1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

ڇا ٿر کي هميشه لاءِ ڏڪار کان بچائي سگھجي ٿو؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شمس مڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2016۔

  1. شمس مڱريو

    شمس مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 فيبروري 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هن مينهوڳي مند ۾ گاه گھٽ ٿيڻ ڪري ٿر سائو نـ ٿي سگھيو آهي مهينو اڳ اهڙو ماحول هو جو هرڪنهن گذريل سالن جا سور وساريا هئا ۽ ٻنيون کيڙڻ ، سُوڙڻ ، ٻنڌا ڏيڻ ۽ چَريون کوٽڻ ۾ رڌل هئا ۽ شام جو ٿڪاوٽ سوچن کان آجي ننڊ بـ ڏني پئي پر مهينو گذرڻ تائين ٻيو مينهن نـ پوڻ ۽ گاه نـ ٿيڻ ڪري ٿريا پريشان آهن جو ٻنيون کيڙڻ لاءِ ناري مان مزدوري تان بـ موٽڻو پيو تـ ٻج،کيڙيون ۽ ٻني جي صفائي وارا خرچ بـ گلي پيا ، ايئن ٿو لڳي ڄڻ اهي ڏڪاري ڏاکڙا وري هڪ ڀيرو ٿر جي ماڻهن ۽ مال کي ورائي ويندا.

    جيئن جَکن پٺيان مينهن ٿا اچن تيئن سڪار پٺيان ڏڪار بـ ايندا رهن ٿا ۽ سڪار جي ڀيٽ ۾ ڏڪار وڌيڪ رهن ٿا گذريل ٽي سال جي ڏڪار کان پوءِ هيلوڪي سال بـ مينهن نـ پوڻ جا امڪان چٽا آهن ۽ جڏهن بـ ڏڪار واري صورتحال جڙي ٿي ، ادارا فنڊ هٿ ڪن ٿا ۽ خرچ بـ ڪن ٿا سرڪار عالمي ادارن ۽ وفاق کي اپيلون ڪري امداد جي مد ۾ اڻپورو اَن موڪلي پٽيلن جي پيٽ جي پورائي بـ ڪندي آهي تـ انهن جي ڏن ڀرُو ماڻهن کي بـ ڪجھ پلءِ پوي ٿو، تـ ڪا اين جي او پاڻي جو ٽينڪر ڪجھ ڳوٺن ۾ پڄائي ڦوٽو ڪڍي ويهي ٿي رهي ۽ ڪن ڳڻائڻ لاءِ ڪي ڪامريٽ گوڙ ڪري اخباري بيان بـ ڏين تـ سرڪار وري انهن جي ڪائونٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪري پهنجا ڀنڃي ٻـ اڌ ڪيل ڪک بـ ڳڻائي ٿي ۽ آيل ڊونرس ۽ وزيٽرس کي ڪجھ ماڊل ڪري ٺاهيل روڊن تان گذاري ۽ هڪ اڌ ماڊل شهر ڏيکاري چون ڏسو اسان ڪين نـ بر ۾ بازار اڏي آهي اڃا ڇا ڪريون... ٿورو ڪرڻ ۽ گھڻو ڪري ڏيکارڻ واري روايت وڏي وقت کان جاري آهي ، ڏڪار جيئن جو تيئن مرحليوار اچن پيا ۽ خرچ بـ هلندو رهي ٿو پر فيلڊ جا کاهوڙي ماڻهو جن خيرپور جي ناري کان کوکڙي پار ، کوکڙي کان کينسر ۽ ڏاهلي کان ڏيپلي تائين جن گام گام گس ڪيا سي سمجھن ٿا تـ 70 سالن ۾ ڪيتريون سهوليتون ٿرين کي مليون ۽ ڪيترا خرچ ٿرين جي کاتي لکيا ويا. جي ڪڏهن ڪي قدر امدادي سرگرميون ٿين بـ ٿيون تـ ان لاءِ ضروري آهي تـ پهرين ڏڪار ڊڪليئر ٿيئي، ان جو وري سرڪاري عمل ايترو اينگهائيندڙ آهي مثلن سيڪريٽري ڊي سي کي لکندو، ڊي سي مختيارڪار ۽ مختيارڪار تپيدار کي پوءِ تپيدار ميدان ۾ لهندا ۽ پڙتال ڪري مختيار ڪار کي رپورٽ ڪندا پوءِ مختيارڪار ڊي سي ۽ ڊي سي سيڪريٽري کي لکندو پوءِ سرڪاري مشاورت کان پوءِ امدادي سرگرميون شروع ٿينديون آهن، هي سڄو پروسز پورو ٿيندي ٻيو ڏڪار اچي چڪو هوندو آهي. 2013 ۾ ٿر ڊولپمنٽ اٿارٽي جوڙي وئي جنهن ۾ ڪل 23 ميمبر شامل ڪيا ويا ٿر جي چونڊيل نمائيندن سان گڏ ٿر جي سماجي شخصيتن ڊاڪٽر سونو مل ۽ علي اڪبر راهمون کي شامل ڪيو ويو ۽ صحافتي سٿ مان سينئر صحافي سهيل سانگي ۽ کاٽائو جاني کي پڻ شامل ڪيو ويو. ايڊوڪيسي جي حوالي سان ٿر جي ڪمزور ڀانڱي اڇڙي ٿر مان هڪ بـ نمائندو شامل نـ ڪيو ويو اتان جي نمائندگي حڪومتي ڌر جي شازيـ مري ڪندي، پر هيل تائين ٿر ڊولپمنٽ اٿارٽي بـ ڪو خاص ٻوٽو نـ ٻاري سگھي آهي.

    سماجي دنيا جي ڏاهن مطابق آفتن کان پوءِ امداد واري وٺپڪڙ کان ڀلو آهي تـ اڳواٽ ڪي اهڙيون پاليسيون جوڙيون وڃن جو آفت واري ڪيفيت جو ڪو خاطرخواه اثر عوام تي نـ پوي، ۽ اسان وٽ بد قسمتي اها جو سنڌ خصوصن ٿر لاءِ ڪا اهڙي پاليسي جڙي ناهي سگھي... ٿر جا 21 صدي جا ماڻهو اڃا صحت تعليم توڙي ٻين بنيادي ضرورتن کان وانجھيل آهن. جيڪڏهن سرڪار هميشـ لاءِ ههڙي صوتحال کان بچڻ چاهي ٿي تـ ان لاءِ ضروري آهي تـ ٿر لاءِ ڪا جامع رٿابندي جڙڻ کپي ، اهڙي رٿا بندي جنهن ۾ ٿر تي اثر انداز ٿيندڙ هر مسئلي جي حل جو سامان هجي.

    مال مطاع ،بيماريون ۽ خوراڪ

    سنڌ جي اڪانومي ۾ لائواسٽاڪ جو اهم ڪردار آهي ۽ انهي مال جو وڏو انگ ٿر سان تعلق رکي ٿو، ٿر جي ماڻهن جو ٻني ٻاري کان وڌ مال متاع تي گذارو آهي خصوصن اڇڙي ٿر لاءِ تـ عام پهاڪو آهي تـ اڇڙي ٿر جا ماڻهو ٿڻ تي آهن ڪڻ تي ناهن، مطلب پوک نٿي ٿئي مال تي گذارو ڪن ٿا. جڏهن ڏڪار واري صورتحال جڙي ٿي تـ سڀ کان پهرين ننڍي مال مان '' رڍ '' ۽ وڏي مال ۾ '' ڍڳي '' متاثر ٿئي ٿي ڇاڪاڻ جو اهي ٻئي جانور پَٽ جي گاھ تي گذران ڪن ٿا ۽ ڏڪار واري حالت ۾ انهن جي خوراڪ جلدي جواب ڏيو وڃي ۽ پوءِ ڀاڳيا مال بچائڻ لاءِ ، بوھ ، گواتري، اولڙ ڪانن جي ڪتر ، ڪنڊين جي سنک ۽ آخري هيلو ڪندي ٿوهر جي ڪاٺي جي ڪتر بـ چاريندا آهن پر مال کي جيسين گاه نـ ملي سوڌراڻ ئي نـ ٿئي ۽ بيماريون اچيو ڪم کي کڻن گذريل ڏڪار ۾ هزارين جانور رڳو ڦڦڙي جي بيماري جي ڪري مري ويا انکان سواءِ موڙھ، تيڪ، ڪارو واه ۽ ساماڙو ڪم لاهيو ڇڏي، شهرن کان پري جھنگ ۾ رهندڙ ڀاڳيو تڪڙي علاج بجاءِ نانڍيڪا ڦسرا ڪري ٿو، مثلن مال کي سورڻ، ڏنڀ ڏيڻ، لوڻ اجمو لساڙي پيارڻ ۽ ٻيا انيڪ سارا ٽوٽڪا استعمال ڪري مال بچائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، هن وقت جڏهن ٿر تي مولا مهربان ٿيو آهي ۽ مينهن وٺا آهن تـ موجوده صورتحال ۾ ڪچو هريِ ۽ ويقر کائڻ ڪري مال کي تيڪ ۽ سوُري وڌيڪ ٿيندي ۽ هن مند ۾ بـ لائيو اسٽاڪ کاتي کي حرڪت ۾ هجڻ کپي ڇوجوهيئڙي مند ۾ ناري جو مال بـ وڏي تعداد ۾ايندو آهي ۽ ٻني ٻاري جون ججھيون مصروفيتون مال جي ننڍين ننڍين بيمارين ڪارڻ ڀاڳئي کي شهر وڃڻ نـ ڏينديون آهن ، هن سڄي هڻ وٺ ۾ حڪومت ۽ لائواسٽاڪ ڊپارٽمنٽ غير موجود رهن ٿا ۽ ويڪسين لاءِ وٺ پڪڙ تڏهن ڪن ٿا جڏهن بيماري اچي چڪي هوندي آهي، ۽ پوءِ غير ضروري ويڪسين ڪري انگ ٺاهيندا آهن. حڪومت کي گھرجي تـ وڻڪاري وڌائڻ ۽ وڻن جي واڍي روڪرائڻ بابت ڪا پاليسي جوڙي ۽ هر ديھ ۾ هڪ ڊاڪٽر مقرر ڪري ۽ بيمارين بابت اڳواٽ آگاهي ۽ وقت تي مال جي ويڪسين ڪرائي وڃي ۽ گڏو گڏ ڏڪاري حالتن ۾ امدادي ڪمن ۾ سڀ کان پهرين مال جي مناسب چاري جو بندوبست ڪيو وڃي تـ جيئن معصومن ۽ انهن جي مائرن کي مرچن سان ماني کائڻي نـ پوي ۽ کير جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگھجي.

    ٿر ۽ پاڻي

    ٿر جو اهم ۽ گھڻو اثر انداز ٿيندڙ مسئلو پاڻي جو مسئلو آهي،کوهن جو کارو ۽ وڏي مقدار ۾ سنکئي سان آلوده ٿيل پاڻي انسان توڙي جيت جڻن جي بيمارين، گھٽ عمري توڙي معاشياتي ڏيوالپڻي جو سبب بڻجي ٿو ، ڪن حالتن ۾ تـ اهو زهر آلود پاڻي بـ وڏو سفر ڪري ڀريو وڃي ٿو ۽ ڪافي علائقن ۾ تـ مال ۽ ماڻهن جي موت جو ڪارڻ بـ بڻجي ٿو، ٿر جي ڪجھ شهرن ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڳوٺن ۾ پاڻي جا پائيپ پهچايا ويا آهن پر 90 سيڪڙو آبادي مجبورن کوهن، ويرين ، تس ۽ ڀاڏن جو انتهائي زهريلو پاڻي واپرائي ٿي.اهي سال خوشنصيب هوندا آهن جڏهن مينهن پوندا آهن تڏهن وري تراين ، ٽوڀن ۾ جمع ٿيل برساتي پاڻي مال ۽ ماڻهو ساڳي جاءِ تان پيئندا آهن ۽ سيمنٽ ۽ ڦليار جي ليپي سان ٺاهيل ٽانڪلين (ٽانڪين) ۾ رواجي طريقي سان پاڻي اسٽاڪ ڪيو ويندو آهي، جيڪو صرف ناري مان آيل مهمانن، چانھ ڪاڙهڻ ۽ اپريل ۾ جڏهن مال شديد اڃ جي حالت ۾ کوه جو کارو پاڻي پيئڻ ڪري (وهرجي) مرڻ لڳندو آهي تـ ان کي پياري بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ٿر جي هر ڳوٺ تائين صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائجي تـ ڏڪار دوران هيڏي وڏي انگ ۾ جاني ۽ مالي نقصان نـ ٿئي بلڪـ 60 سيڪڙو ڏڪار جا اثر گھٽجي وڃن.

    صحت جون سهوليتون

    جيئن تـ ٿر جي آبادي کي ڏسبو تـ تمام گھڻي وکريل آبادي آهي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ جو فاصلو نـ صرف گھڻو پر رستا نـ هجڻ ڪري ڏکيو پڻ آهي ۽ سواري جي اڻهوند ۽ غربت ڪري ننڍين وڏين بيمارين تـ ٺهيو پر بلائن جي ڪکيل مريضن کي بـ اسپتال آڻڻ بجاءِ ڳوٺاڻا ٽوٽڪا استعمال ڪري ايستائين مريض کي روڪيو وڃي ٿو جيستائين مريض موت کي ويجھو نٿو ٿئي، عطائي ڊاڪٽرن ، حڪيمن ۽ داين جي رحم ڪرم تي ڇڏيل ٿر جي ماڻهن کي پوري ٿر ۾ ڪٿي بـ صحت جي مناسب سهوليت ميسر ناهي، حڪومت کي گھرجي تـ هر 300 گھرن تي هڪ بي ايڇ يو ۽ هر 50 گھرن تي هڪ ڊسپنسري قائم ڪري ۽ هر بي ايڇ يو ۾ ويم جي مڪمل سهوليت ۽ نانگ کاڌل ماڻهو جي علاج جي سهوليت هجڻ گھرجي.

    تعليم

    تعليم ٿر جو هڪ مکـ مسئلو آهي خاص طور ڇوڪرين جي تعليم جي شرح خطرناڪ حد تائين گھٽ آهي، ڪوالٽي وارن استادن جي اڻاٺ اسڪولن جي کوٽ توڙي غربت ڪري ٿر جي تعليم تمام گھٽ آهي ، ٻيو تـ هتي جي ٻولي مارواڙي ۽ ڍاٽڪي هجڻ ڪري اڪثر ٻارن کي سنڌي نصاب جھٽ پٽ سمجھ ۾ نـ اچڻ ڪري والدين پڙهائيِ ڇڏرايو مزدوري تي لڳايو ڇڏين، اسڪول پري هجڻ ڪري ٻارن جي لاءِ ڀٽ ۽ واري جو پنڌ بـ محال آهي خاص طور ڇوڪرين لاءِ تـ ڳوٺ يا ڍاڻي مان نڪرڻ ئي ناممڪن آهي، سرڪار کي گھرجي تـ هر 30 گھرن تي هڪ پرائمري اسڪول ، 60 گھرن تي مڊل اسڪول ۽ 400 گھرن تي هڪ هاءِ اسڪول لازم آهي، جيڪڏهن اهي سڀ سور سهي ڪو ٻار انٽر پاس ٿو ڪري تـ اڳتي جي تعليم لاءِ 200 کان 500 ڪلوميٽر پري حيدرآباد رهڻ هڪ ٿر جي ٻار لاءِ ڪيترو مشڪل آهي اهو سڀڪو سمجھي ٿو، ان لاءِ ٿر جي اها گھرج آهي تـ عمرڪوٽ ۾ هڪ يونيوسٽي قائم ڪئي وڃي.

    روڊ رستا ۽ بهتر رابطـڪاري

    جڏهن بـ ٿر جي ڳالھ اچي ٿي تـ ماڻهن ۽ فردن جو ڌيان اڳوڻي ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي مٺي ڏانهن وڃي ٿو انهي پاسي جي ايترو هائيلائيٽ ٿيڻ ۾ اتان جي سول سوسائيٽي ۽ چونڊيل نمائيندن جو وڏو هٿ آهي انهي پاسي جي ٿيل روڊ رستن جي بهتر ڪم جي پردي هيٺان سڄو ٿر دٻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو سڻڀيون ڌريون انهي ئي پاسي گھمڻ بـ وڃن تـ انهن جي سوچ مطابق ٿر آهي ئي صرف مٺي، حڪمرانن بـ گھڻي ڪرود کان بچڻ لاءِ مٺي شهر کي ماڊل ٺاهي تاثر اهڙو ڏنو آهي تـ اسان ڪي وڏا ترقياتي ڪم ڪيا آهن، پر ٿر ۾ جي ڪجھ اڻپورا روڊ آهن تـ بـ ارباب دور جا ان کان پوءِ 10 سالن ۾ ڪي بـ نوان ڪم يا ڪيل ڪم جي مرمت ناهي ٿي سگھي اڇڙي ٿر يا خيرپور جي ناري تغلقي کان کوکڙي پار تائين ڪٿي بـ روڊ ناهي ۽ کوکڙي پار کان چيلهار ۽ ڏاهلي تائين صرف ڪن چند شهرن تائين روڊ آهن باقي سڀ خير، اڃا تائين ڪئين اهڙا علائقا آهن ۽ هزارين ڳوٺ آهن جن تائين پري پري کان روڊ نٿو لنگھي نتيجتن ڳرا ڀاڙا ۽ صحت توڙي تعليم تائين رسائي مشڪل بڻيل آهي، تازين امدادي ڪارواين کي ڏسندئو تـ اهو ٻڌي حيرت ٿيندي تـ ڪڻڪ جي هڪ ٻوري جي قيمت کان وڌيڪ ڳوٺن تائين پهچائڻ جو ڀاڙو۽ خرچ ٿئي پيو ان جو ڪارڻ صرف روڊ رستا نـ هجڻ آهي ان کان سواءِ ڳورهارين عورتن ۽ نانگ کاڌل ماڻهن جي بـ جھٽ پٽ شهرن تائين رسائي نـ هجڻ ڪري اڪثر ڪري فوتگي ٿيو وڃي ، سرڪار کي گھرجي تـ غربت گھٽائڻ ۽ ههڙن ڏڪاري ڏاکڙن کي منهن ڏيڻ لا۽ هر ڳوٺ تائين روڊ رستا ٺهرائي.

    مستقل روزگار

    ٿرجي ماڻهن جو روزگار ٿڻ ۾ هجي يا ڪڻ ۾ پر مستقل ناهي فصل توڙي مال جي ڀلائي برسات سان لاڳاپيل آهي ٻنين ۾ هر سال ٻج ڇٽڻ وقت اهو من ۾ ئي نـ هوندو آهي تـ ڪڻ مان ٻـ ڪڻ بـ ٿيندا، ٿر جو سڄو ڪاروهنوار توقل تي رهيو آهي، نـ وڏاشهر، نـ ڪاروباري سرگرميون، نـ ڪي ادارا ۽ نـ نوڪريون برساتون سٺيون پون تـ ٻنيون ۽ مال نـ تـ ناري جا شهر مزدوريون ، لابارا ۽ ڊگھا پنڌ،.... هي اهڙو مسئلو آهي جنهن جو اثر هر بنيادي ضرورت تي پوي ٿو، هر ڇهين مهيني عارضي روزگار لاءِ ٿيندڙ لڏپلاڻ جو اثر ٻارن جي تعليم کان وٺي عورتن جي صحت تائين هرطرح سان ٿرين کي متاثر کان متاثر ترين بنائي ٿو، مستقل روزگار نـ هجڻ ئي ڏڪار جي موجوده صورتحال جو سبب آهي ان ڪري ئي گرهوڙي چواڻي تـ؛ “ پاهت جنيئن جا پيڙهئين، سي ماني محتاجا” ، حڪومتي ۽ غير حڪومتي ادارن کي گھرجي تـ امداد تي اجايا خرچ ڪرڻ بجاءِ ٿر جي لاءِ ڪي مستقل روزگار جا منصوبا جوڙين هنري سکيائون ۽ گھريلو صنعت جو بنياد وجھن، ٿر جي ڪورڙ ، منڱ ۽ تِرن کي ٿر مان کڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڃي بسڪيٽ ٺاهيا وڃن ٿا، سولر انرجي ۽ ونڊ پاور جو استعمال ڪندي گھريلو۽ ننڊي سطح تي مشينون هڻي اهڙا بسڪيٽ ٺاهڻ لاءِ ٿر جي ماڻهن کي بـ آماده ڪري سگھجي ٿو . جيڪڏهن منصوباسازي لاءِ ٿر جي متاثر ماڻهن سان گڏجي ويچاربو تـ اهڙا لک منصوبا نڪري ايندا جن سان ٿر جو هر ماڻهو مستفيد ٿي سگھندو پر روايتي طور جي ڪڏهن غربت جي خاتمي لاءِ منصوباسازي غربت کان ڪوهين ڏور پري ايئرڪنڊيشنڊ ايوانن ۾ ٿيندي تـ فرق نـ پوندو پر الٽو نقصان ئي ٿيندا.

    مٿي بيان ڪيل رخن تي عمل ڪري ٿر کي ڏڪار کان بچائي نـ سهي پر ڏڪار جا پوندڙ اثر گھڻي قدر گھٽائي سگھجن ٿا.

    شمس منڱريو

    shamsmangrio@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو