ڏک جي خبر آهي ته ناميارو شاعر بشير سيتائي انتقال ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون بشير سيتائيءَ جو اصل ۽ پورو نالو بخشل ڀٽي ولد آخوند محمد عرس ڀٽي آهي. سندس جنم 8 جولاءِ 1949ع تي سيتا وليج ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ايم. اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۽ ايل. ايل. بي آهي. شاعريءَ جي ابتدا 1966ع کان ڪيائين. سنڌ جي سُٺن ۽ پختن شاعرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو، جن وٽ ڏات ۽ ڏانءُ آهي. سندس شاعريءَ جا مجموعا: (1) ’سج سريکو سچ‘ (1987ع)، (2) ’ڏات نه ٿيندي مات‘ (1993ع)، ۽ ’جهوڻو منهنجو جيءُ‘ (2000ع)، ’اداس من جي اداس موسم‘ (شاعري)، سپنا تڙپن ساڀيا لاءِ، ۽ چاهه چريا اتساهه چريا ڇپيل آهن. سندس اڻڇپيل تصنيفن ۾ ’جيون گهاڻي جيئن (ڪهاڻيون)، ’منهنجو آئينو‘ (يادون)، ’مون جي ڏٺا ماءُ‘ (خاڪا)، ’گوهر ناياب‘ (فارسي غزلن جو سنڌي ترجمو)، ’خوشبو ۽ جدا جدا‘ (فارسي بيتن جو سنڌي ترجمو)، شامل آهن.
محترم بشير سيتائيءَ جي وفات جو ٻُڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ـ اسان جي ڌڻيءَ سڳوري در دعا آهي ته کيس جنت ۾ جايون ڏئي ۽ سندس پونئيرن کي صبرڏئي ـ آمين ـ