سنڌ سلامت فونٽ سرور جو آغاز

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌي زبان پنهنجي تاريخ ۽ لهجي جي رک رکائو خاطر خطي ۾ اعليٰ مقام رکندي رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو انگريزن جي دور ۾ به سنڌي زبان کي سرڪاري حيثيت حاصل رهي آهي.
    سنڌي زبان جي شائستگي ۽ گهرائي کي جانچڻو هجي ته شاهه جي رسالي کي ئي کڻي پڙهجي جنهن جي لفظ لفظ ۾ ٻولي جي پختگي جو عنصر ۽ گهرائي نمايان آهي.
    پر چوندا آهن ته ڪابه ٻولي جيڪڏهن جديد علمن جو ساٿ نه ڏئي سگهي ته اها باقي رهي نه سگهندي آهي. اهو ئي حال سنڌي زبان جو پڻ آهي جيڪا ٽيڪنيڪل اصطلاحن جي معاملي اڃان تائين ڪافي پوئتي آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ مان لڏي هند ۾ وسندڙ سنڌين لاءِ هاڻي هي زبان اوپري ٿيندي پئي وڃي.
    پر اهو انت اڄ جي سنڌي ڪمپيوٽنگ تي ڪم ڪندڙن کي منظور ناهي اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌي ٻولي جي بقاء جي جستجو جاري ۽ ساري رکيو رهيا آهن ۽ سنڌي ٻولي کي هر قسم جي سونهن ڏيندڙ فونٽس جي ذخيري ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي پکيڙڻ ۾ سنڌ سلامت جون ڪوششون پڻ جاري آهن جتان نه رڳو هر عام ۽ خاص سنڌين کي انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ لاءِ همٿايو پيو وڃي پر کين پنهنجا بلاگ ۽ ويب سائيٽس کي سنڌي زبان ۾ جوڙڻ جي مدد پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. رڳو ايترو ئي نه پر سوشل نيٽ ورڪ جهڙوڪ فيس بوڪ تي پڻ سنڌي لکائي کي سنڌي فونٽس جي سونهن ڏئي عام سنڌين لاءِ سنڌي لکڻ کي پرڪشش بڻايو پيو وڃي.
    جيئن ته سڀني ساٿين کي اها خبر آهي ته سنڌي ٻولي فونٽس جي معاملي ۾ مالا مال آهي. ۽ هن وقت تائين سنڌي فونٽ ڊيولپرز طرفان سوين فونٽ تيار ٿي چڪا آهن جن ۾ ٽائپو گرافڪ، اسٽائلش ۽ ويب فونٽ شامل آهن. جنهن ڪري ان ڳالهه جي ضرورت شدت سان محسوس ٿي رهي هئي ته :
    • سمورن سنڌي فونٽس کي گڏ ڪري هڪ مرڪزي ذخيرو بڻائجي جنهن جي ترتيب ۽ تنظيم ۽ سمورن فونٽس جي سار سنڀال هڪ منظم انداز ۾ ٽيم ورڪ ذريعي ڪئي وڃي.
    • ان مرڪزي ذخيري تائن پهچ کي سولو بڻائجي ۽ فونٽ سرور ڪجهه ان طرح فراهم ڪجي جتي سمورن فونٽس کي ڊائونلوڊ ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن بابت ڪجهه ضروري معلومات پڻ حاصل ٿي سگهي.
    • اهڙي فونٽس سرور جي ڪوڊنگ سادي ۽ اضافي ڪوڊنگ کان پاڪ هجي ته جيئن کلڻ ۾ هلڪو ۽ استعمال ڪرڻ ۾ ايترو آسان هجي جو فونٽ حاصل ڪندڙ کي انتظار بنا مطلوبا فونٽ تڪڙو ميسر هجي.
    • فونٽ سرور تي فونٽ ڳولڻ کي انتهائي آسان ڪيو وڃي جو ڳوليندڙ چاهي ته نالي سان، چاهي ته ٺاهيندڙ جي نالي سان يا چاهي ته اسٽائل جي ڳولا سان انگريزي يا سنڌي ٻنهي ڳولائن ۾ تڪڙو پنهنجي مطلوبا فونٽ تي پهچي سگهي.
    • فونٽ سرور ۾ فونٽ جو نظارو موجود هجي جيئن فونٽ ڊائونلوڊ ڪندڙ فونٽ جي خوبصورتي کي پهريان ڏسي پوءِ ڊائونلوڊ ڪري سگهي.
    • فونٽ سرور تي فونٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ جو تعداد اپڊيٽ ٿيندو رهي جيئن مشهور فونٽ يا وڌيڪ ڊائونلوڊ فونٽس کي لنڪ ڪري سرور تي ايندڙ ساٿين کي ترت سندن مطلوبا فونٽ تائين پهچائي سگهجي.
    • فونٽ سرور تي فونٽ انسٽال ڪرڻ جو آسان طريقو پڻ ٻڌايل هجي ته جئين هر عام ۽ خاص سولائي سان فونٽ کي انسٽال ڪرڻ سمجهي سگهي.
    • فونٽ سرور جو ڦيرو ڀريندڙن جي تجويزن، مشورن ۽ راين لاءِ فيڊ بيڪ جي سهولت پڻ شامل ڪئي وڃي.
    • جيڪڏهن ڪو فونٽ ڊيولپر هن مرڪزي فونٽ خزاني ۾ پنهنجو فونٽ موڪلڻ چاهي ته ان طرفان رابطي کي آسان بڻايو وڃي.
    مٿين سمورن ڳالهين کي سامهون رکندي سنڌ سلامت اهو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جو پاڻ مرادو ذمو کنيو ۽ اهڙو سنڌي فونٽ سرور جو بيٽا ورجن تيار ڪري ورتوجنهن ۾ مٿيون ذڪر ڪيل سموريون سهولتون موجود آهن..

    ويب نظارو
    3311 اٽيچمينٽ ڏسو


    موبائيل نظارو
    3312 اٽيچمينٽ ڏسو


    ابتدائي مرحلي ۾ سنڌ سلامت فونٽ سرور تي 200 جي لڳ ڀڳ کن فونٽ رکيا ويا آهن جنهن ۾ آهستي آهستي اضافو ڪيو ويندو. ان کان علاوه سرور کي وڌيڪ جازبِ نظر بڻائڻ لاءِ تبديليون ڪرڻ کانسوءِ فونٽ ڊويلپرز سان رابطو ڪندي سندن تعارف ۽ فونٽ ٺاهڻ بابت ابتدائي خيال پڻ رکيا ويندا.
    سنڌ سلامت فونٽ سرور جي ٽيم ۾ شامل آهن ٻه هونهار ۽ قابل نوجوان جن منهنجي تصور تحت ڏنل ٽاسڪ تي ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ اهو ڪم ڪري ورتو جيڪو اڳ ڪڏهن نه ٿيو هو. هنن سان ملو .. هي آهن



    سندن طرفان ڪيل هي سمورو ڪم صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي جي پکيڙ جي نيت سان ڪيو ويو آهي ان لاءِ نه ته هو ذاتي شهرت گهرن ٿا ۽ نه وري سندن ڪو ڪاروباري مقصد آهي ان ڪري سندن طرفان سنڌي ٻولي جي هن شاندار ڪارنامي کي پورو ڪرڻ تي آءٌ کين مبارڪباد پيش ڪندس ۽ توهان طرفان پڻ اهڙي ئي اميد رکندس گڏو گڏ سندن جي ڪاميابي لاءِ دعاگو رهبو.
    آخر۾ هڪ گذارش ڪندس ته سنڌ سلامت فونٽ سرور کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ رابطو ڪريو لنڪ تي ڪلڪ ڪري پنهنجي طرفان فيڊ بيڪ ۽ رايا ڏيڻ نه وساريندا.

     
    21 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سنگت جي محنت جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي ادا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تمام بهتر ڪم آهي الله اوهان سڀني کي خوش ۽ آباد رکي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    سنڌ سلامت جي ٽيم کي سلام.سڀني فونٽس ٺاهيندڙ ماهرين کي سلام.ننڍڙي عبيد کي خاص سلام.سڀاڳا پٽ پينگهن ۾ ئي پڌرا.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ سلامت سٿ جي اڻ ٿڪ محنتن کي سلام پيش ڪريون ٿا هن پروجيڪٽ جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي . سدا سلامت هجو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    ادا توھان سنڌ جا اھي جوان ٿي ڏيکاريا جن تي سنڌ امڙ کي ھميشھ فخر ھندو باقي اسان ته ٺلا سنڌ تي بار اھيون
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نظير احمد قريشي

    نظير احمد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 فيبروري 2015
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    بيروزگار
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو شهر
    هن شاندار ڪارڪردگيء تي پياري دوست عبيد ٿهيم ۽ پوري سٿ کي جس هجي
    سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
    ڌڻي در دعاڳو آهيان تہ الله پاڪ توهان کي هر نيڪ مقصد ۾ ڪاميابيون عطا فرمائي
    نيڪ تمنائن سان اوهان جو نظير احمد قريشي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پوري سٿ کي مبارڪون هجن.. فونٽ سرور جو ڪم تمام ڏکيو ۽ ڌيان طلب هوندو آهي، سرهائي آهي ته اسان جي نوجوان دوستن هن ڪم کي بهترين نموني ڪري ڏيکاريو آهي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۽ ساراهه جوڳو ڪم سنڌ سلامت جو.


    [​IMG]

    [​IMG]

    ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ منهنجي اوطاق تان هي تصوير مون 3 جنوري 2016 تي لڳائي هئي ته ڪم 80 فيصد ٿي چڪو آهي. ان وقت ٿورا ڪي مونجهارا هيا. سجاد ۽ عبيد ٻئي جڏهن رشيد سان گڏ ويٺا ته نيون راهون، نوان گس ملندا وين.
    خوشي آهي ته دوستن 100 فيصد ڪم مڪمل ڪري ورتو ۽ 31 جنوري 2016ع تي سنڌ سلامت فونٽ سرور پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ٻئي نوجوان سدائين ڪجهه نه ڪجهه نئون ڪرڻ جي جستجو ۾ رهندا آهن ۽ هي ڪم به اهم هيو. اوهان کي شابسون هجن. اوهان لاءِ ٻٽا ڀاڪر ۽ چميون.
    اهڙي ڪم جي ڊگهي وقت کان ضرورت هئي. هڪ ٻيو به ڪم ڪيو ته فونٽ الڳ الڳ ڊائونلوڊ ڪرڻ بجاءِ هڪ ئي وقت سڀ فونٽ انسٽال ڪرڻ جي به سهوليت هجي، جيئن وقت بچي پوي.
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين رشيد جي مهرباني جنهن اسان تي اعتماد ڪيو ۽ اهو پراجيڪٽ ٺاهڻ لاءِ هر وقت رهنمائي ڪندو رهيو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شاباس! سنڌ جي سونهن ڀري تصوير۾ نت نوان رنگ رچائيندڙ فنڪارو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    ادا تمام بهترين محنت ۽ جستجو وارو ڪم ڪيو اٿو، الله سائين توهان کي ڪاميابي عطا ڪري.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مونکي ياد آهي ته ان پراجيڪٽ متعلق تقريبن 8 مهينا اڳ سائين رشيد جَن مونسان ڳالهه ڪَئي هُئي، سائين رَشيد جَن هڪ الڳ اسڪرپٽ ڏيکاريو جيڪو بظاهر ته سهڻو هُيو پر اُن اسڪرپٽ کي سُست انٽرنيٽ تي کولڻ يا فونٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ تمام ڏُکيو پئي لڳو، جڏهن سجاد سان ڳالهه ٻولهه ٿِي ته کيس فونٽ سرور تي ڪم ڪرڻ جو چيم، پر ذاتي مصروفيتن ۾ تنهن وقت ڦاٿل سجاد اهو چيو ته : ”مٺا! ان تي ڪم ڪنداسين طريقي سان ۽ سٺو ڀلو ٺاهينداسين“. بس پوءِ آئون به اليڪشن جي ڪم ڪارن ۾ مصروف ٿي ويس ۽ خبر نه پئي ته ڊسمبر به گذرڻ لڳو.. سجاد کي ياد ڏياريم ته اهو سرور ٺاهڻو آ نئين سال جي شروعات ۾ لانچ ڪجي ته بهتر ٿيندو.. بس پوءِ سجاد سان روز ڪچهريون ٿينديون هُيون (۽ بقول سجاد جي ته : فونٽ سرور اهو پراجيڪٽ آ جنهن پاڻ کي ايترو ڪلوز آندو) ۽ ٿورو گھڻو ڪم هلندو رهيو، هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ادا سليمان جي اوطاق تي سجاد ۽ مُون سائين رَشيد جي رهنمائيءَ هيٺ تقريبن 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ۽ باقي 20 سيڪڙو ڪم ڪرڻ ۾ ڪافي مسئلا پيش آيا جنهن ۾ فانٽ اپلوڊنگ وقت انٽرنيٽ جي سُست رفتاري ڪڏهن فانٽس جا اميج نه صحيح نه بيهن ، بحرحال ڪافي مسئلن کي مُنهن ڏَئِي گذريل جمع جي شام ڇنڇر جي رات 4 لڳي 25 منٽن تي ڪم مڪمل ڪري آرام ڪيوسين :)
    وڏيون مهربانيون دوستن جون جَن اسان جي هِن ڪَمَ کي ساراهيو ۽ ائين ئي همٿائيندا رهندا ته انشاءَ الله ٻيا به پراجيڪٽ تڪڙا لانچ ڪبا.

    جيئن ته اڪثر فونٽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي ويبسائٽ تي زِپ جِي فارميٽ ۾ موجود آهن تنهنڪري هِن سرور تي رکڻ صحيح نه سمجھيوسين، سرور جو مقصد هُيو هرهڪ فونٽ جي الڳ سُڃاڻپ هُجي..
    وري به سائين رَشِيد جيڪا صلاح ڏِني ته اکيون پُوري عمل ڪبو.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    لا يشڪر الله من لا يشڪرالناس: پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته : جيڪو انسان ماڻهن جو شڪريو نٿو ڪري اهو الله جوبه شڪر نٿو ڪري.
    ان حساب سان اسان به تمام دوستن جا شڪرگذار آهيون جيڪي پنهنجي زبان جي بقاءَ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهن.
    هڪ ٻئي به ڪوشش ڪريون ته جديد ترين ٽڪنالاجي کي به سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪريون جيئن ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي ٻولي جي ضرورت نه پوي يعني ڪوشش ڪريون ته نئي نسل کي سنڌي پڙهن جي ضرورت محسوس ڪرايون ، اهو ان صورت ۾ ممڪن ٿي سگھي ٿو ته اسان انهن جي هر ضرورت جي ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪريون ۽ گھر گھر تائين پهچايون، ڪوشش ڪئي وڃي ته اصطلاحن کي به سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪجي ، جيڪي به ڪتاب مون پڙهيا آهن انهن ۾ ايترون ته ٻئي ٻولي جون اصطلاحون آهن جو انسان سوچي ٿو ته ان کان بهتر هيو ته ان جو ترجمو نه ڪيو وڃي. سو ڪوشش ڪريو ته هر ڪتاب جو پهريون ترجمه سنڌي ۾ ٿئي. ان شاءَ الله .
    سڌائين گڏ
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    سائين توھان جون ڳالھيون صحيح آھن۰ روز خيالن جي ھڪجھڙائپ جو احساس وڌندو ٿو وڃي۰
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ڪم
    پر فونٽ ائنڊروئيد لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرائيندا؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    حق موجود
    اسلام عليڪم دوستو
    ان گهڙي ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن فيس بوڪ تي ادا ثناءُﷲ جي ٽائيم لائين تي ڏسڻ ۾ آيو ته سنڌيءَ ٻوليءَ جي سگهاري ويب سائيٽ تي جنهن جذبي تحت ٻوليءَ جي پکيڙ جي شروعات ٿي هئي سا " اسان جي منزل اڃا به اڳتي " تحت روان دوان آهي، ڌڻيءَ در دعا آهي ته دوست ڪامييابيءَ جون منزلون ماڻيندا رهن.
    احمد خان ڀرڳڙي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    ادا سائين اسٽائلش فونٽس جي ائڊروئڊ ايپ جي گھڻي ضرورت آھي، انتظار رھندو.
    احمد خان ڀرڳڙي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. صفي الله سنڌي

    صفي الله سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 نومبر 2015
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    تمام سٺو ۽ ساراهڻ جوڳو عمل آهي
    الله اوهان کي هميشه ڪامياب ڪندو
    اسان جي دعا اوهان سان هميشه گڏ آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    سائين توهان جا لک احسان جو ذره نوازي ڪندي فقير جي تحريرن تي شفقت جي نظر رکو ٿا . بس سائين ڇا ڪريون گهٽ ۾ گهٽ سنگت کي دل جو حال ته ٻڌائيندا رهون ان اميد سان ته متان ڪوئي اهڙو نڪري پئي جيڪو اسان جي خيالن کي عملي جامو پارائي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو