ايل.اي.او پرائويسي گارڊ

'سمارٽ فون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2016۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هڪ چوڻي آهي ته ڪجهه شيون ٻين سان شئير ناهن ڪبيون جهڙوڪه واليٽ (ٻٽون/پرس) ڪمپيوٽر، محبوبه ۽ موبائل فون... پر ڪجهه اهڙا به دوست ملندا آهن جن سان مٿي ذڪر ڪيل شين مان هڪ (محبوبه) ڇڏي باقي شيون شيئر ڪرڻيون پئجي وينديون آهن نه ته دوستي ٽُٽڻ جو خطرو ٿي پوندو آهي.. جيئن ئي سمارٽ فون آيا آهن تيئن ڦوٽوئن ۽ نمبرن کي محفوظ ڪرڻ هاڻ تمام آسان ٿي پيو آهي پر جڏهن توهان اهڙن دوستن سان گڏ رهندا هُجو جتي توهان جو سمارٽ فون انهن جي هٿن ۾ هُجي ته پوءِ توهان کي پرسنل ڊيٽا ظاهر ٿيڻ جو خطرو ٿيندو آهي، ته پوءِ گھٻرايو نه، ڇو ته هاڻ توهان پنهنجي پرسنل ڊيٽا، رابطه نمبر، ڦوٽو، وڊيوز سميت ٻيو به گھڻو ڪُجهه پنهنجن دوستن کان لِڪائي سگھو ٿا صرف هِڪ ايپليڪيشن جي انسٽال ڪرڻ سان جنهن جو نالو آهي ليو (ايل.اي.او) پرائيويسي گارڊ، جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي گھٽ ٿِيندي ڇوته سڀ ڪجهه هڪ ايپ ۾ جو آهي.

    ايل.اي.او (ليو) پرائيويسي گارڊ انسٽال ڪرڻ کان اڳ توهان کي اُن جي زبردست فيچرز بابت ٻُڌائيندو هلان.
    هي ايپ انسٽال ٿيڻ کان پوءِ توهان کان پيٽرن لاڪ گھُرندي جيڪو توهان پنهنجي مرضيءَ جو رکي سگھو ٿا ۽ اهو پيٽرن لاڪ ئي توهان جي سڀني ايپليڪيشنز، ڦوٽوئن لاءِ جو لاڪ هوندو.

    ايپ لاڪ
    جيڪڏهن توهان پنهنجن دوستن کان فيسبوڪ ميسينجر، واٽس ايپ ۽ ٻِيُون اهم ايپيڪيشنز لِڪائڻ چاهيو ته پوءِ هن ايپ کي کوليو، جيئن ئي ايپ کُلندي ته توهان جي سامهون چار آپشن اچي ويندا، انهن مان ايپ لاڪ تي ڪلڪ ڪريو، ان کان پوءِ جيڪا ايپ لاڪ ڪرڻ چاهيو اُن جي سامهون تالي (لاڪ) جي نشان تي ٽچ ڪريو ، ائين ڪرڻ سان اُهو قُلف (لاڪ) نيري رنگ ۾ ٿي ويندو جنهن جو مطلب توهان جي ايپ محفوظ آهي J وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺ ڏنل تصوير ڏِسو.

    [​IMG]




    هراس انٽر
    جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهه اهڙا نمبر هُجن جيڪي بار بار تنگ ڪندا هُجن يا توهان انهن جون ڪالز ڏِسڻ پسند نه ڪندا هُجو ته ليو پرائيويسي گارڊ جي هِن فيچر ۾ اُهي نمبر جمع ڪريو ۽ پوءِ سُڪون جو ساھ کَڻو.

    [​IMG]


    اينٽي ٿيفٽ
    هوئن ته اهو فيچر مون اڃا تائين ناهي آزمايو پر سُٺو فيچر آ تڏهن ته باقي آ ۽ منهنجي خيال ۾ هِن فيچر جي ڪري ئي هِي ايپ مشهور آهي.

    [​IMG]




    بريڪ اِن الرٽ
    جڏهن توهان کي خطرو هُجي ته توهان جو پاسورڊ دوستن کي خبر پئجي وئي آ ته پو هن فيچر کي آن ڪريو هي فيچر توهانجي پرائيويسي کي ٽوڙيندڙ جي تصوير پاڻ وٽ محفوظ ڪندو جيڪي پو توهان ڏِسي سگهو ٿا.
    [​IMG]



    هن ايپ ۾ ٻيا به زبردست فيچرز شامل آهن، جيڪي توهان هيٺ تصوير ۾ ڏِسي سگھو ٿا ۽ توهان ان مان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته هِي ايپ ڪيتري حد تائين فائديمند آهي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]




    آئون هِن ايپ کي گذريل ٻن هفتن کان استعمال ڪندو اچان ۽ هاڻ بي_اونو ٿِي موبائل دوستن جي هٿ ۾ ڏيندو آهيان ڇوته جڏهن ليو هُجي ته موبائل ڏانهن لِيئو پائڻ جي ڪهڙي ضرورت ؟

    ليو پرائيويسي گارڊ انسٽال ڪرڻ لاءِ توهان گوگل پلي اسٽور جي هِن لِنڪ جو ڀيرو ڀريو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    نه ادا اگر اوهان جو موبائيل ڪنهن ڄاڻو جي هٿ اچي ويو ته اُهو اوهان جون فائيل با آساني ڏسي سگهي ٿو آئون اِها ايپ 6 مهينن کان استعمال پيو ڪريان پر ان مين ويڊيوز هائيڊ نه پر انهن جي نالي مين فرق ايندو آهي جهڙي طرح [file.mp4 مان file.mp4.leotmv ] ٿي ويندو آهي پر اگر اوهان فائيل کي رينيم ڪري ان مان ايپ جو نالو ختم ڪري ڇڏيو ته اوهان جو فائيل وري شو ٿي ويندو بنا ڪنهن سيڪيورٽي ڪوڊ جي اگر اوهان پنهنجي فائيل کي سيڪيور ڪرڻ چاهيو ٿا ته ساڳئي ايپ ۾ وڃو ۽ فائيل مينيجر کي لاڪ ڪري ڇڏيو پو اوهان جو فائيلز محفوظ آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    پر ادا ان ايپ ۾ هڪ اهڙو به سيسٽم آهي جيڪو مونکي تمام گهڻو پسند آيو اُهو اِهو آهي ته ان ايپ ۾ اسان جڏنهن اينٽي ٿيف واري ٽيب مي سيٽنگ ڪريون ته پو اسان جو فون اسان جي ايس ايم ايس تي ريسپانس ڏيڻ شروع ٿي ويندو آهي مطلب ته اگر اوهان جو فون سائيلنٽ تي آهي ۽ اوهان کي خبر ناهي ته ڪٿي رکيو آهي ته اوهان ايس ايم ايس ۾ ڪمانڊ ٽائيپ ڪندا
    ڪوڊ:
    #alert
    ته اوهان جو فون جتي به هوندو فُل آواز سان رنگ وڄڻ لڳندو ۽ اوهان جو فون ڪنهن اهڙي شخس وٽ آهي جيڪو اوهان کي واپس نه پيو ڪري ۽ اوهان ان مان تنگ آهيو ته اوهان ايس ايم ايس ۾ ٽائيپ ڪريو
    ڪوڊ:
    #lockmobile
    ۽ پنهنجي فون ۾ سينڊ ڪريو ته توهان جو فون لاڪ ٿين ويند اهڙي طرح ٻيا به ٻه ٽي ڪمانڊز آهين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تمام بهترين :)
    مونکي ان جي خبر نه هُئي.. هاڻ اِهي آپشن به اِن_ايبل ڪري ڇڏيم.
     
  6. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    يار واه واه .. مان ته هروڀرو هيءَ ايپ ان.انسٽال ڪري ڇڏي... وري ڪريانس ٿو انسٽال
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    ادا لک ٿورا اسان جي ڀا عبيدالله جا جنهن هي موضوع شروع ڪيو ته اسان به ان ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو سين توهان جي مهرباني ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام مھرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    ادا عبيد اڄ منهنجي سامهون ان ايپ جو هڪ نئو سسٽم سامهون آيو جڏنهن مان پنهنجي موبائيل ۾ سم ڪارڊ تبديل ڪيو ته مون وٽ ايس ايم ايس آيو
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو