• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ، هند جي نامياري شاعر، نقاد، ڪهاڻيڪار، ناول نگار سڳن آهوجا جي ورسيءَ تي ڀيٽا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

24azy0y.jpg



سنڌ، هند جي نامياري شاعر، نقاد، ڪهاڻيڪار، ناول نگار سڳن آهوجا جي ورسيءَ تي ڀيٽا

بشير ڪالاڻي

سڳن آهوجا سر زمينِ سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ 1 ڊسمبر 1921ع تي جنم ورتو. هن پرائمري کان ميٽرڪ کان تعليم شڪارپور کان حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم لاءِ 1937ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ورتائي جتان 1941ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين پاڻ شاگردي واري زماني ۾ ئي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي دسترس حاصل ڪري چڪو. سڳن آهو جا جو خاندان 1947ع ۾ ڀارت لڏي ويو ۽ اتي پاڻ ڪجه وقت لا ءِ ليڪچرار ٿيو پر سندس زندگي ساٿ نه ڏنو.
سڳن نئي شاعري سان لاڳاپيل هو هن نثر به لکيو سندس ڇپيل ڪتابن ۾ بي آگ جلن ٿا پروانا (ڪهاڻيون). ارمان (شاعري). پياري چيز (ناول) سنڌي ادب ۾ چڱو واڌارو آهي. سڳن فقري لحاظ کان مارڪسوادي هو. شعر ۾ سونهن جو شاعر هو سماج جي اونچ نيچ کان با خبر هو.

پيار کان جيڪي پيار گهرن ٿا
پيار نه سودي بازي ڪن ٿا
شمع جي چَپَ کي جي نه چُمن ٿا
سي ئي جلن ٿا جلندا رهن ٿا
پنهنجي ڏسڻ کي ڪيئن سمجهايان
سهڻا ماڻهو سهڻا لڳن ٿا
ڇو نه تون لڳندي پيارو پيارو
تنهنجا ڪنهن سان روش ملن ٿا

سڳن آهوجا 45 جي ڄمار ۾ بيماري سبب 10 فيبروري 1966ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس ورسي جي موقع تي پوري هند، سنڌ ۽ دنيا جي تمام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقيم سنڌين پاران کيس ڀيٽا طور گُل نڇاور ڪجن ٿا.
 
Back
Top