آخر تڪراري رٿائون ئي ڇو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    آخر تڪراري رٿائون ئي ڇو؟

    شفيق شاڪر

    رپورٽن مطابق گھڻو اڳ رد ٿيل تڪراري رٿا “ اکوڙي ڊيم” جي مئل گھوڙي کي ٻيهر زنده ڪرڻ جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي رڌڻي ۾ ڪا کچڻي ضرور پچي رهي آهي.سنڌيء ۾ چوندا آهن ته “ ڳوھ کي کٽي کڻي ته ڳولهي شڪارين جا گھر! ” سو نوازشريف حڪومت اڳ۾ گھٽ بحرانن جو شڪار آهي جو کيس ڪجھ نادان دوست اهڙين تڪراري رٿائن ۾ ڦاسائي ٻيو ڪو نئون بحران پيدا ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. توڙي جو اها رٿا قابل عمل ڪانهي ۽ نه ئي حڪومت انهيء تي ڪو ڪم شروع ڪري سگھي ٿي پر هن حڪومت جي چرٻٽن کان هر اهو فيصلو جيڪو عقل کان خالي هجي ان جي اميد ڪري سگھجي ٿي.انهيء جا ٻه سبب آهن هڪڙو ته اهو جو خطرن سان کيڏڻ سدائين جناب نوازشريف جي وندر رهي آهي.ستل بلا تي لت ڏيڻ به هن جي پراڻي عادت آهي ۽ “ آ بيل مجھي مار ” واري چوڻي ته شايد ٺهي ئي هن لاء آهي.سو سائين هيستائين ڏاڍو صبر جو مظاهرو ڪيو آهي.سندس چوڻ مطابق هو ڪنهن کي به پنهن جي مٿان سپر پرائيم منسٽر ٿيڻ برداشت نه ڪندو.اهو بيان هن جلاوطنيء واري دور ۾ ڏنو هو پر اڄ جڏهن گھڻيون شيون هڪ طاقتور وزيراعظم هوندي به هن جي مرضيء مطابق نه ٿي رهيون آهن ته ظاهر آهي ته پنهن جي ان عظيم فرسٽريشن ء۽ بيوسيء جي ڪاوڙ ڪڏهن پي آئي اي جي ملازمن مان ڪڍي ٿو ته ڪڏهن پنهن جو غصو انهن صوبن جي عوام تي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جن کيس ڪڏهن به ووٽ ناهن ڏنا.سندس امڪاني غير معقول فيصلن لاء اهو ته ٿيو پهريون سبب، ٻيو سبب اهو آهي جو نوازشريف جي موجوده حڪومت ڪنهن به طرح پوري وفاق جي نمائنده حڪومت چئي نٿي سگھجي. حڪومت برابر آئيني آهي پر اها انگن ۽ عددن جي زور تي قائم ٿيل آهي جنهن کي صرف پنجاب مان ئي ئي پاور مليل آهي ان ڪري قومي سطح تي ٿيندڙ فيصلن ۽ حڪومتي پاليسين ۾ به صرف پنجاب جو ئي رنگ نظر اچي ٿو. ٻين صوبن جي اتفاق يا انڪار سان هنن جي صحت تي ڪو فرق نٿو پوي جو عددن جي لحاظ کان ٻين صوبن جا محتاج نه آهن.ان ڪري هو هر اهو ڪم ڪرڻ جي لاء تيار آهن جيڪو پنجاب ۾ هنن جي ووٽ بينڪ کي مضبوط ڪري پوء انهن جي انهن فيصلن جي نتيجي ۾ ننڍن صوبن جو عوام چپجي ڇونه وڃي! هيء ڪا نئين سوچ نه آهي پر انهن مشرقي پاڪستان جي ماڻهن سان به اهو ئي سلوڪ ڪيو ۽ بعد ۾ انهن کي غدار ۽ پاڪستان دشمن

    قرار ڏيئي مٿانئن ٽينڪون گھمائي کين خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نيٺ اڌ پاڪستان وڃائي وڃي شڪراني جا نفل پڙهيائون.انهن تاريخ مان ڌوڙ سکيو آهي سواء ان جي ته مملڪت خداداد پاڪستان ۾ جيڪو ڪمزور پنهن جا آئيني حق گھري ته سندس نڙيء تي لت ڏيو،کيس غدار ۽ ملڪ دشمن ڪوٺيو ۽ آخر ۾ مٿانئن ٽينڪون به چاڙهي ڇڏيو.دنيا ۾ وفاق ڪڏهن به رڳو طاقت ۽ اڪثريت جي زور تي نه هلندا آهن.سو جيڪڏهن مت جا موڙها هي حڪمران ننڍن صوبن جي هر آواز کي دٻائي صرف هڪ صوبي جي حق ۾ ڪو فيصلو ڪري ويهن ته اهو انهن جي رويي کان بلڪل پري ناهي.ڪنهن ٻڌايو ته هي جيڪي سرمائيدار هوندا آهن انهن جي فطرت نانگ وانگر هوندي آهي جيڪو هروقت خزاني تي ڦڻ کولي ويٺل هوندو آهي ۽ اها به نانگ جي فطرت آهي جو هو پنهن جو وير سڄي زندگي نه وساريندو آهي ۽ جتي به موقعو مليو سامهون واري کي ڏنگي وجھندو آهي سو هنن کي به جتان موقعو ملي ٿو ننڍن صوبن جي عوام خاص طور تي سنڌ کي ڏنگڻ ۾ دير نٿا ڪن.ڪڏهن چون ٿا ته هي ڄٽ ۽ جاهل آهن،ملڪ جي ترقيء جي ڳالھ سمجھن ئي نٿا، ڪڏهن چون ٿا ته اهي ملڪ دشمنن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن وغيره وغيره سمجھ ۾ نٿو اچي ته هو غيرتڪراري منصوبن کي ڇڏي ڪري هروڀرو تڪراري ۽ بار بار رد ٿيل رٿائن ۾ هٿ ڇو ٿا وجھن شايد ان ڪري ته دنيا کي اهو باور ڪرائي سگھجي ته ملڪ جي ترقيء ۽ خوشحاليء ۾ صرف سنڌ جا ماڻهو ئي رنڊڪ بڻيل آهن نه ته هي هيستائين ملڪ کي جپان بڻائي ڇڏين ها. هن بدنام زمانه واپڊا جي به اها پراڻي ريت رهي آهي ته سدائين عوامي پئسو تڪراري رٿائن جي فيزيبليٽي رپورٽن تي زيان ڪندو آيو آهي. انهيء اداري ۾ ڪي اهڙا نڪ جا ڏاڍا ويٺل آهن جن غير ملڪي ادارن سان گڏجي ملڪ جي وحدت کي تار تار ڪرڻ جوٺيڪو کڻي ڇڏيو آهي.جيڪڏهن سڀ فيصلا اوهان کي ڪنهن هڪ صوبي جي چوڌرائپ هيٺ ئي ڪرڻا آهن ته پوء آئين جي ڪاغذ کي ويڙهي ڪنهن رديء جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو پوء جيئن وڻيو پنهن جون من مستيون ڪندا رهو. هاڻي اچو ان اکوڙي ڊيم رٿا طرف ته پهرين ڳالھ اها ته جڏهن ايڏيون وڏيون مهانگيون اسڪيمون ٺهنديون آهن ته اهي هڪ مقصدي جي بدران گھڻ مقصدي هئڻ گھرجن پر هي رٿا هڪ مقصدي آهي اهو مقصد آهي پاڻي گڏ ڪرڻ،ٻي ڳالھ اها ته اهو ڪو سڌو نه پر اڻ سڌو رزوائير هوندو يعني اهو ڊيم سڌو سنئون دريا تي نه ٻڌبو پر انهيء کي ڀرڻ لاء تربيلا ڊيم مان واھ ڪڍڻا پوندا.مزي جي ڳالھ اها جو جيترو خرچ ان ڊيم جي اڏاوت تي ايندو ان کان ٻيڻو خرچ ان کي ڀريندڙ واهن جي کوٽائيء تي ايندو.انهيء کان پوء انهن واهن کي وهڻ لائق بنائڻ لاء تربيلا کي پندرهن فٽ وڌيڪ بلند ڪرڻو پوندو جنهن جي نتيجي ۾ جيڪي ماحولياتي مسئلا پيدا ٿيندا واپڊا ان معاملي کان اکيون بند ڪري رکيون آهن. تربيلا کي وڌيڪ بلند ڪرڻ سان ڪيتريون ئي زمينون ۽ ماڻهو وري متاثر ٿيندا.انهن معاملن جو جائزو وٺڻ سواء واپڊا اکوڙي ڊيم جي تعمير جو رينگٽ کنيو ويٺي آهي.ڊاڪٽر پيٽر ليفٽينڪ جيڪو ورلڊ بينڪ جي پري فزيبليٽي ٽيم جو سربراه هو ان اکوڙي ڊيم بابت ڏنل پنهن جي رپورٽ ۾ لکيو هو ته “ زمين جو لڏندڙ بي اختيار حصو ان رٿا۾ لاڳاپيل آهي جنهن جي ڪري ان ڊيم جي اڏاوت ۾ بنيادن وارو سخت مسئلو پيدا ٿيندو” ان تفصيلي رپورٽن ۾ ٻين ڪيترن ئي ناقابل عمل مسئلن جو ذڪر ڪندي ان رٿا کي رد ڪيو ويو آهي.انهيء کان پوء ان جي پهرين جوڙيل فزيبليٽي رپورٽ مطابق ڊيم جي اچائي 250 فٽ ڏيکاريل هئي جيڪا بعد ۾ وڌائي 420 فٽ ڪئي ويئي،ان حقيقت کي نظرانداز ڪندي ته جيڪا رٿا 250 فٽن جي اچائي تائين به قابل عمل ناهي اها 420 فٽن جي بلنديء تي ڪيئن قابل عمل بڻجي سگھي ٿي!ان جو مطلب ڇا ٿيو ته ٽيڪنيڪي معاملن کي نظرانداز ڪندي به ان رٿا تي ڪم جاري رکڻ جي پويان سياسي مفاد ئي آهن.واپڊا جيڪر ڊاڪٽر پيٽرڪ جي رپورٽ کان واقف آهي ته پوء ڪهڙي بنياد تي ان رٿا تي ڪم جاري رکڻ لاء سندرو ٻڌيو بيثي آهي.ان کان پوء اکوڙيء کي ڀرڻ لاء تربيلا کي 15 فٽ وڏيڪ بلند ڪرڻو پوندو ته ڇا اهو ممڪن آهي؟اهو به ته جڏهن تربيلا مان 150،000 ڪيوسڪ پاڻي اکوڙيء ڊيم ۾ ڊائيورٽ ڪيو ويندو ته تربيلا ۽ غازي بروٿا چينل تي هلندڙ بجلي گھرن تي ڪهڙا اثر پوندا؟ اکوڙي ڊيم جي يڪ مقصدي رٿا تي ايندڙ خرچ مان گھڻ مقصدي رٿا پوري ڪري سگھجي ٿي ته پوء صرف اکوڙي ڊيم تي ئي ضد ڇو؟ انهن سڀني سوالن جو ڪو تسلي بخش جواب واپڊا وٽ ناهي. ڇا به هجي اکوڙي ڊيم ڪالاباغ ڊيم وانگر ئي سنڌ لاء خطرناڪ آهي ۽ ان جي لوڪيشن جو پنجاب ۾ هئڻ ته هونئن ئي شڪ شبها پيدا ڪرڻ لا ڪافي آهي جو پنجاب اڄ تائين پاڻيء جي معاملي ۾ ڪنهن به طيء ٿيل ضابطي ۽ قائدي جي ڪابه پابندي نه ڪئي آهي. حڪومت کي گھرجي ته اها اهڙن تڪراري منصوبن کان پري رهي ۽ سنڌ حڪومت کي به گھرجي ته اها ان اهم معاملي تي وفاقي حڪومت کي پنهن جي واضح موقف کان واقف ڪري ته جيئن سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ٿي سگھي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    مونکي توهان سان اختلاف آھي ته ڪو نوازشريف مئل پروجيڪٽ کوليندو آهي۰ منھنجي سمجھ موجب سنڌ دشمن پروجيڪٽ يا گھٽ ۾ گھٽ اهڙا ڪم جن منجھئون سنڌ کي ڪو فائدو نه هجي اهي کوليندو آهي ۽ اهڙا ڪم جن ۾ سنڌ جو فائدو هجي اهي بند ڪندو آهي جيئن گورک۰
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 فيبروري 2016
  3. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    صحيح ٿا چئو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو