مونکي توسان تمام گھڻي محبت آھي!

'ڪالم' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2016۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ساميءَ سج وڙاءَ

    مونکي توسان تمام گھڻي محبت آھي!

    غلام رسول چانڊيو


    · اسان سڀ ھڪ ٻئي کي پنھنجي پنھنجي مرضيءَ سان ھلائڻ جي جنون ۾ وٺجي ويا آھيون نتيجي ۾ ڪنھن جي به مرضي نه پئي ھلي ۽ سڀ ڪجھ رلي ويو آھي.

    · گڏيل سوچ جي خاتمي اسان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آھي، ويڳاڻا ٿيو وتئون ٿا پنھنجو ۽ ٻين جو وقت برباد ڪندا، جيڪڏھن پنھنجي “مان” کي ماريون ته رڳي “تون ھي تون” ھجي ۽ پيار جي پالوٽ سان سڀئي معرڪا پار پئجي وڃون.

    · مونکي ڏک ٿئي ٿو ته وڏي ماڻھو ٿيڻ لاءِ اسان اھل علم ۽ سماجي ڪارج پيدا ڪرڻ بجاءِ عياش پرست ٿيون ٿا. ڏسو! وڏائي سان گڏ ھر ڪردار جا تعارف ڪيئن نه تبديل ٿي ويا آھن!! خبر نه آھي ته اھا تبديلي آھي يا تباھي!؟

    · جيڪو پنھنجي ايمانداريءَ کي اشتھار بڻائي ته پڪ سمجھو اھو وڏو ڪرپٽ آھي.

    · چمچاگيريءَ جي مارڪيٽ ۾ لاٿ ڪڏھن ايندي؟ مونکي کاڌي پيتي وارن چمچن جي ڳڻتي آھي.

    · ميان سياستدان! تو وارو پريس رليز جيڪڏھن جيئن جو تيئن ڇپجي ته راڄ کلندئي، سنڌ جي وحدت لٻاڙن ۽ ڀڀڪين سان ڪانه بچندي.....

    · جڏھن ڪيوليءَ کي سماج اڳيان اٺ ڪري پيش ڪجي ته پوءِ سماج جو ڪھڙو حشر نشر ٿيندو سو پاڻ سمجھو ٿا، آءَ وڌيڪ ڇا چوان!

    · جڏھن موبائلون ملڪ ۾ نه آيون ھيون ته ڪوڙ تمام گھٽ لڳندا ھئا، ھاڻ ته رڳي ڪوڙن ڪن ئي پچائي ڇڏيا آھن، سو پاڻ ڪنن ۾ ڪپھ وجھڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

    · سنڌ جو اليمو سنڌ جا مسئلا ايترا نه آھن جيترو اسان انھن مسئلن تي ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ تماشو مچايون ٿا. تماشن بجاءِ عمل ڪريون ته ھوند اڌ مسئلا حل ٿي وڃن. سچ ته تماشا به سنڌ جو وڏو الميو آھن.

    · اسان جنسي بک ۽ محبت ۾ فرق کي سمجھيو نه آھي، بک مٽائڻ اڄوڪي سماج ۾ مسئلو نه آھي، اصل مسئلو ته محبت آھي جيڪا پنھنجي معني وڃائي ويٺي آھي.

    · مونکي توسان تمام گھڻي محبت آھي! ھاڻ اھا به ڪا چوڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڳالھ آھي؟ محبت خود پنھنجي ھر روپ ۾ اظھار جو نالو ئي ته آھي.

    · اسان جون محبتون غربت ڳڙڪائي وئي آھي، تڏھن ته محبت بجاءِ آباديءَ ۾ تمام وڏي واڌ ٿي رھي آھي.

    · آءَ پوڙھو ٿي ويو آھيان پر مڃڻ لاءِ تيار نه آھيان، ائين ڇو آھي جو جيستائين ڪو کٽ ناھي وٺندو ايستائين پوڙھي ھجڻ جو اعتراف ناھي ڪندو؟ “ اڇي ڏاڙھي اٽو خراب ”وارو پھاڪو ياد اچي ويو اٿم.

    · انسان جي داخلي بحرانن جي ڪري سندس خارجي ڪردار ڪجھ اھڙو وڃو بيھي جو سماج ڌپ ڪريو وڃي، اھو سمورو چڪر خواھشن جي گند مان پيدا ٿئي ٿو.

    · مان صحيح آھيان، سچو آھيان واري دعوي ھڪ اھڙو نفسياتي الميو آھي جنھن ۾ اسان جا وجود جلندا رھن ٿا. ڇو نه ٿا سمجھون ته حتمي سچ ٿيندو نه آھي ۽ جي ٿيندو آھي ته ان تائين پھچڻ لاءِ انسان کي ڪيئي صديون گھربل آھن. ذاتي سچ ھر ڪنھن جو سچ ھجي اھو ٿي ئي نه ٿو سگھي.

    · ڪالھ جو سچ اڄ جو وڏو ڪوڙ آھي ۽ اڄ جو سچ شايد سڀاڻ جو ڪوڙ ثابت ٿئي، تفصيل ۾ نه ٿا وڃون جو ان ۾ ڪيئي معاملا اٿي پوندا، پاڻ ئي سمجھي وڃو!

    · ھر دور جو پنھنجو سچ ھجيٿو، معني ته سچ ھميشھ نسبتي آھي؟

    · ڪنھن چيو ته خوش گذاريندو ڪر.... ائين لڳو ڄڻ آءَ ھرون ڀرون پريشان پيو رھان، يا وري خوش گذارڻ ڪو ايترو سولو آھي!! ماڻھو به عجيب آھن!

    · او ميان! اھا ڏاھپ پاڻ وٽ رک، آءَ چريو ٺيڪ آھيان، اجايو ڇو اچي منھنجا ڪن کاڌا اٿئي؟ ڏاھپ ڪڏھن به منھنجن ٻارن جي اسڪول جي في جمع ناھي ڪرائي ۽ نه ئي ڏاھپ ڪڏھن مون وٽ اٽي جي ٻوري کڻي آئي آھي.... مون لاءِ محنت کان وڌيڪ ٻي ڪا به ڏاھپ نه آھي، تنھنجي مھرباني، مونکي گاھ تي وڃڻ ڏي، مال ٿو بک مري!

    يار توکي ڪير سمجھائي ته مون سياڻو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، سياڻو ته نه ٿي سگھيس پر مرڳھين سر ٿي ويو، سو مھرباني ڪري منھنجي پچر ڇڏ، ڪنھن ٻي کي ڦاساءِ!Sindhi_chandio@hotmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو