بجيا به هلي ويئي!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    بجيا به هلي ويئي!

    شفيق شاڪر

    وقت جي زوراور ۽ بي لغام گھوڙي کي اڄ تائين ڪوبه لغام وجھي نه سگھيو آهي.ساعتون ڏينهن ۾،ڏينهن مهينن ۾ ۽ مهينا سالن ۾ اهڙيء طرح تيزيء سان بدلجن ٿا جو ان جو احساس ئي نٿو ٿئي. اسان ڇرڪ صرف تڏهن ڀريون ٿا جڏهن ڪو پيارو اوچتو اسان کان وڇڙي وڃي ٿو.پي ٽي وي جي پراڻن اردو ڊرامن جي سحر ۾ ورتل شوقينن مان شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو فاطمه ثريا بجيا جي نالي کان واقف نه هجي.هن جا لکيل مشهور ڊراما “ عروسه” ، “شمع ” ، “ افشان” ، “ انا” ۽ “ تصوير ” ڏسندڙن جي دلين ۾ اڄ به زنده آهن. انهيء کان سواء هن ٻيا به بي شمار ڊراما لکيا،

    مثال ؛ “ آگاهي ” ، آبگيني ” ،“بابر” ،“ گھر ايڪ نگر” ،“ آرزو”، “ سسئي پنون ” ۽ ٻيا به کوڙ ڊراما!

    فاطمه ثريا بجيا پهرين سيپٽيمبر 1930غ تي هندستان جي شهر حيدرآباد ۾ پيدا ٿي.اها حقيقت دلچسپ آهي ته هن ڪڏهن به ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ باقائدي تعليم حاصل نه ڪئي پر پنهن جي گھر ۾ ئي پڙهي.پر تنهن هوندي به هوء زبردست عالمه، دانشور، ڊراما نويس،ناول نويس ۽ وقت جي ممتاز اديبه ۽ ليکڪا هئي. سندس ڏهن ٻارن ۾ انور مقصود( مشهور مزاح نگار ۽ ڊراما نويس )،زهره نگاه ۽ زبيده طارق شامل آهن.ٽيليويزن کان سواء هن ريڊيو توڙي اسٽيج جي لاء به ڪيترائي ڊراما لکيا.هن ٻارن جي لاء به گھڻو ڪجھ لکيو.سندس ڊرامن جو مرڪزي موضوع هميشه عورت، سماج۽ڪٽنب رهيو. هن سماج جي پيسيل طبقن جا درد پنهن جن لفظن ۾ نهايت ئي دلڪش انداز ۾ بيان ڪيا. سماجي ناانصافين ۽ هيٺ مٿانهينء تي ڀرپور طنز ۽ تنقيد ڪئي.ماڻهو بنان ڪنهن حجاب بجيا سان پنهن جون تڪليفون ۽ درد ونڊي سگھندا هئا ۽ شايد هوء اهڙي عورت هئي جنهن وٽ ڪنهن جي سوال جي جواب ۾ “ نه” بلڪل نه هئي.هوء ڪجھ عرصي لاء سنڌ جي چيف منسٽر جي صلاحڪار پڻ رهي.هوء سماجي ڀلائيء جي ڪمن ۾ به اڳيان رهي. بجيا پنهن جي بهترين ڪارڪردگيء سبب ڪيترائي اعزاز ۽ ميڊل حاصل ڪيا.جنهن ۾ پاڪستان جو وڏي وڏو شهري اعزاز “ پرائيڊ آف پرفارمنس” به شامل آهي. انهيء کان سواء هن کي جپان جو سول اعزاز به عطا ٿيل هو. 2012ع ۾ هن کي صدر پاڪستان طرفان “ هلال امتياز” جو ايوارڊ به ڏنو ويو هو. ڪجھ عرصو پهرين هوء سي اين بي سي ٽي ويء جي هڪ وڏي شو ۾ شريڪ ٿي هئي جنهن ۾ هڪ ٻي مشهور رائيٽر حسينا معين به هن سان گڏ موجو د هئي. 10 فيبروري 2016ع تي هوء هميشه لاء اسان کان وڇڙي ويئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو