ڏيئي رھي آھي ته ھن ديس جون ڪيئي عورتون روزانه ويم دوران زندگيءَ تان ھٿ ڌوئي ويھن ٿيون، ھن شاھوڪار ڌرتيءَ جا ھزارين ٻار روزانه معصوم ھٿن ۾ ڪتاب کڻڻ بجاءِ، اُھي ئي معصوم ھٿ پنڻ لاءِ ڦھلائين ٿا ۽ ڳوٺن جون اذيتون ته اڃان به وڍ وجھن ٿيون، جتي ڀوتارڪي باھ سڀ ڪجھ ساڙي بسم ڪري ڇڏيو آھي، ڳوٺ جتي حُسن لِڪي ساھ کڻي ٿو ۽ بانبڙا ڏيندڙ نياڻي جوان ٿيڻ کان ڊڄي ٿي، جتي ٻارڙا ڀوتار جي گاڏي پويان ڊوڙڻ واري مزي وٺڻ واري حسرت جو قتل ٿيندي ڏسن ٿا ۽ آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ بنگلي تي ڀوتار کان سواءِ سڀئي پوڙھا پَڪا پَٽَ تي ويٺل ھجن ٿا تڏھن 21 صدي اسان تي چَٿَرُن سان گڏ حيرتزده به ٿئي ٿي ۽ اِن صديءَ کي اِھو ارمان به ٿئي ٿو ته ھن ڌرتيءَ جي گولي تي ھڪ اھڙو به ديس آھي، جتي حُسن قيدي ھوندي وحشتن جو شڪار آھي، جتي جيئڻ جي پل پل جي خيرات گھُري وڃي ٿي ۽ جتي ماڻھو ۽ جانور ساڳي ڳالھ آھن، بلڪه ڪن معاملن ۾ ڪُتا لينڊ ڪُروزرن ۾ گُھمن ٿا ۽ انسانن لاءِ ڀَڳل ٽُٽَل بَسوُن ۽ سوزوڪيون به ميسر نه آھن!.

    21 صدي حيران ٿئي به ڇو نه!؟ وسيلن سان مالا مال ھن ڌرتيءَ جا 70 سيڪڙو ماڻھو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ھجن، اسڪول ته ھجن پر پڙھائي سَنگسار ٿيندي ھجي، اسپتالون ته ھجن پر اُتي زندگي بجاءِ موت آجيان ڪندو ھجي، سيڪيورٽي ادارا ته ھجن پر امن جو ٽُڪر ٽڪر ٿيل لاش وکريو پيو ھجي ۽ انصاف لاءِ وار اڇا ٿي ويندا ھجن ۽ جتي قيد خانه اصلاح بجاءِ ڏوھن ڪرڻ جا گُر سيکاريندا ھجن، اُتي 21 صديءَ کي حيران ٿيڻ جو پورو پورو حق آھي ۽ حق آھي 21 صديءَ جي جَديديت کي ته ھوءَ اسان جي مدد ڪرڻ بجاءِ، اسان تي ٺَٺولِيُون ڪري جو اسان نه ته ڪنھن مدد ڪرڻ جي لائق آھيون ۽ نه ئي اسان مدد گُھرڻ جي پاڻ ۾ صلاحيت ۽ اھليت پيدا ڪئي آھي. ذلتن سان اسان کي پيار ٿي ويو آھي ۽ وحشتن اڳيان اسان پنھنجو پاڻ کي کاڄ بڻائي اُڇلي ڇڏيو آھي. تبديلي ڄڻ ته اسان لاءِ ڪچي گار مثل ٿي پئي آھي ۽ اسان تاريخ جون ذلتون ۽ گاريوُن سَھندي سھندي ھاڻ غلاميءَ جا ھيروئني عادي بڻجي چڪا آھيون.

    ھن قوم کي ڪجھ اِئين بڻايو ويو آھي، جيئن ڪو قيدي پھريون دفعو زِندانَ ۾ ويندي گھٻرائيندو آھي ۽ نيٺ قيد جو عادي بڻجي ويندو آھي ۽ وڏي خوشيءَ سان عمر قيد جي سزا ڀوڳيندو رھندو آھي، صدين کان ذلتن جا بار کڻي کڻي ھاڻ ھيءَ قوم پنھنجن سڀن اُميدن جو قتل ڪري چڪي آھي ۽ اُن لاش تي صدين تي مُحيط اوڇگاروُن ۽ ماتم جو سلسلو جاري آھي ۽ نه ڄاڻ اھو سلسلو ڪيستائين جاري رھندو جو ھن قوم جي مِڙني اميدن جي سَلَن کي اُڀرڻ کان اڳ ئي وحشي کُڙين سان چِٿيو ۽ چَٻاڙِيو ويو آھي ۽ مٿان وري رھزني اھا جو اڄ تائين اسان جي اميدن جي شھيد ڪيل سَلن جو ڪو داد فرياد ئي نه ٿيو آھي، تنھنڪري ھاڻ ھن قوم في الحال تبديليءَ جا ٻج پوکڻ ئي ڇڏي ڏنا آھن يا وري آءُ غلط آھيان! ٿي سگھي ٿو ته ھي قوم ھاڻ سڀ ڪنھن جي ميار لاھي ھڪ اھڙو خواب ڏسي رھي آھي جنھن جي ساڀيان اڳيان ڪو به بند ٻڌي نه سگھبو.

    ھا اھو سچ آھي ته قومون سدائين بزدل ۽ بھادر نه ٿينديون آھن جو فلاسافرن چواڻي ته قومون پنھنجي ارتقا جي تڪميل ڏانھن سفر ڪندي، لاڳيتين عادتن کان بيزار ٿي، ڪڏھن ڀڙڪو ڏيئي اٿنديون آھن، تڏھن پنھنجي تذليل جي پَل پل جو حساب وٺنديون آھن. اھو سچ انھيءَ ڪري به آھي جو دنيا جي نقشي تي اڄ جون جديد ترين قومون، پنھنجي ماضيءَ ۾ سنڌي قوم کان به وڌيڪ ذلتن جا بار کڻنديون رھيون آھن، پر اڄ اھي انساني آزادين، وقار، جياپي ۽ ترقيءَ جي عظيم اَلَم سان دنيا جي سرواڻي ڪري رھيون آھن. تنھنڪري سنڌي قوم جي مايوسي ۽ غلاميءَ سان پيار ڪرڻ واري عادت کي بھر حال اھو سمجھي وٺڻ گھرجي ته ڏاھپ جي دنيا ۾ شيون سدائين ساڳيون نه رھنديون آھن ۽ مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرنديون رھنديون آھن انڪري سنڌ جي سوُنھن، سچائي، مھانتا ۽ معتبر تاريخ کي سدائين لاءِ قيدي بنائي رکجي، اھو بھرحال ممڪن نه آھي ۽ اھو ڪيئن ممڪن آھي ته چند ڪردارن جي ڪري ڪا قوم ئي فنا ٿي وڃي؟ اھا ڳالھ ان ڪري به سچ باسي ٿي جو اڄوڪي دور ۾ ڀوتارن جي بنگلن ۾ جو راڪاس گُھميو آھي سو ڀلي کڻي ٻيو ڪجھ نه ڪري پر ھڪڙي ڳالھ ته ھن معصوم قوم کي سمجھ ۾ ايندي ته “اسان جا اڳواڻ سياسي ايمان کان خالي ھوندي اسان جي رت تي محل اڏيندا رھيا آھن”.

    اڄ جو زبانن سچ چوڻ ڇڏي ڏنو آھي ۽ اکيون حقيقت جي راھ پسڻ کان اوجھَل آھن ۽ سوچڻ، سمجھڻ ۽ ڪرڻ واري صحرا تي ڪا ڪَڪري نه پئي وسي، مزاحمتون ۽ معرڪا جي سُتل آھن، حسن ۽ عاشقي جا ھيسيل آھي، سالار ۽ سپاھي جي اگھوُر ننڊ ۾ آھن ته ان جو مقصد ڇو وٺجي ته سنڌ سدائين ائين صحرائن ۾ اڃ وِگھي مرندي رھندي؟ ھي ته وقت جو وير آھي، جو اسان جي سوچن ۽ سمجھ تي سوار آھي پر جڏھن اسان ڏنگي گھوڙي وانگر ان ويري وقت کي ڪيرائي وڌو ته پوءِ سنڌ اھا ساڳي نه رھندي، جا اڄ پَسجي رھي آھي ۽ بدلجي ويندو گھڻو ڪجھ جنھن ۾ ڪا نياڻي جوان ٿيڻ کان نه ڊڄندي ۽ ڪو اھڙو بنگلو ئي نه رھندو جتي علي بخش ۽ منٺار ڀوتار اڳيان پَٽ تي ويھندا.

    ھا اھا رڳي ڳالھ ۽ روايت نه آھي ته “ مايوسي ڪفر آھي”، پر اھو تاريخ جو ڪڙو سچ آھي ته مايوسين ڪڏھن به معصوم ٻار جي مُرڪن کي ناھي موٽايو نه ئي مايوسي ڪڏھن حُسن جي حفاظت ڪئي آھينه ڪو مايوسين قومن کي تقديرُن ۽ عظمتن جي بلندين تي پھچايو آھي، انھيءَ ڪري سنڌي قوم کي موھن جي دڙي جي اسٽوپا جي عَظمتن، مڪليءَ جي مھانتا ۽ ڪارُونجھر جي اوچاين جي حفاظت لاءِ مايوسين جي اَجھاڳ ڪُنَ مان نڪرڻو پوندو ۽ ھيءَ قوم انھيءَ پاتال مان ضرور نڪرندي جو سندس تاريخ دنيا جي ڪيترن قومن کان وڌيڪ شاندار رھي آھي.

    ۽ اھو ممڪن ئي ناھي جو ھيءَ قوم مڪليءَ جي لاشن کي چوري ٿيڻ ڏئي ۽ موھن جي اسٽوپا کي ڪوئي ڪلھي تي کڻي وڃي پوءِ به ھيءَ قوم خاموش ويٺي ھجي. بھرحال ھن تصوفي قوم جو وجدان دنيا ڏسي چڪي آھي۽ تاريخ کي به پتو آھي ته ھن قوم وٽ جيتري برداشت آھي ان کان وڌيڪ مزاحمت…. سو ھي قوم جنھن وٽ امن جي طاقت جا انبار آھن ان قوم جي امن جي طاقت کي وقت جا ويري ڏسيو ويٺا آھن ۽ ان امن جي طاقت کي شھيد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندا رھيا آھن پر کين ڇا ڦَٻيو آھي؟ سواءِ ان جي ته اسان پنھنجن جھولين ۾ امن جي سفيرن جا لاش کڻي وري امن جي نئين پنڌ جا راھي ٿيا آھيون ۽ اسان جو اھو سفر ايستائين جاري رھندو جيستائين ڀٽ جي تنبوري جي تارُن کي ڪا معني نه ٿي ملي ۽ اسان کي پڪ آھي ته ڀٽ تي لاڳيتا الو ميان جا آواز ڪير به فنا نه ٿو ڪري سگھي ۽ ھڪ ڏينھن ان الو ميان جي مامَ دنيا کي سمجھ ۾ اچي ويندي ۽ سنڌ کي اھا به پڪ آھي ته دنيا جڏھن پنھنجن وحشتن جي انتھائن جو مئل لاش ڏسندي تڏھن خود الو ميان بڻجي سنڌ جي سرواڻ ھجڻ جو اعلان ڪندي. sindhi_chandio@hotmail.com

    Published in daily Koshish Hyderabad.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    هڪ انوکي نانءَ واري شهر جي تاريخ...

    غلام رسول چانڊيو[​IMG]

    سنڌو ماٿري تهذيبي ۽ تمدني لحاظ کان مصري، يوناني، بابلي، ڪلداني ۽ سميري تهذيبن کان ڪنهن به ريت گهٽ نه آهي. نديون ۽ درياءَ ڪائناتي خوبصورتيءَ جا امين پئي رهيا آهن. رگويد ۽ مذهبي ڪتابن جا ورق اٿلائبا ته انهن ۾ دجله ، فرات، نيل ۽ سنڌو نديءَ جو ذڪر وڏي احترام سان ملندو، ڇاڪاڻ ته انهن ندين جي ڪنارن ۽ وڏين ڇاڙن جي ڪنڌين سان تهذيب جي ڪيترن خوبصورت شهرن ۽ ڳوٺن جو جنم ٿيو آهي، تنهنڪري ندين کي تهذيبن جي ماءُ سڏجي تڏهن به غلط نه ٿيندو.

    سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي چند وڏين تهذيبن مان هڪ آهي جنهن تاريخ جي مختلف دورن ۾ هزارين ڳوٺن ۽ شهرن کي جنم ڏنو آهي. جن مان ڪيترا ڳوٺ ۽ شهر سنڌو نديءَ جي ئي ڇڙواڳ وهڪرن جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿيندا رهيا آهن ته وري ٻئي طرف وهڪرن جي تبديليءَ سبب ڪيئي شاندار شهر به سنڌو ندي اڏيندي رهي آهي. انهن هزارين شهرن مان هڪ انوکي نانءَ وارو شهر “هوسڙي” به آهي.

    هوسڙيءَ تي اهو نالو ڪينئن پيو؟ ۽ هوسڙي شهر جا بنياد ڪڏهن ۽ ڪنهن وڌا؟ ان لاءِ ڏندڪٿائن ۽ تاريخي ڪتابن ۾ ٽوڻن ۽ ڌُڪن کانسواءِ ڪجهه به نه ٿو ملي. توڙي جو مظهر شاهه جهاني کان ويندي نامياري محقق مولائي شيدائي صاحب هوسڙي شهر جو ذڪر ڪيو آهي، پر پوءِ به چٽيءَ طرح هوسڙيءَ شهر جي بڻ بڻياد جو پتو نه ٿو پوي. تنهنڪري سواءِ ڏندڪٿائي ڳالهين تي ڀاڙڻ جي ٻيو ڪو به ڳِٿو ڪونهي. هونئن به اسان سنڌ جي تاريخ سان بي واجبين ۾ ڪهڙي ڪسر ڇڏي آهي!؟ 613 هجري ءَ جي “چچ نامي” کان “تاريخ معصومي” 1009 هجريءَ تائين ساڍن چئن صدين جي سنڌ جي تاريخ گُگهه اونداهيءَ جي ور چڙهيل آهي. اهڙي انياءَ کانپوءِ رڳي هوسڙي شهر جي تاريخ ته ڇا پر سنڌ جي صدين تي محيط سفر واري رڪارڊ جي ايف آءِ آر ڪنهن تي ڪٽائجي؟ سو مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ” کانسواءِ ٻيو ڪهڙو دڳ بچي ٿو.

    هوسڙي شهر وڃڻ لاءِ، حيدرآباد کان بدين وارو رستو وٺبو ته 7 ڪلوميٽر کانپوءِ هوسڙي شهر پسڻ لاءِ ملندو. مطلب ته هوسڙي شهر وڃي حيدرآباد تعلقي ۾ بيٺو.

    جهونا مڙس پنهنجي وڏڙن زباني چيل ڳالهيون سلين ٿا ته هوسڙي حيدرآباد تعلقي جو وڏو واپاري مرڪز هيو. هنر مندي ۽ پورهيو هنن ماڻهن جو شان هيو، ڪينئن نه هجين هئا جو هوسڙيءَ جي ميوات ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. جنهن شهر جي آس پاس صوف، کجيون ۽ ڏاڙهن سميت هر قسم جي ميوات ٿيندي هجي، ته ان کان وڌ هوسڙي شهر جي ٻي ڪهڙي سَکرائپ ٿي سگهي ٿي. ڦليلي واهه جيڪو اڳوڻي زماني ۾ ڦليلي ڦاٽ هيو، انجي ڪنڌيءَ واري شهر هوسڙيءَ جو وڻج واپار هڪڙو ته ٻيڙين وسيلي ٿيندو هيو ۽ ٻيو وري وَهٽن وسيلي، مال هڪ هنڌ کان ٻئي هند رسندو هيو. ڳالهه کٽائڻي هجي ته بس ائين کڻي چئبو ته هوسڙي ماڻهن لاءِ قدرت جي ڀلوڙ سوکڙي هئي، جيڪا وقت جي ٿڌي ڪوسي واءَ سان منهان منهن ٿيندي اڄ به قائم آهي.

    چون ٿا ته گهڻا جُڳ اڳ ۾ هوسڙي شهر جادو پنهور جي نالي سان هڪ ننڍڙو ڳوٺ هيو پر هاڻ جادي پنهور جي پيڙهيءَ جو ڪو به ڏس پتو ڪونه ٿو ملي.

    هوسڙي شهر جي نالي جو سُٽ اڄ تائين اُلجهيل آهي، بس اهڃاڻن، ڌُڪن ۽ ڏندڪٿائي ڳالهين کانسواءِ، هوسڙيءَ جي بڻ بڻياد جو ڪو به گس پنڌ ڪو نه ٿو ملي. تنهنڪري هوسڙيءَ لاءِ رڳي ڳالهين جا ڪيئي ڳوٺ ٻڌل آهن.

    هڪڙا چون ٿا ته هن قديم شهر جو نانءُ هوسڙا برادري جي پويان پيل آهي ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هوسڙا ملاح برادري جي ڪا نُکَ آهن. هيءَ ڳالهه مڙيئي دل سان انهيءَ ڪري به لڳي ٿي جو هوسڙي بهرحال ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياءَ جو پتڻ ٻڌائي وڃي ٿي. پتڻن جا ڌڻي ته ملاح ۽ ٻيڙياتا هوندا آهن. انڪري ملاحن جي نُک، هوسڙن جي ڪري به، ٿي سگهي ٿو ته هن شهر جو نالو پيو هجي، پر پوءِ به ان ڳالهه جي ڪا پڪ ڪانهي.

    هڪڙو گمان اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ملاحن ۾ هڪ مائي “هوسڙي” ان پتڻ جي ڌياڻي هوندي هئي، جيڪا نهايت بردبار ۽ همٿ واري هئي، تنهنڪري ان پٺيان هن شهر تي هوسڙي نالو پئجي ويو. ان مرحلي تي ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون جن مان پهرين ڳالهه ته هوسڙا ملاحن جي نُک نه پر ان مائي هوسڙي جي ڪري سڏبا هوندا ۽ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن هوسڙا ملاحن جي ڪا نُک آهي به ته، اها مجموئي طور سڄي سنڌ ۾ وسندڙ ملاحن اندر، ٻئي ڪنهن هنڌ ڪانه ٿي ٻڌجي. تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته ان پتڻ جي ملاحن جي ڪنهن خاص ڪرت، ڪيفيت يا واقعي جي نتيجي ۾ انهن کي هوسڙا سڏيو ويو هجي... بهرحال انهن راين ۽ گمانن جي بنيادن تي هوسڙي شهر جي نالي جوتعين ڪرڻ گهڻو ڏکيو آهي.

    اهڙي طرح هڪ ٻي به عجب جهڙي روايت يا ڏندڪٿا ماڻهن واتان ٻڌجي ٿي. چيو ٿو وڃي ته صديون اڳ، يعنيٰ ننڍي کنڊ جي به ورهاڱي کان به گهڻو اڳ، هوسڙي واري پتڻ يا دريائي بندرگاهه وٽ جهوپڙي ۾ هڪ ٻڍڙي عورت رهندي هئي. ٿيو ائين جو ان جهوپڙي کي الاءِ ڪينئن رات جو باهه لڳي ۽ اها هندو عورت سڙي رک ٿي وئي ۽ ماڻهن حراس مان ائين چيو ته “هوءَ سڙي وئي” ۽ اتان کان هن شهر تي هوسڙي نالو پئجي ويو. ائين ٿي سگهي ٿو پر ڳالهه ڪا گهڻي دل سان ڪا نه ٿي آهُڙجي!

    بهرحال هن شهر جي نالي تي ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون ماڻهن جي زبانن تي موجود آهن پر ان سلسلي ۾ ڪا به پڪي ڳالهه انڪري به نٿي چئي سگهجي جو هن شهر تي به ائين ئي تحقيق نه ٿي آهي جيئن سنڌ جي ٻين سوين شهرن، ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن لاءِ تحقيق جا دروازا بند پيا آهن.

    اهڙي طرح هن شهر جي نالي وارن سوالن کي محققن اڳيان رکندي، پاڻ شهر سان ڳنڍيل ٻين معاملن ڏانهن هلون ٿا. هوسڙي شهر جو ماضي نهايت شاندار هيو، تجارتي مرڪز هئڻ سبب ٽنڊو محمد خان، ماتلي، ٽنڊو غلام علي، بلڙي شاهه ڪريم، ملا ڪاتيار، سيري، کٿڙ، گاجا، ٽنڊو فضل، ٽنڊو ڄام، هٽڙي ۽ ٽنڊو غلام حسين يعنيٰ موجوده لطيف آباد سميت ڪيترا ننڍا وڏا شهر هوسڙي جي واپار سان ڳنڍيل هوندا هئا. ڳالهه ٿا ڪن ته هوسڙي جو ڪپڙو، اجرڪون، ڪاٺ جو سامان، ڪپهه، ڪڻڪ، ڀاڄين جا سڀئي قسم تمام گهڻو مشهور ۽ پري پري تائين انهن جي رَسَد هوندي هئي.

    ڦليلي ۽ اڪرم واهه جي وچ تي موجود هن تاريخي شهر ۾ عورتون هٿ جي هنرن يعنيٰ رليون، برٿ، سلائي ۽ ڪڙهائي جا مرڪز وڏي شان سان هلائينديون هيون.

    ٻڌائين ٿا ته انگريزن جي ڪاهه وقت ٽالپر حڪمرانن جي راڻين به هن شهر ۾ پناهه ورتي هئي.

    ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ هوسڙي شهر جو سمورو ڪاروبار هندو سيٺين جي هٿ ۾ هيو جن جو مکي ديوان ڪوڏومل آڏواڻي هيو ۽ ڪنهن اڻ بڻت جي صورت ۾ فيصلا ڪري ماڻهن کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو. رئيس اميد علي سرائي وري مسلمانن جو پريو مڙس هوندو هيو. ٿورا ٿڪا ڏوهه ٿيندا هيا ته ديوان ڪوڏو مل ۽ سرائي اميد علي راڄن مٿان ڇپر ڇانءَ ٿي سندن ڌڻي ٿي بيهندا هئا.

    ورهاڱي کانپوءِ لڏي آيل اردو آبادي کي سڄي سنڌ وانگر هوسڙي جي ماڻهن به جيءَ ۾ جايون ڏنيون. ٻيو ته گهڻو ڪجهه پر رڳي چار هزار ايڪڙ زمين لڏي آيل اردو آبادي حوالي ڪئي وئي.

    هوسڙي شهر تاريخي ماڳن جي حوالي سان هڪ شاهوڪار شهر رهيو آهي. توڙي جو اهي ماڳ مڪان هاڻ ڀڄي ڀري پنهنجي آخري پساهن ۾ آهن پر پوءِ به هوسڙي جي آس پاس انگريزن جون آرام گاهون، پراڻن باغن جا نشان، تاريخي قبرون جيڪي فقير خيري درس يعنيٰ گنجي ڏونگر تي موجود آهن، انهن قبرن ۾ گهوٽ ڪنوار جون قبرون، هنڱورن جي ماڙين سميت شهر جا وڻ ۽ واهيرا، پنهنجي ڪيترن ئي ڪٿائن سميت هوسڙي جي عظمتن جا ساکي بڻيو بيٺا آهن.

    ڪو زمانو هيو جو هوسڙي شهر ۾ مٺي پاڻي جا پنج کوهه هوندا هئا، جتان عورتون پاڻي ڀري، جڏهن دلا مٿن تي رکي ولر جي شڪل ۾ هلنديون هيون، تڏهن هوسڙي جو اوج ماڻهن کي موهي وجهندو هيو. پر هاڻ انهن کوهن جو ڪو به نانءُ نشان باقي نه رهيو آهي. هوسڙي جي گهٽين جي ڇا ڳالهه ڪجي! جهونا ٻڌائين ٿا ته هن شهر جون گهٽيون وڏن تراشيل پٿرن سان ٺهيل هونديون هيون ۽ موڪريون وري ايتريون جو ڏاند گاڏيون به بنهه سوکي نموني سان بار کڻي، انهن گهٽين مان گذر ڪنديون هيون. هاڻ انهن گهٽين مان چار ماڻهو به هڪ ٻئي کي ڪلها هڻي پوءِ گذرن ٿا.

    هن شهر جي انهن اڱڻن ۽ ٿَلهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!؟ جن تي ڪڏهن ڪٺ ٿيندا هئا ته سوين ماڻهو پنهنجي سور پچار ڪندا هئا، هر ڪو هڪ ٻئي سان حال احوال سليندو هيو، خوش خير آفيت کان ويندي ڍور ڍڳي متعلق به هڪ ٻئي کي حوال ڏبا هئا. پر الاءِ ڪهڙو واءُ وريو جو گڏجڻ جا اهي اڱڻ ۽ ٿلها ڪڏهوڪو موڪلائي ويا ۽ گڏيل صلاح مشهوري توڙي اجتمائي طور سوچڻ جو جهان ئي ڄڻ جُهري پيو. هاڻ هر ڪو پنهنجي مٿي کَٿي! ڪنهن کي ڪنهن جي ڪل ئي ناهي. جيئن مجموئي طور سنڌ ۾ انيڪ سببن جي ڪري گڏيل سماج جو خاتمو آيو آهي تيئن هوسڙي جا ماڻهو به هاڻ ڪڻو ڪڻو ٿي سوچين ٿا.

    هوسڙي شهر يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو جنهن ۾ پنج ديهون پنهنواري، سنهنوار، کاٽڙو، ٻوهڪي ۽ سکپور تي مشتمل آهي ۽ شهرجي آبادي متعلق توڙي جو پڪي ڄاڻ ناهي پر پوءِ به هن شهر ۾ چاليهه هزارن کان وڌيڪ آدم رهڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو. هوسڙي جي مکيه پاڙن ۽ چوڪن ۾ بخاري پاڙو، راجپوت پاڙو، شاهه لطيف ڪالوني، عمراڻي پاڙو، چارو چوڪ، بينڪ چوڪ، سپنا ۽ ٿاڻا چوڪ سميت ٻيا پاڙا ۽ ويڙها موجود آهن.

    هوسڙي شهر جي برادرين ۾ شورا، پنهور، ماڇي، شيدي، ٿيٻا، عمراڻي، چانگ، راجپوت ۽ رانگڙن سميت ٻيون برادريون شامل آهن. هي شهر هَري هَري پنهنجو شاندار ماضي وڃائي رهيو آهي. صحت مرڪز سڀني سهولتن کان ناپيد هوندي هنڌا هنڌا اکڙيل آهي جڏهن ته تعليم تباهه ۽ بجلي جي اک ٻوٽ توڙي ڊرينيج جو نظام ناڪارا ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف هتان جي آبادي ۾ نشي ۽ ڏوهن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. هتان جي پنجاسي سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر زمينداري ۽ هارپي تي آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو نوڪريون ۽ ذاتي ڪاروبار به ڪن ٿا.

    سنڌ جا هڙئي شهر پنهنجي وجود جي تاريخ رکن ٿا پر گهرج انهيءَ ڳالهه جي آهي ته هن انوکي نانءَ واري شهر هوسڙي سميت سنڌ جي موجود ۽ ميسارجي ويل شهرن جي بڻ بڻياد جا پيرا کڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جون مڙيئي حسناڪيون نکري نروار ٿين ۽ دنيا جي ماڻهن کي اهو پتو پوي ته سنڌو ماٿري جا ماڻهو انهيءَ ڪري به جنگجو نه هئا جو هو دنيا کي تهذيب، ثقافت، فن، رقص ۽ موسيقي سان مالا مال ڪرڻ ۾ مگن هئا. پر اهو اوکو پنڌ ڪير پچائي؟ ۽ ڪير ڪري اهڙي همٿ جو سنڌ پنهنجي حسناڪين سميت دنيا اڳيان اچي سگهي؟ تحقيقي ادارا جنهن جهان جا راهي آهن ان لاءِ بس وات تي هٿ! تنهنڪري انهن سوالن جي نبيري لاءِ انتظار کانسواءِ ٻي ڪهڙي واٽ بچي ٿي!؟ اوسيئڙا ۽ بس هر ڳالهه لاءِ اوسيئڙا.....

    Sufilakufi@gmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    دنيا جو عظيم مفڪر، شاعر ۽ صوفي هستي.....

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي

    غلال رسول چانڊيو


    پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب،

    پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن جو. (شاهه)



    هيءُ ڪلام ان عظيم مفڪر ۽ صوفيءُ هستيءَ جو آهي، جنهن وحدت الوجود، وحدت الشهود، معرفت، طريقت، شريعت، حقيقت، ڪثرت، وحدت ۽ ڪل کان ويندي جديد سائنسي، سماجي ۽ ما بعد الطبعيات جي رازن جون منزلون طئه ڪيون ۽ انسان ذات کي دانش جي سمنڊ مان اڻ ڳڻيا هيرا ۽ موتي مُيسر ٿي رهيا آهن.

    اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون، ڪائناتي مفڪر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، جنهن جي شاعري ۽ فڪر، اثر ۽ تاثير، درد ۽ پيڙا، جدوجهد ۽ تبديلي، انساني وقار، جياپي ۽ خوشحالي توڙي عالمي برابريءَ جو هڪ عظيم ۽ اڻ کٽندڙ خزانو آهي.

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو جنم 1689ع بمطابق 1101 هه ۾ پراڻي حيدرآباد ۽ هاڻي مٽياري ضلعي ۾ هالا تعلقي جي ڳوٺ ڀئينپور، جيڪو هالا حويلي جي ڀر ۾ هو، اتي هن شاعر ڪائنات جو ظهور ٿيو. هن ٻار جنهن ڪُن فَيڪون کان به اڳ هن ڌرتي ۽ عالميت سان پيارجو پيچ اڙايو هيو، تنهن جي ڪنهن کي ڪَل هئي ته هو هر دور جو علم الانسان (Anthropologist)، علم فلڪيات، معاشيات، ميڊيڪل ۽ نيچرل سائنس سميت دنيا جي مڙني علمن جو ڌڻي ٿي بيهندو.

    لطيف سائين جي شجري ۽ پيڙهيءَ جي تاريخ ورجائبي ته سندن سلسلو حضرت علي عليھ سلام ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم سان وڃي ملي ٿو، لطيف سائينءَ جو اصل نسل ڪو دراوڙي به نه هيو، پر لڳي ايئن ٿو ته ڪنهن واچوڙي جي مٽي، موهن جي دڙي وٽان اڏامي وڃي هرات پهتي هوندي، جو سندس وڏن مان، سيد مير عليءَ کي موهن جي ان مٽي سنڌ ڏانهن لڏي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو، جيڪو پڻ وڏي دانش جو ڌڻي هيو ۽ امير تيمور جي زماني ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيائين. اهڙي طرح مير عليءَ جي نسل مان، لطيف سائين ”ميرڻ پوٽن“ سيدن مان شاهه حبيب جو فرزند، سيد عبدالقدوس شاهه جو پوٽو ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو پڙپوٽو هيو، سنڌ ۾ لطيف سائين جي شجري لاءِ هيءَ معلومات ملي آهي. شاهه عبداللطيف پٽ سيد حبيب شاهه، پٽ سيد عبدالقدوس پٽ سيد جمال پٽ سيد عبدالڪريم ”بلڙي وارو“ پٽ سيد الله کان ويندي مير عليءَ تائين پهچي ٿو.

    لطيف سائين وڏين سُکائن کان پوءِ پيدا ٿيو هيو، شاهه حبيب جون ٻه شاديون هيون، وڏي گهر واريءَ مان هڪ شهزادو پهريان به پيدا ٿيو هيو، جنهن جو نالو پڻ عبداللطيف رکيو ويو هيو، پر ان کي مالڪ حقيقي ننڍي هوندي ئي پاڻ ڏانهن سڏائي ورتو. شاهه حبيب کي ٻي گهر واريءَ مان هڪ ٻيو شهزادو ڄائو، جنهن جو نالو جمال شاهه رکيو ويو ۽ وري پهرين گهر واريءَ مان شهزادو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو رکيو ويو شاهه عبداللطيف، هيءُ ئي اهو لطيف سائين هيو، جنهن کي اڳتي هلي عالمي مفڪر بڻجڻو هيو.

    لطيف سائين جو ٻالڪپڻ:

    لطيف سائين جنم کان ئي نرالو هيو، ڄڻ ته فطرت کان ڪجهه وٺي آيو هجي! پُور پَونس ته وڃيو ڀٽن ۾ ويهو رهي ۽ جي وري خيال اچيس ته وڃيو گهاٽن وڻن جي وچ ۾ فطرت سان مُکيا ميل ٿئي. هي ڪا ناداني ۽ رڳي ديوانگي نه هئي، هن ٻار وٽ اهڙي ڪا شڪتي هئي، جا ٻين ٻارن وٽ نه هئي، لطيف سائين بچپن ۾ ڪا اهڙي راند رهڻ پئي چاهي، جا راند ٻيا ٻار نه ٿي کيڏي سگهيا، تر ۾ ڪوبه اهڙو نه هيو، جيڪو لطيف سائينءَ واري راند کيڏي سگهي. ڳوٺ جا ٻار ته بس عام ٻارن وانگر هيا، تنهنڪري فطرت جي حسناڪين واري اها راند لطيف سائين فطرت سان ئي کيڏڻ لاءِ نڪري ويندو هيو.

    سيد حبيب شاهه جا سڀ ڪم رهجيو وڃن، لطيف سائين جو نڪري ته موٽڻ جو نالو ئي نه وٺي، کيس الاءِ ته ڪهڙي ڪهڪشائين ساهڙ جي تلاش هئي، جو اڳتي هلي چيائين:

    ”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي“

    هن ٻار جي اندر ۾ ڪا اهڙي سوڙهه هئي، جا ڪنهن فطري وشالتا لاءِ ماندي هئي، تڏهن ته کيس ڳوٺ، ڳوٺ جا گهر ۽ ماڻهو به سوڙها ٿي لڳا، تنهنڪري لطيف سائين جو گهڻو وقت جنگلن، برپٽن ۽ فطري منظرن منجهه اڪيلائيءَ واري حالت ۾ گذرندو هيو، هو ننڍپڻ کان ئي ابتدا ۽ انتها جا عظيم سوال کڻي، انهن جي جوابن جي تلاش ۾ سرگردان هيو.

    جت آهِ نه ناهِ ڪا، اِيُ خاڪِيءَ جو خِيالُ،

    جانِبَ جو جَمالُ، پَسڻَان ئِي پَري ٿِيو.

    لطيف سائين جي تعليم:

    لطيف سائين لاءِ اهو مشهور ڪيو ويو ته پاڻ جڏهن استاد ميان نور محمد ڀٽي وٽ پڙهڻ لاءِ ويٺو ته لطيف سائين ”الف“ کان اڳتي پڙهڻ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته ”الف“ کان اڳتي ڪجهه به نه آهي. اهڙي صورتحال کان پوءِ سندس استاد آخوند صاحب اهڙو احوال اچي شاهه حبيب سان ڪيو، جنهن لطيف سائينءَ کي چمندي چيو ته ”پٽ تون حق تي آهين، پر زماني ۾ سبق ڏيڻ جو اهو ئي طريقو آهي.“ تنهنڪري چيو ٿو وڃي ته لطيف سائين ڪنهن وٽ به نه پڙهيو ۽ اُمي هيو، جو علم هيس، سو خدائي ڏات هئي.

    عقل ۽ فهم ان ڪري به اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، جو جيڪڏهن لطيف سائين اڻ پڙهيو هيو ته هو پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو سنڌي ڪلام، مولانا جلال الدين روميءَ جي ”مثنوي رومي “ ۽ قرآن پاڪ هر وقت پاڻ سان ڪيئن رکي هان!؟ سمجهه ۾ اچي ٿو ته کيس سنڌي، عربي، فارسي ۽ هندستان جي ڪيترين ئي ٻولين تي عبور حاصل هيو، ڪن ڌرين جو ته اهو به خيال آهي ته لطيف سائين ڀڳتي تحريڪ جو آخري روشن ستارو هيو، جو هن ڀڳت ڪبير جي ڪلام جو به ڀرپور مطالعو ڪيو. لطيف سائين جي دور ۾ فارسي سرڪاري زبان طور استعمال ۾ ايندي هئي، پر پاڻ عظيم وطن پرست هوندي، سڀئي ٻوليون ڄاڻڻ باوجود، ڪڏهن به ڪنهن ڌاريئي قصي کي پنهنجي شاعري ۽ فڪر جو حصو نه ٿو بڻائي. ايتري حد تائين جو هو پنهنجي وطن جي ماڻهن کي چڱيءَ طرح آگاهي ڏئي ٿو ته:

    ”جي تون پارسي سکئين، ته گولو تون غلام“

    لطيف سائين جي ڪلام ۾ ڪتب آندل آيتون، حديثون، عربي توڙي فارسي ۽ هندي مهاوار (جيڪي ٿوري تعداد ۾ آهن) اهو ٻڌائين ٿا ته تمام وڏي پڙهي لکي هستيءَ جو مالڪ هيو، جي ايئن نه هجي ها ته هو ڪُن فيڪون ۽ لاحد جي اهم نقطن تي بحث نه ڪري ها.

    لطيف سائين جي جواني ۽ مجاز:

    شاهه حبيب جي پاڪ ۽ مقدس ڪردار ارغونن جي هڪ معزز خاندان مرزا مغل بيگ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هيو، تنهنڪري بيماري بڙيءَ جي صورت ۾ شاهه حبيب کي دعا لاءِ عرض ڪيو ويندو هيو، حالانڪ مرزا خاندان ۾ سخت پرديداري هوندي هئي.

    هڪ دفعي مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پيئي ته شاهه حبيب کي دعا لاءِ عرض ڪيو ويو، جنهن جي پڻ طبيعت ناساز هئي، سو پاڻ پنهنجي شهزادي کي مرزا مغل بيگ جي گهر موڪليائون، جڏهن لطيف سائين مرزا جي نياڻيءَ جي چيچ هٿ ۾ جهلي چيو ته ”جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه لوڏو“ ته ان تي مرزا مغل بيگ تپي باهه ٿيو ۽ شاهه حبيب جي خاندان سان دشمنيءَ تي لهي آيو ۽ نيٺ شاهه حبيب کي ڪوٽڙي جا ماڳ ڇڏڻا پيا...

    ۽ هوڏانهن لطيف سائين جنهن بيمثال حسن کي ڏٺو ته مجازي حاصلات جي تڙپ کيس ويهڻ ڪٿي ٿي ڏنو!؟ هونئن به جوڀن هر انسان وٽ مهمان ٿيندو آهي ۽ جوانيءَ جون المستيون مڙني وٽان ٿي گذرنديون آهن، پر لطيف سائين جو جوڀن ۽ جواني اهڙي نه هئي، جيئن عام ماڻهن جي ٿيندي آهي.

    مرزا مغل بيگ جي نياڻي جيجي سيده بيگم لطيف سائين جي ڪائناتي عشق جو هڪ ڏاڪو هيو، هن جو عشق بنهه ٻيو، نرالو ۽ انوکو، جيڪو اهڙو جو ڪنهن کي تڪڙو سمجهه ۾ نه اچي. جيجي سيده بيگم جي خوبصورت چيچ ته محض ڪائنات جي رازن تي آيل ڪلف جي ڪنجي هئي. سو لطيف سائين مجاز جي ان ڪلف کي کولڻ واري تڙپ ۾، ان ڪنجيءَ جي تلاش لاءِ نڪري پيو. مجاز ۾ ڪو اهڙو ڳجهه نظر آيس، جو لطيف سائين جي تلاش انتهائن کي ڇُهڻ لڳي. ويراڳي، ڪاپڙي، بيکاري، لانگوٽيو، ڪن ڪٽ، ڪنوٽيو ۽ ڪن چير ٿيڻ جي مشاهدن لاءِ جوڳين سان جيءُ اڙائي، اچي پنڌ ۾ پيو. ڳالهه وري به ساڳي، پنڌ کٽي ئي نه! پر پوءِ به هلندو ويو ۽ پڇندو، سمجهندو ۽ مشاهدا ماڻيندو ويو. هائو! هاڻ سمجهڻ لڳو ته جوڳي جمالي هجن توڙي جلالي، لاهوتي هجن توڙي ويراڳي، ڪاپڙي هجن توڙي بيراڳي، بابو هجن يا بيکاري، نانگا هجن يا سامي، آديسي، سنياسي يا مهيسي، پر انهن کانسواءِ جيئڻ نه آهي:

    وَٽِنِ ويٺِي آهيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان،

    جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سوُنهن سَندِيانِ،

    پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءُ نه جِئندي اُنِ ري.

    سانده ٽي سال جوڳين سان جيءُ اڙائي، گنجي ڏونگر کان سپڙ سکيءَ تائين جا پيچرا ڀهيچي، نگر نگر گهمي، ڏکن، دردن، پيڙائن، محرومين ۽ فطرت جا مشاهدا ماڻي، اچي مخدوم محمد معين سان ٺٽي ۾ مليو، جنهن لطيف سائين جي درد کي سمجهندي، کيس نصيحتون ڪري واپس حبيب شاهه ڏانهن موڪليو.

    ۽ پوءِ حسين چيچ واري جيجي سيده بيگم سان لائون لڌائين ۽ مجاز جون موجون به پار اڪري، ٿڪ ڀڃي، سنڌ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عالمي مفڪر لطيف سائين فڪر جي نئين پنڌ جو راهي ٿيو. لائون به ڪيئن لڌائين سا به هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي. قدرت جا ڪم ايئن ٿيا، جو دَل ذات جي چورن، مغل مردن کي گهر ۾ نه ڏسي سندن الهه تلهه ٻهاري ويا، مغلن کي جڏهن خبر پئي ته هٿيار کڻي، راڄ وٺي چورن پٺيان پيا. لطيف سائين به مهل نه وڃائي ۽ لٺ کڻي اچي گڏيُن. سمجهيائين ٿي ته پاڙي جي پروڙ به ٿيندي ۽ من محبوب جي مائٽن وٽ اگهامجي سگهان ۽ محبوب کي به پروڙ پوي ته:

    ”من پرين ايئن پڇن، ته هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي“

    پر مغل جيڪي لطيف سائين تي اڳئي باهه ٿيل هئا، تن هن عاشق زهر پياڪ کان ڏکيءَ ويل ۾ به مدد نه ورتي ۽ پوءِ ان جهيڙي ۾ مارجي ويا ۽ وڃي هڪ ننڍڙو ڇوڪرو گولو بچيو. تنهن بعد مغل عورتون شاهه حبيب وٽ ميڙ کڻي پهتيون ۽ لطيف سائين کي پنهنجو مجاز مليو.

    جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاءِ سپيرين جي،

    تڏهان ڪر تر جيترو، هڪ ويل مَ وسريام،

    اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.

    حقيقت جو سفر، ڀٽ وسائڻ ۽ ساڻس عداوتون:

    جوڳين، سنياسين ۽ ڪاپڙين سان سانده ٽي سال جبلن جا گوناگون پنڌ پُڄائي، لطيف سائين نه رڳي پنهنجي لڱن ۽ لحم جو امتحان پاس ڪيو، پر فطرت جي حنسين ۽ اوکن منظرن جا مشاهدا ماڻي، پنهنجي گودڙيءَ ۾ عدم جا خزانا ميڙي موٽيو.

    عدم ته مليس، پر وجود جو سفر ته بهرحال پُٺِ ڇڏڻ وارو نه هيو! هونئن به عدم ۽ وجود جي جنگ بنهه اڻانگهي هجي ٿي، هُئڻَ ۽ نه هُئَڻَ جي خوفناڪ جنگ!!

    تيرٿون ۽ تڪيا، گنجو ڏونگر ۽ هاڙهو جبل، لکپت ۽ گرنار، لاهوت ۽ لامڪان، هنگلاچ ۽ جيسلمير، ڪابل ۽ قنڌار توڙي ڪيچ جا پنڌ ته محض عدم جي سفر جا نشان هئا، اهو بي خوديءَ جو پنڌ ته هيو ئي پر هڪ عظيم فطري تجربو به! پر ڪارج!؟ ساڳالهه لطيف لاءِ وڏو سوال هئي!! تڏهن ته سنياسين ۽ جوڳين سان اڻ بڻت ٿيس ۽ هيڪليائي هلڻ جي ڪيائين:

    هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي،

    آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل،

    ته ڪر ٻيلي آهن ٻيلهه، سور پريان جا ساڻ مون.

    ٺٽي کان ٿيندو، مخدوم ٺاري سان رهاڻيون ڪندو، بَر، بحر ۽ جبل جهاڳيندو، ڪائناتي سونهن سان سرشار ٿيندو، نيٺ اچي ڳوٺ رسيو، جتي کيس پنهنجو مجاز يعني سيده بيگم جي چيچ هميشه لاءِ ملي... مجاز جا ٿڪ ته ڀڳس، پر اصل منزل جي تڙپ رڳي مجاز تي ماٺي ٿيڻي ڪٿي هئي!؟ ۽ الاءِ ڇا کڻي آيو هيو، جهنگلن، جبلن ۽ برپٽن مان! جو هڪ طرف ته سندس فڪري مريد ٿيڻ لڳا ته ٻئي طرف ڀٽائيءَ خلاف ساڙ ۽ ڪيني وارا به پيدا ٿي پيا هئا ۽ پاڻ چيائين:

    چائت پائي چِت ۾، سنهو ڪتيو جن،

    تن جو صرافن دڪو داخل نه ڪيو.

    من ۾ مير رکڻ وارا، توڙي جو ڏيکاءُ لاءِ کڻي ڪيڏو به پاڻ کي املهه ڪري پيش ڪن، پر هُتي، جتي تورَ ٿيڻي آهي، اتي اگهامڻ لاءِ، من اڇو اجرو گهرجي ٿو. تنهنڪري جن، من ۾ محبت رکي، پاڻ کي اَڀرو سڀرو ۽ نوڙت وارو ڪري پيش ڪيو، اُهي اگهامجي ويا، جو هُن صراف وٽ، رڳي محبت کي مهانتا حاصل آهي.

    محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،

    تِنِ جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.

    هائو! لطيف ڏکين پيچرن واري پنڌ تان محبت جو عظيم ۽ ڪائناتي سبق سکي آيو هيو، تڏهن ته، جيڏاهن ٿي نيڻ کنيائين، تيڏانهن ٿي محبوب سامهون آيس:

    ”جيڏانهن ڪريان نظر، تيڏانهن صاحب سامهون“

    سندس عزيزن مان، متعلوي وارن “اجناڻي“ سيدن، مخدوم نوح جي اولاد مان ”پير پنج پاڳ“ ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڪهڙي ڪل هئي ته لطيف سائين لاحد، اکئين ڏسي آيو هيو، هن عدم جي اوڙاهه جا پنڌ ڀيچيا هئا، هو صوفي شاهه عنايت جي عظيم شهادت جو ساکي هيو، هن سنڌ تي ڌارين گهوڙن جون هڻڪارون اکئين ڏٺيون هيون ۽ هن سنڌ سميت عالم جي ازلي دردن کي سمجهي ورتو هيو. هن جي هڪ هٿ ۾ عدم ۽ ٻئي هٿ ۾ وجود هيو، جتان تنبوري جون تارون سِرجي، رڳي ”تون“ جا آلاپ ڇيڙي رهيون هيون ۽ ”مان“ نه هئي، تن تسبيح بڻجي چڪو هيو ۽ من مڻيو، دِلِ دنبوري جو روپ ڌاريو هيو ۽ تندون وحدت جي واين سان ڪائنات جي هيڪڙائيءَ جي پرچار ڪري رهيون هيون. هاڻ جڏهن ننڊ به عبادت بڻجي پيئي هئي، تڏهن اجناڻي سيدن، مخدومن ۽ ميان نور محمد کي ڪير سمجهائي ها ته هنن جون عداوتون، لطيف سان نه، پر هڪڙي وجدان، هڪ اَلمستي ۽ هڪ وحدت سان عداوتون هيون، جنهن وحدت جو هو پاڻ به حصو هئا.

    وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،

    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻيءَ مَ ڀل،

    هو هلاچو هل، باالله سندو سڄڻين.

    ڀلا جي ايئن نه هجي ها ته ڀٽائي سائين نور محمد ڪلهوڙي جي ڏنگي گهوڙي تي بنالغام جي ڪيئن سواري ڪري ها؟ ۽ ”پير پنج پاڳ“ ڀٽائيءَ جي فقير کان ڪتو ڦري ڀٽائيءَ سان جنگ جون تياريون ڪري ۽ نيٺ پنهنجي خليفي اسماعيل جي چوڻ تي شرمسار ۽ پيشمان ڪيئن ٿئي ها!؟ ۽ ها جيڪڏهن ڀٽائي محض ڪو عام ماڻهو هجي ها ته بيبي لعل جا ڀائر، جيڪي ڀٽائيءَ جا ئي عزيز هئا، اهي ڪڏهوڪو ڀٽائيءَ جي وجود کي فنا ڪري وڃن ها.

    هو ڪنهن سان دشمنيون ڪري رهيا هئا!؟ ڪنهن کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ ٿي گهريائون!؟ ان عظيم انسان کي! جيڪو اڳيئي ڳڀا ڳڀا ٿيل هيو!؟

    سر ڍونڍيا، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناههِ،

    هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهه،

    وحدت جي وهانءِ، جي ويا سي وڍيا.

    هو ته هيڪڙائيءَ واري وصال تي ويل، اهو عاشق هيو، جنهن لاءِ سوري سينگار بڻجي چڪي هئي، موٽڻ سندس لاءِ مِهڻو ۽ ڪُسڻ مان قرار ٿي ورتائين، سو اهڙي عظيم انسان سان، دشمني ڪو جُڳايو ٿي ڪنهن کي!!

    سوري آهه سينگار، اڳهين عاشقن جو،

    مڙڻ، موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نروار،

    ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.

    هائو! شايد لطيف سائينءَ جا نيڻ پرينئن سان اٽڪيل هئا، تنهنڪري ته سوريءَ چڙهي به سَرهو پئي ٿيو! سرهو ڇا سوري ته هن لاءِ سيڄ بڻجي پيئي هئي:

    سوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سنرا؟

    جيلهه لڳا نيڻ، تي سوريا ئي سيڄ ٿي.

    هو موت سان محبت ڪرڻ وارو بڻجي پيو هيو، تڏهن ته لطيف سائينءَ سان جنگ ۽ کيس قتل ڪرڻ جا ارادا رکندڙ ماڻهو، انيڪ سازشن جي باوجود ناڪام ٿي ويا ٿي.

    ۽ نيٺ هن عالمي شاعر اُن ڀٽ کي پنهنجو آسڻ بڻايو، جنهن تي هو ڪڏهن فقيرن ته ڪڏهن تنهائيءَ ۾ اچي غور فڪر ڪندو هيو، ڀٽ! جتي واريءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هيو، اتي لطيف سائين فقيرن سميت پورهيي ۾ لڳي ويو هيو، پري کان مٽي ڍوئي، ڪِرڪُ واريءَ کي رهڻ جوڳو بنايائين. حالانڪ ماڻهو مٿس کليا، پر لطيف سائين ان واريءَ کي ان لائق بڻايو، جو اتي هڪ هجرو، مسجد ۽ ماءُ پيءُ لاءِ جاءِ جوڙايائين ۽ فقيرن کي جايون جوڙڻ لاءِ نشان ڪڍي ڏنائين، اهڙي طرح واريءَ جي ڀٽن تي هڪ عظيم عالمي مفڪر جو ڳوٺ جڙي پيو.

    ڳوٺ ڇا!؟ سنڌ جي هزارين سالن جي ماضي ۽ هزارين سالن جي مستقبل جو هڪ اهڙو فڪري مرڪز، جتان سنڌ کي اڳتي، گهڻو اڳتي عالمي امن ۽ خوشحاليءَ جو سفر ڪرڻو آهي. ڪنهن ٿي ڄاتو ته واريءَ جو اهو دڙو سنڌ ۽ عالم انسانيت جي شاندار ترقيءَ جي ضمانت بڻجي، سڄي دنيا کي سڏ ڪري، امن، آزادي، ترقي، برابري، عزت، وقار ۽ جياپي جا گل آڇيندو....

    شاهه حبيب جي وفات:

    ۽ پوءِ ڀٽائي سائين رشتن جي حوالي سان ڇورو ڇنو ٿيو. مرزا قليچ بيگ موجب ٿيو ايئن جو” لطيف سائين جي والد صاحب سيد حبيب شاهه وفات ڪئي“، لطيف سائين تڏهن ڪوٽڙي ۾ هو، کيس پيءُ جو نياپو پهتو ته ”هيءُ وقت پڇاڙيءَ جو آهي ۽ تون هلي پنهنجي والد صاحب جو منهن ڏس“ تنهن تي لطيف سائين چيو ته ”ابي کي چئو ته ارمان نه ڪر، آءُ تو وٽ آهيان، تنهنجي پٺيءَ ٿو اچان، مون هي نظر ڪيو آهي ته الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي ڏک ڪين ڪندس، سو جي هلي ابي کي ڏسندس ته دل جهلي ڪين سگهندس ۽ پنهنجو وعدو ڀڃي ويهندس. ٻيو ته ابي کي چئج ته منهنجي جنازي جو غسل به اتي ٿيندو ۽ چئجانءِ ته ماڻهن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو ته توکي ڀٽ شاهه تي محمود شاهه جي سيراندي کان رکن، جو منهنجي جاءِ سندس پيرانديءَ کان آهي.“ ياد رهي ته محمود شاهه، ڀٽائي سرڪار جي خاص مريدن مان هو ۽ حبيب شاهه پٽ جي سنيهي کان پوءِ، کيس قاصد هٿان هيءُ بيت چوائي موڪليو:

    ڪنهن جنهن نينهن گتا، جو واجهائيندي نه ورو،

    جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.

    ۽ موٽ ۾ لطيف سائين پنهنجي بابا ڏي هي بيت ڏياري موڪليو.

    متان ٿئين ملور، ڪي اڳاهين آهيين،

    ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهيءَ جي هيڪڙي.

    ۽ نيٺ لطيف سائين جو بابا سن 1731ع ۾ جسماني طور سنڌ کان جدا ٿيو، کيس ڀٽ تي لطيف سائين جي روضي کان ڪجهه وکن تي ڌرتيءَ جي هنج ۾ ابدي آرام لاءِ رکيو ويو.

    اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

    آ ديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

    جي جيءَ کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

    **************

    مرڻا اڳ جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

    ۽ ايئن لطيف سائين ڪيئي سال ڀٽ تي عبادت ۽ رياضت سان گذاريا، هن تنبوري جون تارون ڇيڙيون، لطيف سائين جي ”مان“ ته اڳيئي مري چڪي هئي، تنهنڪري ڀٽ تي رڳي ”تون هي تون“ جي تنوار هئي.

    ڀٽ هاڻ فڪر جو مرڪز بڻجي چڪي، فقير۽ فڪر وڌندا ٿي ويا ۽ دشمن گهٽبا! تان جو ڀٽائيءَ جو هاڻ ڪوبه ظاهري دشمن نه رهيو هيو، مڙيئي سندس مريد ٿيڻ جا تامائو بڻجي چڪا هئا.

    ڪيئن نه ٿين ها! هو جو ڪائنات ۽ هيڪڙائيءَ جي اسرارن کي سمجهي ويو هيو ۽ سندس رَوَشِ اهڙي ٿي پيئي هئي، جو ڪير هيو جيڪو سندس هستيءَ جو انڪار ڪري!؟

    لطيف سائين جي ظاهري صورت جو تصور:

    پوري پُني قد، وڻندڙ پيشاني، ڊگهي نڪ ۽ ڪارين بنڀور اکين واري هن عظيم انسان جو گهڻو عرصو خاموشي ۽ ڳنڀيرتا ۾ گذرڻ لڳو، لطيف سائين جي پيشانيءَ جو رنگ ڪڻڪائون، اڪثر گيڙو رنگ جا ڪپڙا، مٽي ۾ ڊگهي جمني ٽوپي، جنهن کي تاج به چئجي، اوڍيندو هيو، پر ان مٿان به ڪپڙي جا ور ڏيئي ڇڏيندو هيو، پور پوندا هئس ته جتي به پائيندو هيو نه ته پيرين اگهاڙو ڪشتو ڪلهي ۾ وجهي نڪري پوندو هئو.

    ڀٽائي انتهائي سادگيءَ جو ڌڻي هيو، سندس استعمال جون شيون ڏسي اڄ جو ماڻهو بهرحال حيران ٿي وڃي ٿو ته جنهن شخص اڳيان وقت جا حڪمران سر نوائين ۽ جنهن لاءِ بيشمار مريد ۽ فقير جان فدا ڪن، اهو شخص ايترو سادو ٿي سگهي ٿو.

    ائين ڇو نه هجي ها!؟ لطيف سائين ڀٽ تي هوندي به پنڌ ۾ هوندو هيو، اهو پنڌ جسماني نه، پر فڪري پنڌ هيو، جڏهن تنبوري جون تارون ڇڙنديون هيون ته ڀٽ ڌڻي پنهنجن خيالن ۾ محفل کان گهڻو ڏور هليو ويندو هيو، سندس خيال حد ۽ لاحد کان ٽپي ڪائنات جا مڙيئي ڇيڙا ڀيجي ايندا هئا.

    ۽ ڀٽائي ڪثرت، وحدت، حق، جز ۽ ڪل، وطن ۽ ويڙهيچن، قومي ۽ عالمي دردن جي درمان ٿيڻ لاءِ، فڪر ۾ فنا ٿي، تنبوري جي تارن سان اهي صدائون بلند ڪرڻ لڳو هيو، جيڪي صدائون مڙني مظلوم ماڻهن جي ڇوٽڪاري جون صدائون هيون ۽ تصوف کي هڪ نئين ۽ بنهه حقيقي معنيٰ ملڻ لڳي هئي.

    لطيف سائين کان اڳ ۽ پوءِ جون حالتون:

    لطيف سائين پنهنجي دور، پاڻ کان اڳ واري دور ۽ مستقبل ۾ امڪاني حالتن کان چڱيءَ ريت واقف هيو. 1552ع اڪبر بادشاهه جو سنڌ تي قبضو، 1636ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو قيام، 1648ع ۾ مغلن جون سنڌين سان جنگيون ۽ گورنر مقرر ڪرڻ، 1658ع ۾ ڪلهوڙن طرفان مغلن سان معرڪا يا وري 1689ع لطيف سائين جي جنم کان پوءِ، 1719ع ۾ ميان يارمحمد ڪلهوڙي جو انتقال، 1736ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو سنڌ تي گورنر مقرر ٿيڻ، 1740ع ۾ نادر شاهه جو سنڌ تي حملو، 1748ع ۾ احمد شاهه درانيءَ طرفان هندستان تي حملو، 1750ع ۾ سنڌ تي افغانستان جو قبضي کان ويندي سنڌ اندر جاگيرداري، زمينداري ۽ پيري مريديءَ سان گڏ لطيف سائين خطي جي حالتن کان نه رڳي واقف هيو، پر کيس اهڙين حالتن جي سبب ان جو به علم هيو. لطيف سائين جي ڪلام کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته ان دور جي بحري مسافرن، ملاحن، مڇيرن، لوهارن، هارين، مزدورن، ڌنارن، فقيرن، ساڌوئن، ملنگن سميت زندگيءَ جي هر طبقي متعلق لطيف سائين هڪ اينٿروپالاجسٽ وانگر مڪمل ڄاڻ رکندڙ هيو ۽ سندس شاعريءَ جا ڪردار ۽ فڪر به انهن طبقن جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ڪائناتي رازن تي ڳالهائڻ لاءِ به گهڻو ڪري لطيف سائين تمثيلي طور اهڙن ڪردارن ۽ داستانن کي بُنياد بڻائي پنهنجو ڪلام پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻيا ته ڪيئي ماڻڪ موتي ملن ٿا، پر ان دور جي سموري تاريخ ۽ سماجي توڙي سياسي زندگي سامهون اچي وڃي ٿي.

    لطيف سائين جا سُرَ، تصوف ۽ فلسفو:

    لطيف سائين جي فڪر جو تڪڙو نبيرو ڪرڻ في الحال ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه آهي، پر پوءِ سندس فڪر جا جيڪي ڪڻا ماڻهن تائين پهتا آهن يا اڪابرن طرفان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، اهي ئي حيران ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهن. اها ڪيڏي نه عجب جي ڳالهه آهي، جو اسان وٽ تصوف سماج کان لاتعلقي، آشرم اڏي مختلف نشن ۾ الوٽ رهڻ، گيڙو ڪپڙا پائي ظالم ۽ مظلوم کي ساڳيءَ اک سان ڏسڻ ۽ هر حوالي سان غيرسماجي زندگي گذارڻ جو نالو ئي وڃي صوفي ازم رهيو آهي، پر لطيف سائين ان قسم جي صوفي ازم جو انڪاري هوندي، سماج کي تبديل ٿيڻ لاءِ اڪسائي ٿو، جيڪو ئي حقيقي تصوف آهي.

    ڪلياڻ:

    هن سُرَ ۾ لطيف سائين لاءِ سک ۽ شانتي دراصل سوريءَ تي چڙهڻ ۽ ان کي سينگار سمجهڻ ۽ اهڙي شراب پيئڻ جي صلاح ڏنل آهي، جنهن ۾ نشي ۾ الوٽ رهڻ بجاءِ ساجن کي صحيح سڃاڻجي، نه رڳي اهو پر لطيف سائين ”ڪلياڻ“ ۾ هڪ ماهر ڊاڪٽر هوندي، جڏهن هر قسم جي نااهل اڳواڻ کي ڏسي ٿو، تڏهن کانئس هي صدا بي اختيار نڪريو وڃي ٿي:

    انڌا اوُنڌا ويڄَ! کل ڪڄاڙيا کانئيين؟

    اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ،

    سوري جنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو.

    يمن ڪلياڻ:

    لطيف سائين جو هي سر انسان جي ذاتي اخلاقيات جا سبق ڏيندي حقيقي صوفيءَ جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو ۽ سمجهائي ٿو ته خواهشن تي ضابطو رکڻ گهرجي، نه رڳي اهو، پر سچن سماجي جدوجهد ڪندڙن ۽ ڪوڙن دعويدارن وچ ۾ ليڪو ڪڍي بيهي ٿو. ايئن لڳي ٿو ته سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ سک ۽ شانتيءَ بدران حق لاءِ وڙهڻ ۽ زندگيءَ لاءِ نصب العين سيکارڻ جو دستاويز آهي:

    صوفي چائين سَڌَ ڪرين! صوفين ايءَ نه صلاح،

    ڪاٽي رک ڪُلاهَ، وجهه اڇلي آگ ۾.

    **************

    آهي گهڻو اگهن جو، ترس طبيبن،

    ڪيو وس ويڄن، تان ڪِري ريءَ ڪين ٿئي.

    کنڀات:

    جڏهن لطيف سائين جي سر کنڀات ۾ هلجي ٿو ته ڀٽائي ڪائنات جي سموري سونهن سان ڳالهائيندي محبوب کي مٿانهون ڪيو بيٺو آهي. هو محبوب سان جلد ملڻ لاءِ ڪنواٽ سان ڳالهائي ٿو، سواري نه هوندي ارمان ٿئيس ٿو. هن سر ۾ لطيف سائين علم فلڪيات جو ماهر هوندي تارن، سيارن، سورج ۽ چنڊ تي بحث ڪري ٿو:

    چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان نه پريُن سين،

    تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرا.

    **************

    ڪَسَر ڇڏ ڪنواٽ! وکُون وجهه وڌندِيُون،

    سنئين سپرين جي، ونگي ڀانءِ مَ واٽَ،

    ڇڏ جهوري، ڏي جهات، ته هوندي راتِ هُت مِڙُون.

    سريراڳ:

    هن سر ۾ لطيف سائين بنهه سادي نموني روحاني رمزون سمجهائي ٿو، مهراڻ، معلمن، ملاحن، غواضن، ٻيڙين، غورابن ۽ جهازن کي علامت بڻائي تصوف جي انتهائن تي وٺي وڃي ٿو ۽ هن سر ۾ لطيف سائين پنهنجو پاڻ کي سامونڊي انجنيئر ثابت ڪري ٿو:

    سي پُوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،

    آندائون عَمِيقَ مان، جُوتي جَواهرن،

    ڪانهي قيمت تن، مُلهه مهانگو اُن جو.

    **************

    ويا جي عميق ڏي، مهن ڪائو ڏيئي،

    تن سِپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي،

    پسندا سيئي، املهه، اکڙين سين.

    **************

    تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پنهنجو تُرهو،

    اُونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندءَ ڪو ٻيو.

    سامونڊي:

    لطيف سائين سر سامونڊيءَ ۾ سمنڊ، وڻجارن، ٻيڙياتن ۽ وَهُن (زالن) جو ذڪر ته ڪري ئي ٿو، پر هن سُر ۾ انهن وطن پرست ماڻهن جي وارتا به بيان ڪري وڃي ٿو، جيڪي پنهنجي ديس خاطر جلاوطنين جا عذاب ڀوڳين ٿا، سندن وهُون هميشه جا اوسيئڙا ڀوڳين ٿيون، پر پوءِ به پنهنجو سَتُر قائم رکن ٿيون، اهڙي طرح هڪ عورت جي عظمت جو ڪردار ته طئه ٿئي ئي ٿو، پر وڇوڙن جا جهوريندڙ عذاب، اچڻ جا بي صبر اوسيئڙا، ميلاپ جون مدهوش ڪيفيتون بيان ڪري لطيف سائين ڄڻ ته نفسيات جو ماهر ٿيو بيٺو آهي، نه رڳي اهو، پر سنڌ جي شاهوڪار واپار ۽ ان جي زوال جي ذڪر سان لطيف سائين معاشيات جي علم جو ڌڻي ٿيو بيٺو آهي، هن سر ۾ سنڌ جا ماڻهو اجگر جيڏي سمنڊ سان جهيڙين ٿا:

    سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،

    رئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،

    مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.

    **************

    نه سي تَڙَ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جُون،

    سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،

    مارينم فراق، پاڙيچون پرين جا.

    سهڻي:

    وري جو لطيف سائين سر سهڻيءَ ڏانهن هلي ٿو ته اتي به مشڪلاتن، درياءَ جي دهشت، ڪارين راتين، ڪنن جي ڪڙڪن، سيسَرن، مڇن، ڄرڪن سان جهيڙڻ جو درس ڏيئي ٿو، هن سر ۾ عورت جي همٿ، سچائي، بهادري ۽ غلاميءَ کان بغاوت جا داستان بيان ڪندي، لطيف سائين سهڻيءَ جي روپ ۾ عورتن کي سماج جو اهم حصو سمجهندي، کين غلط رسمن خلاف جدوجهد لاءِ تيار ڪري ٿو:

    دهشت دم درياءَ ۾، جتي ڪنن جو ڪڙڪو،

    آهيم انهيءَ پار جو، دل اندر ڌڙڪو،

    نجي سڪ سيد چئي، سير سندو سڙڪو،

    والي! ڪج وڙڪو، ته ٻار لنگهيان ٻارسين.

    **************

    سياري سِههَ راتِ ۾، جا گهڙي وسندي مِينهَن،

    هلو ته پُڇون سُهڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نينهن،

    جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.

    سسئي:

    عالمي مفڪر لطيف سائين پنهنجن ستن سورمين مان سسئي تي پورا پنج سر (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني) لکي سسئي کي دنيا لاءِ جدوجهد جي علامت بڻائي ڇڏيو آهي، لڳي ايئن ٿو ڄڻ لطيف سائين سسئي جي روپ ۾ هڪ حقيقي انقلابي بڻجي، جابر قوتن خلاف جدوجهد جي ميدان تي لٿل آهي، جنهن ۾ پنهون انقلاب، ڏير جابر قووتون، اوچا ڏونگر، آڏ تراڇا آهڙا، اڻانگها پيچرا، گوناگون جبل ۽ ڀانت ڀانت جا جانور، انقلابي جدوجهد ۾ ايندڙ مشڪلاتن ۾ رڪاوٽون جو علامتي اظهار آهن.

    وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا،

    اتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلين هيلا،

    جت ڪڙم نه قبيلا، ات رسج، رهبر! راهه ۾.

    (آبري)

    **************

    سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،

    سپيريان جي سوڀ، ننڊون نه ڪندي نه ٿئي.

    (معذوري)

    **************

    ڪيچان اوري ڪيتريون، معذوريون ميون،

    واٽون ويهه ٿيون، ڪُههَ ڄاڻان ڪيهي ويا؟

    (ديسي)

    **************

    ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا ! ڏاڍايون ڪرين،

    مون تن اند تينئن وهين، جينئن وڻ وڍي واڍو،

    ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٿر ڪير پنڌ ڪري؟

    (ڪوهياري)

    **************

    مٿي منجهان مينهُن، پسو! پاڻيءَ جينئن وهي،

    مون ڀانيو نينهن،، ڄڀيون ڄيري سنديون.

    (حسيني)

    ليلا چنيسر:

    وري جو ليلا چنيسر ڏانهن وڃبو ته لطيف سائين نه رڳو تصوف ويٺو سمجهائيندو، پر سماجي لحاظ کان به ڪردار سازي طئه ڪندو ايندو، هن سر کي صوفي ازم ۾ وٺبو ته چنيسر ذات حقيقي، ليلا طالب، ڪونئرو شيطان ۽ هار وڃي حرس توڙي لالچ محسوس ٿيندو. ڪيڏو نه ڪمال آهي هن مفڪر وٽ، جو هڪ حقيقي صوفيءَ کي نه رڳي سماج سان ڳنڍي بيهاري ٿو، پر کيس پابند بڻائي ڇڏي ٿو ته سماجي لحاظ کان چنيسر اعليٰ مقصد، ليلا ملڪ جي خادم، ڪونئرو مطلب پرست اڳواڻ ۽ هار عارضي فائدي جو روپ ڌاري بيهندو.

    مڻئي تي موهجي، مُوڙهي ڪَيئي مرڪُ،

    چئي چنيسر ڄام سين، وڌو تو فرق،

    وري ويو ورق، آيءَ ڏنءُ ڏهاڳ جو.

    مومل راڻو:

    سر مومل راڻي ۾ به هن عظيم ۽ آفاقي شاعر گهٽ ڪانه ڪئي آهي، هڪ طرف طلسم آهي، محلات آهي ۽ ڪاڪ تي ڪنواريون پيون رقص ڪن، راڄ بيوقوف بڻجي مري کپي ٿا وڃن، پر راڻو جيڪو ڏاهو آهي، اهو هن جادوئي طلسم کي پرزا ڪري ڇڏي ٿو ۽ مومل جهڙي ماڻا ڪندڙ طلسمي عورت کي به جهڪائي وجهي ٿو، اهڙي طرح اهو سمجهڻ ۾ ڪهڙو عار آهي ته ان سر ۾ مومل کي لطيف سائين هڪ اهڙي اڳواڻ طور پيش ڪيو آهي، جيڪو عوام سان جادوگريون ڪري، سندن مال ملڪيت ۽ ڌرتيءَ تي راڄ ڪري ٿو ۽ چڱن ڀلن کي منجهائي، لالچون ڏيئي پنهنجو ڪري ٿو يا وري طاقت ذريعي ختم ڪري ٿو، پر پوءِ به لطيف سائين اهڙي طلسم ۾ راڻي جهڙي ڪردار کي جنم ڏيئي، ان جادوئي طلسم جي تڏا ويڙهه ڪرائي ٿو. ٻي طرف اهو پڻ خيال ڪيو وڃي ٿو ته هن سر ۾ لطيف سائين ذاتي رشتن ۾ انساني آزادين جي وڪالت ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سماجي لحاظ کان لطيف سائين هڪ اهڙي داستان ۾ هٿ وجهي ٿو، جيڪو غلط سمجهڻ ۾ اچي ٿو، پر لطيف سائين غلط صحيح کان مٿانهون هوندي، انساني آزادين کي ترجيح ڏيئي ٿو:

    هَلو هَلو ڪاڪ تَڙين، جتي نينهن اُڇل،

    نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينئن کي.

    **************

    هلو هلو ڪاڪ تڙَين، جتي گهَڙجي نينهن،

    نه ڪا رات نه ڏينهن، سڀڪو پسي پرينئن کي.

    مارئي:

    ٿر جي مسڪين پيءُ ”پالڻي“ ۽ صدوري ماءُ ”ماڏوئي“ جي عظيم نياڻي مارئي جي داستان کي جڏهن لطيف سائين کڻي ٿو، تڏهن وطن سان عشق جون انتهائون ڪري ڇڏي ٿو. ڳالهه برابر مارئيءَ جي قيد جي ٿئي ٿي، پر لطيف سائين ڪنهن ٻئي هنڌ بيٺل ٿو ڏسجي. جڏهن اسان جا اڳواڻ عهدن ۽ دولت تي هرکجي وڃن ٿا ۽ وطن جو سودو ڪندي ويرم نه ٿا ڪن، تڏهن صديون اڳ لطيف سائين حڪمرانن جي عطر عنبيرن، پلائن ۽ شربتن، پٽ پٽيهرن ۽ عمر جي انيڪ آڇن کي هڪ مسڪين ۽ پيٽ بکي ٿاريلي عورت کان ٿڏا هڻائي ڇڏي ٿو. حب الوطنيءَ جي ٻي ڪهڙي انتها ٿي سگهي ٿي، جو مارئي دعويٰ بيٺي ڪري ته جڏهن پالڻهار ڪائنات کي تخليق ڪري رهيو هيو، تڏهن کان منهنجو من مارن ۽ ملير سان ڳنڍيل هيو، تنهنڪري اي وقت جا حڪمران تنهنجون آڇون منهنجي اڀري وجود کي لوڏي نه ٿيون سگهن! پنهنجي وطن سان عشق جو فلسفو لطيف سائين کان وڌيڪ دنيا جو ڪوبه مفڪر اهڙي طرح سمجهائي نه ٿو سگهي:

    نڪا ڪُن فَيَڪُون هُئي، نه ڪا مُورت ماهه،

    نه ڪا سُڌِ ثواب جي، نه ڪو غَرضُ گناهه،

    هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واهه،

    لکيائين لطيف چئي، ات ڳُجهاندر ڳاهه،

    اکين ۽ ارواهه، اها ساڃاءِ سپرين!

    ڪاموڏ:

    هي سُر نوري ڄام تماچيءَ جي عشقيه داستان تي مشتمل هوندي هڪ حاڪم جو ڪردار طئي ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف مهاڻين کي به معتبر بڻائي ڇڏي ٿو، جيڪي رنگ جون سانوريون، منجهائن ککيءَ جي ڌپ پيئي اچي، سندن ٻار ميرا ۽ لڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳن، پر نوريءَ سان عشق جي ڪري، ڄام تماچيءَ جي ماڙيءَ تي ڪنهن به مهاڻيءَ کي اچڻ وڃڻ جي روڪ ٽوڪ نه آهي، اهو آهي لطيف سائين جو هندستان توڙي دنيا جي ڪنهن به هشمت واري بادشاهه کي ڳائڻ بدران ان کي پنهنجي ڪلام جو ڪردار بڻائي ڇڏي ٿو، جو محبت ۾ پنهنجي بادشاهي هڪ مهاڻيءَ جي قدمن تي نڇاور ڪري ڇڏي ٿو:

    ٿيا تماچيءَ ڄام سين، مُهاڻا محروُمَ،

    ننڍي وڏي گندريءَ، مٿي ماڙيءَ ڌوم،

    جي ڪينجهر جي روم، سي سڀ انعامي ٿيا.

    گهاتو:

    سر گهاتوءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!؟ ”اوڀائي“ جي ستن پٽن مان ”مورڙيو“ جسم ۾ جڏو هيو، پر هن وڏي عقلمنديءَ سان ان مڇ کان پلئه ڪيو، جنهن سندس 6 ڀائر ڳڙڪايا هئا، ڇا ته ڪمال آهي ڀٽائي سائينءَ جو، هڪ اڀري وجود کي دهشتناڪ وجود سان جنگ ڪرائي ٿو ۽ اهڙو تصوف، فلسفو ۽ ڪردار بيٺو سمجهائي، جنهن ۾ ظالم سان جنگ ڪرڻ ئي زندگيءَ جو نصب العين بڻجي وڃي ٿو:

    جينئن جُهڳا پائيين جهول ۾، ايئن نه مرن مڇ،

    سَٻَرَ ڌار سمنڊ جا، ڪي رائون رڱيون رڇ،

    هي ڇاروُن ۽ ڇڇ، اڃان اوڙاهه اڳاهون ٿيو.

    سورٺ:

    جهوناڳڙهه جي راجا ”راءِ ڏياچ“ جي سخاوت ته ڪو لطيف سائين کان پڇي، هن سر ۾ راءِ ڏياچ جي ڀيڻ ”سورٺ“ جو ڪردار ته پنهنجي جاءِ تي، پر هڪ سخي راجا سخاوت ۽ وچن پاڙڻ جي ان انتها تي پهچي ٿو، جو هڪ فقير کي پنهنجو سر ڏيئي ڇڏي ٿو ۽ لطيف سائين راءِ ڏياچ کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳائي هر دور جي حڪمرانن لاءِ سبق ڇڏي وڃي ٿو:

    مَٿي اتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپار،

    ته واريو واريو وڍيان، سِسيءَ کي سَوَ وار،

    ته پڻ تند تنوار، موهان مٿاهوُن، مڱڻا.

    ڪيڏارو:

    لطيف سائين جي سر ڪيڏاري ۾ هر ان لهوءَ جو ذڪر آهي، جيڪو ظالم هٿان مظلوم جو وهايو ويو آهي، هي سر جيتوڻيڪ ڪربلا جي قضيئي تي لکيل آهي، پر هن سر ۾ جهوڪ جي جنگ جا منظر به محسوس ٿين ٿا، هن سر ۾ لطيف سائين هڪ وڏي جنگي ماهر جي حيثيت جا جنگ جا اصول سيکاريندي، جنگجو جوڌن جي وارث عورتن، سپهه سالار ۽ سپاهي جو ڪردار به طئه ڪري ڇڏي ٿو:

    هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ،

    وجهن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ راند ۾.

    **************

    ڀڳو آءُ نه چوان، ماريو ته وسهان،

    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،

    ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

    سارنگ:

    سر سارنگ ۾ لطيف سائين سنگهارن جي سُکن ۽ ديس جي ترقيءَ جي ڳالهه ته ڪري بيٺو، پر عالميت به سندس اوليت ۾ شامل آهي، مطلب ته ڀٽائي سائين دنيا جي مڙني قومن کي تسليم ڪندي پوري عالم جي ترقيءَ جو سڏ ڏيئي ٿو:

    سانئيم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،

    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

    **************

    آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ منهن جينئن،

    پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سکيا.

    آسا:

    هونئن ته ڀٽائي سائين جا مڙني سر سماجي توڙي جديد سائنس جي شعور سان سرشار آهن، پر سر آسا ۾ ته ڀٽائي اڄ جي سائنسدانن جي رهبري بيٺو ڪري، يعني لاحد جي جڏهن ڳالهه ڪري ٿو، تڏهن ڄڻ ته ٽائيم ۽ اسپيس تي بحث بيٺو ڪري، جيڪو اڄ جي سائنسدانن جو وڏو سوال آهي، رڳي اهو نه، پر هن سر ۾ تصوف جا اهي رنگ پسائي ٿو، جيڪي لاتعلقي کان هٽي ڪري، هر دور سان گڏ هلي رهيا آهن، يعني مقصد جڏهن محبوب بڻجي پوي ته پوءِ پاڻ وڃائڻ کان سواءِ ڪهڙو رستو بچي ٿو؟

    لوچان ٿي لاحد ۾، هادي لهان نه حد،

    سپيريان جي سونهن جو، نه ڪو قَدُ نه مَدُ،

    هت سڪڻ بي عدد، هت پرين پرواهه ناهه ڪو ڪا.

    **************

    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز،

    سڀ وڃائي ساز، تِهان پوءِ تڪبير چئو.

    رپ:

    لطيف سائين جهڙي طرح سر آسا ۾ تصوف ۽ سائنس جا رنگ پسائي ٿو، اهڙي طرح سر رپ ۾ عاشقن لاءِ وڇوڙن جو عذاب ڇا ٿيندو آهي؟ اهو ويٺو سمجهائي، پرينئن جي جدائيءَ ۾ وجود جا مامرا نبري سگهن، ان راز کي ڀٽائيءَ کان وڌ ڪير سمجهي سگهندو! اجهو سر رپ ۾ عاشق دانهون ۽ آهون بيٺو ڪري:

    جئن سي کوهيءَ نار، وَهَن واريءَ گاڏُئان،

    هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري.

    **************

    چيتاري چوندياس، ڳالهيون سڀوئي سڄڻين،

    جئه مقابل ٿياس، ته سڀ وڃنم وسري.

    کاهوڙي:

    هن سر جا لطيف سائين ڪيئي سماجي ۽ تصوفي رنگ پسائي ٿو، هي جي کاهوڙي آهن، سي ڪنهن جي تلاش ۾ پنڌ پچائي رهيا آهن؟ مسلسل جدوجهد ڪنهن لاءِ آهي؟ ظاهر آهي لطيف سائين هن سر ۾ ڪائناتي سچ جي تلاش ۽ سماجي جدوجهد وارا پنڌ بيٺو ڪرائي کاهوڙين کان:

    جِت نه پکي پير، تِت ٽمڪي باهڙي،

    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کِيرَ ريءَ.

    **************

    پيئي جن پرک، گنجي ڏونگر گام جي،

    واري سڀ ورق، لوچي لاهوتي ٿيا.

    بروو سنڌي:

    لطيف سائينءَ جو هي سر مجازي ۽ حقيقي عشق جي رمزن جو خوبصورت داستان آهي، رڳي عشق ئي عشق ۽ عشق جون رمزون:

    ماڙهو گهرن مالُ، آءُ سڀ ڏينهن گهران سپرين،

    دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪيان في الحال،

    ڪيس نامَ نهال، پسڻ تان پري ٿيو.

    رامڪلي:

    هن سر جا تصوفي رنگ ممڪن ئي ناهي، جو لطيف سائين کان سواءِ ڪنهن ٻي وٽ ملن، هن سر ۾ لطيف سائين حقيقي صوفي ازم جا رنگ پسائي هڪ اينٿروپالاجسٽ جي حيثيت سان بيٺو آهي، هو لامڪان جا منظر ۽ جبلن جا گوناگون پنڌ پڄائي، هڪ صوفيءَ لاءِ طئه ڪري ڇڏي ٿو ته هر اهو صوفي جيڪو فطرت جي اڙانگهن پيچرن سان جهيڙيندي ۽ انهن کي سمجهندي پار نه ٿو پوي، ان جو هن سماج ۾ ڪوبه ڪارج نه ٿو هجي، هن ئي سر ۾ هيڪڙائي، عدم، وجود، بک، برن ۽ جبلن جي حقيقتن کي سمجهڻ جي تلقين ڪري ٿو. هستيءَ جو انڪار ڪوئي هن سر ۾ جوڳين وٽان لطيف وسيلي سکي:

    نُوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،

    ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ري.

    **************

    جز وڃائيو جوڳئين، ڪل سين آهين ڪم،

    آسڻ جن عدم، آءُ نه جيئندي ان ري.

    ڪاپائتي:

    هي سر جاڳ، جهاڳ، پورهيئي ۽ پريت جو سر آهي، جنهن ۾ ڪاپائتين کي لاپرواهيءَ کان منع ڪيل آهي، کين ائيٽ تي ننڊ ڪرڻي ناهي ۽ سٽ ايئن ڪتڻو آهي، جو ان مان ڪو عيب نه نڪري جو صراف نهايت سياڻا آهن، لطيف سائين هن سر ۾ انسانيت کي ذميواريءَ جو احساس ڏياريندي، پنهنجي ڪردار کي درست ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو:

    ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين، سُتي ساهين هڏ،

    جت سرتيون ڪندئي سڏ، ات سڪندينئن سينگار کي.

    **************

    نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

    پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

    پورب:

    نياز نوڙت، ادب ۽ اخلاق محبوب جو حق آهي، ڪانگل کي هن سر ۾ لطيف سائين فضيلتون بيٺو سيکاري ته محبوب ڏانهن جي پيغام کڻي وڃين ته ادب سان ڳالهائجان، هي سر مجاز، حقيقت ۽ تجريد جي انتهائن کي ڇُهي ٿو:

    پارانڀانِ پچار، مٿي لام لطيف چئي،

    ڦير مَ فضيلت تون، جا ڪُرَ اَوان جي ڪار،

    جي ڏِنيءَ ۾ ڏيٺار، سي اُڏامي آڻ پرين.

    ڪارايل:

    هي سي انهيءَ ڪري به ڪمال درجي جو آهي، جو لطيف سائين هنجن، ڪونجن، ٻگهن، نانگن کي علامتن ۾ کڻي انسانن سان مخاطب آهي ۽ کين زندگي گذارڻ جا ڍنگ پيو سيکاري ته مٿان وري جهنگلي توڙي آبي جيوت جي روين ۽ رجحانن جي تاريخ سنڀالي محفوظ ڪري رهيو آهي:

    هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارئين،

    ٻگهن ساڻ ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن.

    **************

    سنها ڀانءِ مَ سَپَ وياءَ واسينگن جا،

    جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري.

    پرڀاتي:

    سخاوت ته هر ڪو ڪري پر ڪو ”سپڙ سخيءَ“ وانگر اٻوجهن تي مهربان ٿئي، مڱڻهارن ۽ چارڻن جون وريو عادتون ئي پنهنجون ٿين، پر پوءِ به لس ٻيلي جو حاڪم ”سپڙ“ مٿانئن راضي، لطيف سائين هن سر ۾ سخاوت جو وسَار ڪندي، هدايت بيٺو ڪري ته سياڻن جو سڀ ڪو، پر اٻوجهن جو ڪو ڪو:

    تون سپڙ، آءُ سيڪڙو، تون صاحب آءُ سَڳُ،

    پڇي تنهنجو پڳ، ڪلهي پاتم ڪينرو.

    **************

    چارڻ لڱو، پنڌ گهڻو، ڪي چوٽاڻي چئيج،

    هت ڪي هلائيج، اتي آءُ نه اچڻو.

    ڏهر:

    لطيف سائين هن سر ۾ سنڌ جي شاهوڪاري، غربت، پاڻيءَ جي وهڪرن جو عروج ۽ زوال، مهمان نوازي، غريبن تي مهربان ڌاڙيل لاکي ڦلاڻي ۽ محبوب اڳواڻ ڄام جسوتن جو ذڪر ڪيو آهي، ڄڻ ته لطيف سائين سنڌ جي تاريخ ۽ ڪردارن کي محفوظ ڪرڻ جو اهم ڪم ڪيو آهي:

    ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي؟

    جسوڌن جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو؟

    **************

    لاکا لک سُڄن، ڦلاڻيءَ ڀير ٻيو،

    جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،

    جنهن جو جاڙيجن، سُتي سُنچو نه لهي.

    بلاول:

    جادم جکري جهڙو حاڪم شل سدائين جيئي جو سندس سخا ۽ سيرت سبب عوام منجهائنس خوش آهي، لطيف سائين سخاوت جي فلسفي جو حامي آهي، جو ان سان هر گهر جي چلهه ٻري ٿي ۽ جي حڪمران سخي هجي ته ان ڌرتيءُ کي ڪهڙي پرواهه؟

    جکرو جس کرو، ٻيا سڀ آنيرا،

    جيائين جڙيو جکرو، تئائين نه ٻيا،

    مٽي تنهن ماڳا، اصل هئي ايتري.

    لطيف سائين جو فني ڪمال:

    لطيف سائين جي فن جو اهو ڪمال آهي ته هو عشق مجازي ۽ عشق حقيقي کي عام احساسن ۽ جذبن مان حاصل ڪري ٿو، جنهن سان سندس فني ڪمال ۽ ڳجهي بصيرت اهڙو وجدان پيدا ڪري ڇڏي ٿي، جو سندس ڪلام عام ۽ خاص لاءِ هڪ جهڙو قبول ڪرڻ ۾ اچي ٿو.

    لطيف سائين لاءِ معتبر شاعر شيخ اياز لکي ٿو ته ” لطيف سائين جي تصوف جو سلسلو حسن آهي، هن جو تصوف مذهب عشق آهي ۽ سندس عشق جي اها اڏار جيڪا زمين ۽ آسمان جي سڀني وسعتن کي ڦلهوري ٿي، سا سندس تصوف جي انهن سڀن عظيم معنائن سان سرشار آهي، جو سڀن مذهبن جي خوشبو ڏيندڙ قدرن کي گهيري هيٺ آڻي ٿو. هو حسن جو پيغمبر هيو، هو محبتن جو پيغمبر هيو، هو زماني جي رسمن ۽ ريتن کان آزاد هيو، هو ظاهر رشتن کان بي نياز هيو، اهو ئي ان جي عظمت جو نشان آهي ۽ اها ئي هن جي هيڪڙائي آهي ته هو پهريون انسان هيو ۽ آخري انسان هيو.“

    اهڙي طرح لطيف سائينءَ لاءِ اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته هن جي ڪلام ۾ محض رڳي صوفيانه رمزون رکيل آهن! محسوس ائين ٿئي ٿو ته لطيف سائين صوفي ازم کي هڪ سماجي ڪردار ۽ ڪائناتي سچ جي تلاش جا گُرَ ڪجهه ايئن بيٺو سمجهائي، جو ڄڻ ته ٻڌندڙ سان سندس ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هو مقامي ڪردارن، داستانن ۽ مختلف ڪِرتُون ڪندڙن کي پنهنجي ڪلام جو بنياد بڻائي نه رڳي تاريخ کي محفوظ ڪري ٿو، پر ڪائناتي رازن تان ائين پردو کڻي ٿو، جو سندس ڪلام هر ڪنهن کي پنهنجي وارتا ۽ درد محسوس ٿئي ٿو ۽ اها ئي لطيف سائين جي آفاقيت آهي، جو ڪوبه مذهب، نظريو ۽ خيال سندس مخالف هئڻ بجاءِ حامي بڻيل آهي ۽ هر ڪنهن جي دعويٰ آهي ته لطيف سائين منهنجو آهي.

    لطيف سائين عالمي شاعرن ۽ مفڪرن جي ڀيٽ ۾:

    هيگل:

    ”هيگل“ جي سلسلي ۾ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته سندس فلاسافي دنيا جي مڙني فلاسافرن ۾ ڏکي ۽ پيچيده آهي، باوجود ان جي ته هيگل شروع کان وٺي صوفيت ڏانهن لاڙو هجڻ ڪري، سندس ما بعدالطبيعاتي فلسفو پڻ صوفياڻي طرز جو نظر اچي ٿو، تڏهن ته هو ڪائنات ۾ مڙئي موجودات منجهه فرق هجڻ جو قائل نه آهي، هيگل زمان ۽ مڪان کان مٿي حق کي ڏسي ٿو ۽ مڙني موجودات سندس لاءِ نظر جو دوکو آهي.

    جڏهن لطيف سائينءَ جي شاعريءَ واري فڪر جي گهرائيءَ ۾ وڃجي ٿو ته لطيف سائين ”هيگل“ کان گهڻو اڳتي سوچيندي نظر اچي ٿو، هو ڌرتيءَ جي حقيقتن کي تسليم ڪندي، ڪائنات جي رازن کي ڳوليندي ۽ انهن جا مشاهدا ماڻيندي نه رڳي هيگل کان به وڏا سوال ۽ انهن جا جواب کڻي بيهي ٿو، پر کيس زمان ۽ مڪان توڙي انهن کان ٻاهر رڳي حق ئي حق نظر اچي ٿو.

    پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،

    هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

    **************

    حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان زري،

    لڳي ماٺ مِرُن کي، ڏونگر پون ڏري،

    وڃن وڻ ٻري، اوڀر اڀري ڪين ڪي.

    وليم ورڊس ورٿ:

    ”وليم“ اهڙو شاعر آهي، جيڪو چوي ٿو:

    ”آءُ گهميس پي ڪنهن اڪيلي بادل وانگر،

    جو تري ٿو هوا ۾ پهاڙن ۽ ماٿرين مٿان،

    ۽ اچانڪ ڏٺو مون هجوم، نرگس جي گلن جو،

    ڍنڍ جي ڪناري ۽ وڻن جي هيٺ

    ٿڌي هير ۾ رقص ڪندي.“

    وليم ورڊس ورٿ ته صرف ڪائنات اندر هڪ بادل مس بڻجي سگهيو، پر جڏهن لطيف سائينءَ جي فڪر کي گهرائيءَ جي اک سان ڏسجي ٿو، تڏهن دنگ رهجي وڃجي ٿو. لطيف سائين خود سموري ڪائنات بڻيل آهي.

    ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،

    جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌاروڌار،

    پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪينئن چوان.

    شلر:

    اهڙي طرح ”شلر“ چپن سان ڳالهائيندي دل سان خواب ڏسي ٿو ۽ سنهري مقصدن ڏانهن سفر سان سندس ڏينهن کٽندا وڃن ٿا، پر ان جي ڀيٽ ۾ لطيف سائين جو سمورو وجود خواب ڏسي ٿو ۽ انهن جي حقيقت لاءِ جهد ڪري ٿو ۽ هو موت کي ڪا معنيٰ ئي نه ٿو ڏئي.

    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

    شيڪسپيئر:

    دنيا کي اسٽيج سڏي ٿو ۽ انسانن کي اداڪار، پر لطيف سائين دنيا کان پراميد آهي ۽ دنيا کي حقيقت سمجهندي عمل ۽ ڪردار ادا ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ٿو.

    ويٺي ور نه پون، سُتي ملن نه سپرين،

    جي رندن مٿي، رون ساجن ملي تن کي.

    عالمي شاعرن ۽ مفڪرن سان لطيف سائينءَ جي ڀيٽ ڪرڻ جو اهو مقصد هرگز نه آهي ته اهي شاعر گهٽ آهي، پر هتي اهڙي ڀيٽ ڪرڻ جو مقصد لطيف سائين جي خيال جي اها بلندي پيش ڪرڻ آهي، جيڪا دنيا جي مفڪرن ۾ کيس بلند درجو ڏيو بيٺي آهي.

    لطيف سائين جو وصال:

    ڀٽ تي روزانه سماع ٿيندو هيو ۽ هڪ ڏينهن جينئن ئي لطيف سائين فقيرن کي راڳ شروع ڪرڻ جو اشارو ڪيو ته پاڻ مراقبي ۾ ٿي ويٺا، فقير ڳائيندا رهيا ۽ ان دوران لطيف سائين وڃي مالڪ حقيقي سان هڪ ٿيو.

    سن 1165 هه بمطابق 1752ع ۾ دنيا جي هن عظيم شاعر ۽ فلاسافر جو 63 سالن جي ڄمار ۾ وصال ٿيو، بعد ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سندس مقبرو اڏايو.

    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

    وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندين کي سڄڻين.

    1.اڄ به جڏهن دنيا لطيف سائين جي فڪر ۽ فلسفي تي عمل ڪري ته هيءَ دنيا دهشت ۽ وحشت کان آجي ٿي عظمتن ۽ ترقيءَ جي عروج کي پسي.

    حوالا:

    (1) شاهه جو رسالو هوتچند گربخشاڻي

    (2) اولياءِ سنڌ (اردو) اقبال احمد

    (3) تذڪره اولياءِ سنڌ (اردو) مولانا محمد اقبال نعيمي

    (4) پاڪستان ۾ صوفي تحريڪون ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي

    (5) رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (اردو) شيخ اياز

    (6) شريعت ۽ طريقت(اردو) مولانا عبدالرحمٰن ڪيلاني

    (7) تصوف حاجي خدا ڏنو ابڙو

    (8) شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ ڊاڪٽر فهميده حسين

    (9) ڀٽ جو شاهه ايڇ ٽي سورلي

    (10) شاهه جو رسالو ڪلياڻ آڏواڻي

    (11) شاهه جو رسالو ڊاڪٽر محمد عالم سومرو

    (12) رسالا شاهه لطيف (اردو) آغا سليم

    (غلام رسول چانڊيو)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين چانڊيا صاحب
    سنڌ سلامت فورم تي اوهان کي ڀليڪار چئجي ٿوتوهان ماشاالله زبردست لکو پيا پر هڪ عرض به ڪبو ته هي سيڪشن تعارف جي حوالي سان آهي جيڪڏهن توهان پنهنجون لکڻيون متعلقه سيڪشن ۾ ڪندو ته ڪافي دوست ان کي پڙهي سگهندا اهڙي نموني سان سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو جاري رهندو،

    ٻيو عرض فورم جي منيجمينٽ کي آهي ته جيڪڏهن ڪو دوست نئون آهي ته ان جو پوسٽون متعلقه سيڪشن ۾ موو ڪرايون وڃن پر لڳي ٿو ته سنگت هي ٿريڊ ڏٺو ئي نه اهي

    فقير
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    دا مون وٽ لفظ ناھن جو ڪجھ لکان توھان اڄ جي ڳالھ ڪندي اسان کي گھڻون صفر ڪرايو مان جيڪو پڙھڻ کان ڀڄڻ وارو ان کي توھان ويھاري ڇڏيو پوري ڳالھ ٻڌي سين باقي وري به چوندس ته مون وٽ لفظ ناھن ادا جو توھان جي لکڻ جي باري ۾ ڪجھ چوان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
     
  9. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    محترم خدا بخش مشاخ صاحب اوھان جا لک لائق جو اوھان منھنجي مضمون کي پسند ڪيو. ٻيو عرض ته ھن ويب سائيٽ تي نئون آھيان تنھنڪري جيستائين سکان ايستائين غلطيون معاف ٿين ته مھرباني ٿيندي. سدا سلامت ھجو
     
  10. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    فقير سائين اوھان صحيح ٿا چئو جيستائين اسان سکون تيستائين اسان جھڙن اٻوجھن جون ڪچيون پڪيون لکڻيون انتظاميه طرفان متعلقه سيڪشن ۾ شامل ٿينديون ته دوستن جا لک لائق. خادم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين جيڪڏهن انسان پنهنجي ڪنهن به مقصد ۾ڪو شش ڪندو ته ان ۾ ڪامياب به ٿيندو آهي

    سائين اميد ته گستاخي معاف ڪندا

    فقير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو