تعليمي نظام جي سڌاري لاء ٽي اهم نڪتا.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    تعليمي نظام جي سڌاري لاء ٽي اهم نڪتا.

    شفيق شاڪر

    هن وقت سنڌ ٻين سماجي شعبن سان گڏوگڏ تعليمي تباهيء جي جنهن دور مان گذري رهي آهي انهيء صورتحال تي ڪنهن ڏاهي جا چيل هي لفظ بلڪل ٺهڪي اچن ٿا ته “ جنهن قوم کي تباھ ڪرڻو هجي انهيء سان بنان ڪنهن ٻي جنگ جي صرف سندس تعليم تباھ ڪري ڇڏيو ته اها قوم پاڻهي تباھ ٿي ويندي.”

    انهيء نظريي تحت سنڌ دشمن قوتن سوچيل سمجھيل سازش تحت جيڪو ڪم هيستائين ڪيو آهي اهو پنهن جي جاء تي پر سنڌ جي پنهن جن به ان تعليمي تباهي۾ پنهن جي پاران به ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي،انهن پنهن جن ۾ اسان جا سنڌي حڪمران، سنڌي ڪامورا،سنڌ جا وڏيرا ۽ سياستدان،نام نهاد قوم پرست تنظيمون،استاد صاحبان، والدين ۽ خود شاگرد به ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ڀاڱي ڀائيوار آهن.انصاف واري اک سان ڏسبو ته قوم جي زندگيء ۽ موت واري هن اهم معاملي کان اسان مجموعي طور تي بحيثيت سنڌي سماج عظيم غفلت ۽ لاپرواهيء جو شڪار آهيون.اڄ ڪلھ ميڊيا ۾ مانواري موجوده سيڪريٽري تعليم جي تعليم سڌار انقلابي مهم جي حوالي سان اهو تاثر سامهون اچي رهيو آهي ڄڻ ته سيڪريٽري صاحب سڄي تعليمي نظام کي درست ڪري ڇڏيو آهي باقي وڏي ۾ وڏي رهيل خرابي استاد آهن جيڪي هن نظام کي سڌرڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن.سوال اهو آهي ته جيڪر سيڪريٽري صاحب هن نظام کي سڌارڻ ۾ مخلص آهي ته ڇا استادن جي تعاون کان سواء هي نظام درست ٿي سگھي ٿو؟ دنيا ۾ اڄ اهو اصول تسليم ٿي چڪو آهي ته هڪ ننڍڙي ٻار کان به سندس مرضيء جي خلاف ڪم وٺي نٿو سگھجي ته پوء جتي ادارا نه رڳو هلائڻا هجن پر انهن ۾ اهم ۽ بنيادي تبديليون به آڻڻيون هجن ته ايڏو وڏو ڪم گڏيل سهڪاري ڪوششن کان سواء ڪيئن ٿو ممڪن بڻجي سگھي!مڃيوسين ته استادن ۾ به ڪجھ ڪمچور ۽ گوسڙو آهن جن جي پنهن جي پيشي سان ڪا دلچسپي نه آهي پر اهو مسئلو صرف استادن سان ئي ته نه آهي.تعليم کاتي ۾ ڪامورڪين ڪرسين تي ويٺلن مان ڪيترا پنهن جن عهدن جي اهل آهن؟ ڇا اهي سڀ جا سڀ پنهن جا فرض ايمانداريء سان ادا ڪري رهيا آهن،ڇا اهي اسڪولن جا دورا پابنديء سان ڪن ٿا يا صرف آفيسن ۾ ويهي ڪلارڪيء وارو ڪم ڪري رهيا آهن؟جيڪڏهن بار بار استادن کي ئي تنقيد جو نشانو بنائڻ ۽ انهن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ سان اوهين تعليمي نظام کي سڌاري سگھو ٿا ته پوء ڀلي ايئن ڪندا رهو پر معاملو ايترو سادو ناهي جيترو نظر اچي ٿو.سنڌ جي تعليم سان هڪڙو الميو اهو آهي جو هتي روزانو پاليسيون ۽ فيصلا بدلبا رهن ٿا.ان جو هڪ سبب اهو آهي جو اڄ تائين اسان پنهن جا تعليمي مقصد ئي چٽا نه ڪري سگھيا آهيون.ٻيو ته اسان جي سمورين تعليمي فيصلن ۽ پاليسين جي واڳ هاڻي غيرملڪي ڊونر ادارن جي هٿ ۾ آهي جو اسان جو تعليمي شعبو هاڻي انهن جي ئي ڏنل چندن جي سهاري هلي ٿو.اهي اسان کي جن تبديلين ۽ ترڪيبن جو حڪم ڏين ٿا اهي شيون يورپ ۽ ٻي سڌريل دنيا جي حوالي سان ته صحيح هونديون پر اسان جهڙن پوئتي پيل معاشرن ۾ جتي زميني حقيقتون ئي ڪجھ ٻيون آهن،انهن پاليسين کي جيئن جو تيئن نافذ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪافي مونجھارا ۽ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون. مثال 1988ع واري پي پي حڪومت ۾ ان وقت جي وزير تعليم سيد خورشيد شاه پرائمري ليول تي انگريزيء جا پنج ڪتاب پڙهائڻ لازمي قرار ڏنو هو،انهي حقيقت کي نظرانداز ڪندي ته پرائمري ليول تي پڙهائيندڙ استادن ۾ انگريزي پڙهائڻ جي گھربل اهليت موجود به آهي يا نه ۽ اها ڳالھ به سامهون نه رکي ويئي ته اڄ به ٻهراڙين جي اڪثر اسڪولن ۾ صرف هڪ استاد مقرر آهي جيڪو اڪيلو پنج ئي درجا پاڻ پڙهائي ٿو.هاڻي ان استاد مان اها اميد رکڻ ته اهو هيترن سارن مضمونن سان گڏ ٻارن کي انگريزيء جا پنج ڪتاب به پڙهائيندو اها بيوقوفيء واري سوچ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟نتيجو اهو نڪتوجو هونئن ته ڪو شاگرد انگريزيء جو پهريون ڪتاب ڇهين ڪلاس ۾ شروع ڪندو هو پر هاڻي ڇهين ڪلاس جي شاگرد کي انگريزيء جا پهريان پنج ڪتاب سکڻ سوا ئي اوچتو ڇهون ڪتاب شروع ڪرڻو پوي ٿو. اندازو ڪيو ته ته جنهن ٻار کي انگريزيء جي الفابيٽ ئي نه ايندي هجي،اهو ڪهڙيء طرح انگريزيء جو ڊائلاگن وارو ڪتاب شروع ڪري سگھي ٿو!ڇهين ڪلاس مان ڀچندڙ وڏي تعداد ۾ شاگردن جو سبب اهو ئي انگريزيء جو ڪتاب بڻجي ٿو.اهڙيء نصاب ۾ موجود ٻين خامين ۽ ڪمزورين جي درستگيء طرف ڪا سنجيده ڪوشش نظر نه آئي آهي.اسڪول ليول تائين ٻارن تي نصابي ڪتابن جو تمام گھڻو بار پيل آهي. ساڳيو سبق يا موضوع اوهان کي انگريزيء جي ڪتاب ۾ به ملندو ته سنڌي ۽ اردوء جي ڪتاب ۾ به نظر ايندو ۽ وري ساڳيو موضوع اسلاميات ۽ سماجي اڀياس ۾ به ملندو. ٽيڪسٽ بڪ بورڊن جي ڪارنامن جون ڪيئي ڪهاڻيون توهان پڙهي چڪا آهيو.تعليمي ماهرن پروفيسر پرويز هود ڀائي ۽ ڊاڪٽر فهميده حسن جا ڪالم ان خامين طرف واضح اشارو ڪن ٿا.ان پوري نصاب تي مڪمل نظرثانيء جي ضرورت آهي ۽ انهيء کي اپڊيٽ ڪرڻ نهايت ئي ضروري آهي.

    ٻيو اهم نڪتو پوري امتحاني نظام جو سڌارو آهي.موجوده امتحاني نظام بي مقصد ۽ مدي خارج بڻجي چڪو آهي.اهڙو نظام جنهن ۾ ڪنهن شاگرد جي ذهانت جاچڻ بدران ان جي ياد رکڻ واري صلاحيت چڪاسي وڃي ٿي.ضروري ناهي ته جيڪو ٻار ذهين هجي اهو سڀ ڪجھ ياد به رکي سگھندو هجي يا وري ڪنهن ٻار ۾ ياد رکڻ جي صلاحيت هجي پر اهو لازمي ذهين به هجي.هي ڪروڙين روپيا ڪمائيندڙامتحاني بورڊ بلڪل ناڪاره ۽ ڪرپشن جا مرڪز بڻجي چڪا آهن جتي گريڊ ۽ مارڪون پئسن تي وڪيون وڃن ٿيون ۽ حقدارن جي حقن تي ڌاڙو هنيو وڃي ٿو.ان امتحاني نظام کي پاڙان اکيڙي هڪ جديد ۽ ڪارائتي متبادل امتحاني نظام جي ضرورت آهي.

    ٽين ۽ آخري اهم ڳالھ اها ته انتظامي ڪمزورين ۽ خرابين جو خاتمو اچڻ گھرجي. هر معاملو ميرٽ تي هئڻ گھرجي. انتظامي ڪرسيون اهل،ايماندار ۽ ماهر ڪامورن جي لاء خالي ڪرڻ گھرجن. حڪومت گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو کاتو ته هر قسم جي سياسي مداخلت ۽ سفارشي ڪلچر کان پري رکي.مالي بدعنوانين جو احتساب ٿيڻ گھرجي.جڏهن تعليمي شعبي مان هر قسم جي سياسي مداخلت ختم ٿي ويئي ته گوسڙو ملازمن وارو مسئلو خود بخود حل ٿي ويندو. تازو لاڳو ڪيل ملازمن جي لاء بايو ميٽر نظام حڪومت جو سٺو قدم آهي پر صرف ان سان ئي سڀ سڌارو نه ايندو. استادن جي تعليم ۽ تربيت جو باقائده موثر نظام قائم ڪرڻو پوندو ۽ تعليمي ادارن کي سندن مناسب بجيٽ مهيا ڪرڻي پوندي. سيڪريٽري صاحب تعليمي سڌارن جون ڳالهيون ته گھڻيون ٿو ڪري پر گذريل ٽن سالن کان اسڪولن کي سندن مقرر بجيٽ مان روپيو به ادا نه ڪيو ويو آهي جو اهي اسڪول ۾ چاڪ به وٺي سگھن ته پوء اتي تعليم ۽ تدريس جو عمل ڪيئن هلي سگھندو. اهڙيء طرح اسڪولن ۾ بنيادي ضرورتن جي فراهمي به اهم مسئلو آهي.اهي سڀ شيون بهترين انتظام ۾ شامل آهن. سيڪريٽري تعليم کي گھرجي ته هو جلد ئي تعليمي ماهرن ۽ ڏاهن استادن جي هڪ تعليمي ڪانفرنس گھرائي انهن جي تجويزن جي روشنيء ۾ انهن ٽنهي اهم نڪتن تي ڪو لاحئه عمل مرتب ڪرائي،سنڌ ۾ هڪ بهترين جديد تعليمي نظام جي پيڙه جو پٿر رکي.اهو هڪ اهڙو قومي ڪارنامو هوندو جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    توهان جون ڳالھيون صحيح آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو