1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

ڇا گهمي سگهندؤ……. الطاف شيخ

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2016۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    582
    ورتل پسنديدگيون:
    1,297
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڇا گهمي سگهندؤ……. – الطاف شيخ
    [​IMG]هڪ ڏينهن ڪلاڪ ڏيڍ بنارس جي اسٽيشن تي ويهي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي ڏسندو رهيس. ريل گاڏي آئي ٿي ته سوين ماڻهن جو ريلو لنگهي ويو ٿي. انهن ۾ ڪجهه مڪاني به نظر آيا ٿي جيڪي پنهنجي گهر هليا ويندا هوندا پر بنارس ۾ گهڻي ڀاڱي ٽوئرسٽ اچن ٿا….. انڊيا جي مختلف شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن جا هندو، غير هندو ٽوئرسٽ، امير ماڻهو، غريب ماڻهو…. واقعي بنارس وڏو ٽوئرسٽ اسپاٽ آهي جِتي سال جا سمورا ڏينهن ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا. ٽوئرسٽن ڪري هِتي بنارس توڙي انڊيا جي ٻين شهرن ۾ هوٽل انڊسٽري به ترقي ڪئي آهي. دهلي ۽ بمبئي ۾ به جِتي ڪٿي هوٽلون نظر اچن ٿيون پر هِتي بنارس ۾ ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي…. امير ماڻهن جي رهائش لاءِ فائِو ۽ فور اسٽار هوٽلن کان وٺي غريبن لاءِ سستيون ۽ ساديون هوٽلون ۽ گيسٽ هائوس آهن جن جي وڏن ڪمرن ۾ ٽي ٽي چار چار گيسٽ به رکيا وڃن ٿا. جِتان لنگهه اتي هوٽلون ۽ گيسٽ هائوس نظر اچن ٿا. ڪجهه جا نالا دلچسپ ۽ عجيب لڳن ٿا. هڪ ڏينهن شهر جي مختلف گهٽين ۾ چڪر هڻندي ڪجهه گيسٽ هائوسن جا نالا نوٽ ڪيم. توهان کي انهن بابت آئيڊيا ڏيڻ خاطر توهان سان Share ڪري رهيو آهيان:

    - گنگا گيسٽ هائوس

    - Azure گيسٽ هائوس

    - Peace گيسٽ هائوس

    - شِوا گيسٽ هائوس

    - Homestay 2BR

    - وشنو ريسٽ هائوس: هن جي ڪجهه ڪمرن مان گنگا ندي نظر اچي ٿي. هي ريسٽ هائوس پانڊي گهاٽ وٽ آهي.

    - مشرا گيسٽ هائوس…. مانيڪارنيڪا گهاٽ جي ڀرسان آهي جيڪو شمسان گهاٽ آهي… يعني هن گهاٽ تي مڙدا ساڙيا وڃن ٿا.

    - Buest گيسٽ هائوس: مرتنجائي مهاديو مندر ڀرسان.

    - گنگاجي فوجي هوم ـــ من مندر گهاٽ ڀرسان. سندس ايئر ڪنڊيشن ڪمرن جي مسواڙ 1000 رپيا آهي. باقي ٻيا 400 رپين تائين آهن.

    - گرووي گيسٽ هائوس: اسي گهاٽ وٽ آهي. هفتي جي مسواڙ 3000 رپيا آهي.

    - هوٽل رور ويو: 250 رپيا مسواڙ وارا ڪمرا.

    - موروتي گيسٽ هائوس: هن جي ڇت تي ريسٽورنٽ پڻ آهي.

    - Radiant YMCA هوسٽل.
    - ساهي River view گيسٽ هائوس.
    - شانتي گيسٽ هائوس: شانتي نالي توهان کي بنارس ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون نظر اينديون.
    - سيتا گيسٽ هائوس.
    - چئو ستي گيسٽ هائوس.
    - تِواري لاج.
    - گولڊن لاج.
    هينئر هڪ نئين ريسٽورنٽ کلي آهي جنهن جو نالو آهي بفئلوز ريسٽورنٽ. هيءَ ريسٽورنٽ ڪيدار گهاٽ ۽ پوسٽ آفيس جي ڀرسان آهي جنهن جو خاص مينو آهي ٿالهي. ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي سائوٿ انڊين ريسٽورنٽن ۾ به ٿالهي ڊش مشهور آهي. هن هڪ وڏي پليت تي ٻه کن ڀاڄيون، چٽڻي، آچار ان سان گڏ چپاتي يا پوري رکي وڃي ٿي. هڪ ڳالهه آهي ته هِتي جي ريسٽورنٽن ۾ کاڌو مهانگو نه آهي. اهو ان ڪري جو هتي ورلي ڪا هوٽل/ريسٽورنٽ آهي جنهن تي چڪن، مٽن يا بيف serve ٿيندو هجي نه ته هر هوٽل تي توهان کي ڀاڄي ۽ دال جا ڊش ملندا جيڪي ظاهر آهي گوشت کان سستا آهن.
    هڪ ريسٽورنٽ ۾ گهڙيس ته هوٽل جي منهن وٽ ئي هڪ همراهه کي ڪوفتن جو ٻوڙ کائيندو ڏسي مونکي حيرت ٿي. بئري کي سڏي آهستي پڇيومانس ته ”ڪوفتي هين؟“
    ”جي ها“ هن وڏي هائوڪار ڪئي.
    ”بيف جا آهن يا مٽن جا؟“ مون پڇيو ۽ بئري شڪل ٺاهي مونکي ائين ڏٺو ڄڻ مون کيس ڪا گار ڏني هجي. پر پوءِ شايد هن کي يڪدم احساس ٿيو…. ۽ ظاهر آهي اهو سوال رڳو مون ته نه ڪيو هوندو. مون جهڙا ڪيترائي بيوقوف غير هندو ٽوئرسٽ هِتي اچن ٿا ۽ ضرور ڪيترائي ان قسم جو سوال ڪندا هوندا. ٻي گهڙي هن مرڪندي چيو ”دال ڪي ڪوفتي هين.“
    دل ۾ آيو ته پڇانس ته دال کان علاوه ٻي به ڪا شيءِ آهي؟

    اڙدو جي مزاحيه ليکڪ مشتاق يوسفي جو چوڻ آهي ته هو هڪ هوٽل ۾ ويو جيڪا هڪ زميندار جي هئي جيڪو پٽاٽن جي پوکَ ۾ مشهور هو. بئري کان مينو جو پڇيو ويو ته ٻوڙ ۾ ڇا آهي ته ڦر ڦر چوڻ لڳو:

    ”آلو گوشت، آلو پالڪ، آلو سبزي، آلو گريوي، آلو گوبي، آلو پياز، آلو…….“

    مشتاق صاحب کيس يڪدم روڪي چيو:

    ”ڇا آلو کان علاوه ٻيو ڪو ڊش هن هوٽل ۾ نه آهي ڇا؟“

    بئري فخر سان وراڻيو: ”سر ڇو نه پٽئٽو ڪٽليٽ!“

    سو انڊيا ۾ توهانکي ريسٽورنٽون، ڪيفي، ڌاٻا، ڪئنٽينون ۽ ريڙهي وارا جِتي ڪٿي ملندا پر سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي، جنهن وٽ ڪو مرغي جو ڊش هجي، باقين تي ڀاڄي ۽ دالين جا ڊش نظر ايندا جيڪي هڪ ته مهانگا نه آهن ۽ ٻيو ته توهان جي صحت لاءِ به صحيح آهن. ڪو ٽوئرسٽ مون کان صلاح وٺندو آهي ته آئون ان کي هميشه اهو چوندو آهيان ته پرديس ۾ گوشت توڙي مڇي گانگٽ جهڙي شيءِ نه کائجو. ڇو جو اهي شيون بيحد Sensitive آهن ۽ جلد خراب ٿيو پون ۽ گهڻا تڻا هوٽلن وارا بچيل ٻوڙ رات جو اڇلائڻ يا هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ بئرن کي مفت يا اڌ قيمت تي ڏيڻ بدران ٻئي ڏينهن به هلائين ٿا بلڪه ٽي چوٿين ڏينهن به ان بچيل ٻوڙ ۾ مرچ مصالحا وجھي هلائين ٿا. اها ڳالهه آئون خاطري سان ان ڪري چوان ٿو جو اها ڳالهه مونکي ٻن ٽن حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اعليٰ هوٽلن جي مالڪن ٻڌائي. بلڪه اهو به چيائون ته ٽئي يا چوٿين ڏينهن کانپوءِ اڃان بچيل ٻوڙ هو گاڏي وارن کي وڪڻي ڏين. سو اهڙو ڪو ڊش کائڻ جو جوکم کڻڻ کان بهتر آهي ته دال کائجي يا تازي ڀاڄي. حق جي ڳالهه ڪجي ته انڊيا ۾ اڊلي، ڏوسا، آلو پراٺا ۽ پاو ڀاڄي جهڙيون سستيون ۽ سٺيون شيون سواءِ ايران جي، ڪٿي نه آهن سو هڪ صحيح ٽوئرسٽ کي کپي ته هو اهي گوشت مڇيون کائڻ جا شوق پنهنجي ملڪ پنهنجي گهر ۾ اچي پورا ڪري ته بهتر آهي. پرديس ۾ بيمار ٿيڻ معنيٰ پاڻ کي ۽ پنهنجي سنگت کي پريشان ڪرڻ.

    ساڳي طرح رهائش به جيترو ٿي سگهي سادي رکڻ کپي. ڪمپني يا آفيس جي طرفان توهان کي ٻاهر موڪليو پيو وڃي ته پوءِ صحيح آهي جو خرچ ٻيا پيا ڏين. ۽ توهان ڊيوٽي جي سلسلي م پرديس آيا آهيو سو هوٽل ڀلي اهڙي هجي جِتي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي به سهوليت هجي. باقي جيڪڏهن توهان گهمڻ لاءِ نڪتا آهيو ۽ پنهنجي خرچ تي ته پوءِ فائو اسٽار هوٽل ۾ ڇو رهجي ۽ ڪهڙو فائدو؟ جڏهن ته يورپين گورا ۽ آمريڪن به ريلوي اسٽيشنن جي ڀر واريون سستيون هوٽلون ڳوليندا نظر اچن ٿا. خاص ڪري ايشيا جي ملڪن ۾ سياري ۾ سفر دوران اها هوٽل به صحيح آهي جنهن ۾ نه دري هجي نه ايئر ڪنڊيشنر. بس ٿڌي ۽ گرم پاڻي جو بندوبست هجي ۽ کٽ بنا منگهڻن جي هجي. انڊيا، برما، سري لنڪا، ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ وقت احتياطً پاڻ سان مڇر ڀڄائڻ واري چرخي يا ٽڪي ٻارڻ جو اليڪٽرڪ هيٽر ضرور رکجي.

    ٻه چار ڏينهن اڳ هڪ گهمڻ جي شوقين ٻڌايو ته هو پنهنجن دوستن سان سري لنڪا ۽ ملائيشيا جو ڏهه ڏينهن چڪر هڻي آيو آهي ۽ هن جيڪو خرچ ٻڌايو اهو حيرتناڪ هو. پڇڻ تي ٻڌائين ته هو ٻنهي ملڪن ۾ فائو اسٽار هوٽلن ۾ رهيا جن ۾ نيرن به شامل هئي. ”سائين ڇا ڪريان،“ هن افسوس ڪندي چيو، ”منهنجي گروپ ۾ سڀ وڏيرن جا ٻارَ هئا جيڪي پهريون دفعو گهر کان ٻاهر نڪتا هئا. هنن جو سڄو زور ”سٺي“ هوٽل تي هو. هو هِتان ئي هوٽلون بُڪ ڪرائي نڪتا هئا.“

    ڳالهه اها آهي ته ٻاهر گهمڻ لاءِ جڏهن ڪو نڪري ٿو ته هن جو سڄو ڏينهن هل هلان ۾ ٿو گذري. هونءَ به جنهن ڪم ـــ گهمڻ ۽ دنيا ڏسڻ ـــ لاءِ ماڻهو آيو آهي ته صبح جو سوير ئي نڪري پئجي ۽ جيترو ٿي سگهي پنڌ ئي پنڌ هلجي ڇو جو پنڌ گهمندي ماڻهو گهڻو ٿو ڏسي ۽ ايندڙ ويندڙ سان خبرچار ڪري سگهجي. بهرحال صحيح معنيٰ ۾ هڪ سياح (ٽوئرسٽ) سڄو ڏينهن ايترو ٿو هلي جو رات جو سمهڻ مهل هو اهڙو ٿڪل رهي ٿو جو هن کي ڪانٽن جي سيڄ تي به ننڊ اچيو وڃي.

    ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ڏسندو آهيان ته يورپي ٽوئرسٽ صبح ساڻ گهمڻ لاءِ نڪري پوندا آهن. پوءِ هِتي جون سبزيون مارڪيٽون ۽ انهن ۾ واڪ تي وڪامندڙ شيون، وٺڻ وارا، پارڪ ۽ اسڪول ڏسندا ويندا. فوٽو به صبح جي وقت صحيح اچن ٿا جو سج پاسيرو رهي ٿو. ڏهين يارهين کان پوءِ سج مٿي چڙهڻ ڪري فوٽوگرافيءَ ۾ اها جان نٿي رهي. ڪيترا گورا ڏسندو آهيان ته ڏينهن تتي جو به پيا هلندا. ٿڪجي پوڻ تي ڪنهن ايئرڪنڊيشن ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ گهڙي پوندا جِتي پنڌرهن ويهه منٽ ٿڌڪار ۾ فرحت وٺندا. ڪڏهن ڪڏهن ڪوڪا ڪولا يا ٻي ڪا ڊرنڪ وٺي پيئندا جيئن هنن جي شگر ليول صحيح رهي نه ته خالي ڪوڪا ڪولا جي پلاسٽڪ جي بوتل ۾ پبلڪ نلڪي تان ڀريل پاڻي ڍڪ ڍڪ ڀري ائين پيا پيئندا آهن ڄڻ وڏو عيش پيا ڪن يا وري ڪنهن پارڪ جي بينچ تي ويهي ٿڪ ڀڃندا ۽ گهميل شيون نوٽ ڪندا ۽ وڌيڪَ ڏسڻ لاءِ نقشو جاچيندا.

    ۽ اها ڳالهه ته ڪيترا دفعا لکي چڪو آهيان ته ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ وڃڻ کان اڳ ان جو نقشو، اهم روڊ ۽ رستا، گهمڻ جون جايون ڌيان ۾ رکي پوءِ نڪرو. فائيو اسٽار هوٽل جي نرم بستري تان صبح جو نائين ڏهين ڌاري اٿي ان هوٽل جي ڳري نيرن کائي ٻَه چار اوڳرايون ڏئي پوءِ يارهين بجي ڌاري هوٽل مان ٻاهر قدم رکي هِنَ هُنَ کان ”ڇا ڏسجي، ڇا ڏسڻ کپي؟“ پڇڻ وارو همراهه ڇا گهمي سگهندو!

    عوامي آواز 16 فيبروري 2014
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو