آدرش نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -2

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -2

    آدرش

    جيئن مُنڊي جو ٻُڙو پنهنجو پاڻ ڳالهائيندو آهي، تيئن گهگهراڻي گهٽي به ڳالهائي ته ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌجي وڃن.
    گهٽيءَ جا مڙسالو ته معبتر آهن ئي آهن، زائفان به لک لهن. گهر ۾ بي ڌڙڪ ايئن هلي وڃي ڄڻ گهر جي مالڪياڻي هُجي. ڪنهن به گهر وڃي ته هر ڀاتي جي چپن تي مرڪ اچي وڃي، جو هوءَ مڙد توڙي زائفان، سڀني سان هُج مئون ڳالهائي. گهر ته ڇا گهٽي ۾ به نه مڙي.
    سيارو هجي، مان تڙڪي تي مسجد جي ڀت کي پويان ٻانهون ٻڌي، ٽيڪ ڏئي بيٺو هيم ته ماسي ملوڪ ماءُ اچي لانگهائو ٿي. مون کي ڏسي چوڻ لڳي. ڇو…ڙي! اتي بيٺو آن؟ ” ماسي! سيءَ پيو ٿئيم سو اُس تي اچي بيٺم“
    ”ڪا مائي ٻائي تاڙي ٿي ڇا؟“
    ”ماسي! مان اهڙو آهيان؟“
    ”ڇو تون ڪو پير پيغمبر آن يا خصي آن؟“
    مان کلڻ لڳم. هن جي ڳالهه ٻڌي هڪ ڳالهه سُجهي آئي.اسان سنڌي ماڻهن جون زالان مڙس جو نالو نه کڻنديون آهن. ان جو سبب پراڻي روايت آهي. شرم حياءُ جو عنصر به ٿي سگهي ٿو. مون کي کيچل ڪرڻي هئي، جو ماسي ڏاڍا دلچسپ گفتي ۾ جواب ڏيندي آهي. سو مون پڇيو مانس :”ماسي هڪ ڳالهه پڇانءِ؟“
    ”پڇ پڇُ لومبڙ!“
    ”توهان زائفون مڙسن جو نالو ڇو نه کڻنديون آهيو؟“
    ”اهو ان ڪري ته متان زبان نه پليت ٿي پئي.“
    مان ٽهڪ ڏنو ته اهو چئي اڳتي هلي وئي ته ”ٻي ڳالهه ٻڌ! اهو چوندا آهن نه، ته سوئر جو نالو کڻڻ سان چاليهه ڏينهن زبان پليت رهندي آهي. مڙس جو نالو کڻڻ سان عورت جي زبان اڍائي سال پليت رهندي.
    مان سگريٽ دکائي ماسي ملوڪ ماءُ جي ڳالهه جو مزو وٺندي پنهنجي ليکي مرڪان پيو ته ايتري ۾ڪاڪو علي مراد اچي ويو. هو به وڏو ٽڻڪ. پوليس کاتي جو پنهنجي وقت جو اڙٻنگ جمعدار. سئيءَ جي پاکڙي مان اٺ ٽپائڻ وارو. هو اهڙو پوليس وارو هو جيڪي رستو وڃائيندا ناهن. رستو ڳوليندا آهن.
    ؟ڇا تي ٿو ڏند ڇِڪِين؟“
    مان کلندي ماسي ملوڪ ماءُ واري ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائي مانس ته ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو”وڏي حرامڻ آهي.“
    ”وڏا ! باقي اٿِي مزيدار مائي .“
    ”ها. ها ٻيڙي ته پيئار نه اٿِي”“
    ”ها“
    ”ٻڌ ته. اهي اسان واريون مايون برقعو پائين ڇو ٿيون؟ سدائين پردو مٿي، فائدو ڇا؟“
    ”اصل ۾ هير پئجي ويل اٿن. ٻيو ڪراڙيون ته آهن. ڪهڙيون حُور پريون آهن؟“
    ”نه نه اها ڳالهه ناهي. اصل ۾ مون کي ٻي ڳالهه ياد آئي“ ايئن چئي هو کلڻ لڳو. سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي دونهين کي اس جي ڪرڻن ۾ جمع ڪرائيندي، کلندي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو. ”ارشاد واهه جي مزيدار ڳالهه آهي“ ايئن چئي کلڻ لڳو ته کنگهه ٿيس. کنگهي بس ڪيائين ته چيو مانس ”وڏا هاڻي ٻڌاءِ به کڻي.“
    هو مرڪندي ٻڌائڻ لڳو. ٿيو ڇا جو گذريل اربع تي مان بازار مئون واڻ وٺڻ ويم، کٽان صفا جهوليون ٿي ويون آهن. مان واري پُٽڙي پگهار جو ڏني ته سوچيم پهريون ڪم کٽان واڻائڻ وارو ڪيان. پئسا وري اڏ…گڏ ٿي ويندا. مهمان تائي به اچي وڃي ٿو. کٽان واڻائي، پئسا سڪارتا ڪيان.
    مون واري جوءِ به ڪو ڌيءُ لاءِ بازار مان رئو ٻئو وٺڻ وئي هئي. مون کي ان جي سُڌ نه هئي. خير مان سِڌ وٺي ڍڪ بازار مان وڃان پيو ته سامهون هن تي نظر پئي ته سڃاتومانس ته ٻيلي! آهي ته مون واري ڀٽاري. هن مون کي ڪو نه ڏٺو هو.برقعو مٿي هيس. پنهنجي مستيءَ ۾ هجي. جيئن ويجهو آئي مون کي جو ڏٺائين، ڏسڻ سان هڪ دم برقعو کڻي هيٺ ڪيائين. مان لنوائي ڪري اڳتي وڌي ويم.

    ***
    مان بازار مئون واڻ ٻاڻ ۽ تانگهه وٺي گهر آيم. مان واري زال به بازار کان موٽي آئي هئي. ورانڊي ۾ ويٺي پٽاٽن سان ماني ڳِري رهي هئي. مان ڀت جي وٽ سان واڻ رکي، ڀرسان اچي، منهن ۾ گهروڙي بُجو ڏئي چيومانس ” لک جي لعنت ٿي شودي رنَ! سڄي بازار ۾ شرم به مون کان آيئه جو کڻي برقعو هيٺ ڪيئه. سڄي بازار جا مڙسالو وڻني پيا. رڳو مان ئي نه وڻيو مانءِ “

    ***
    ويا موري مري. ماسي ملوڪ ماءُ ۽ ڪاڪي علي مراد جهڙا مڻيا دار پنهنجو وارو وڄائي ويا. اهڙا ماڻهو هاڻي ڪاٿي آهن. جيڪي ڏکويل ماڻهن جي منهن تي مرڪ آڻين، جو مُرجهايل زندگي ٽڙي پئي. ڪا جند جُڙي پئي.
    اها مسجد به هاڻي نه رهي آهي. جنهن جي گنبذ تي پکي اس تي ويهندا هيا. ڌڻي سڳوري جا نيڪ ٻانها سچيءَ دل سان عبادت ڪندا هيا ته سڄي پاڙي ۾ رحمت وسندي هئي. ان مهل اها مسجد ننڍڙي هوندي هئي ۽ الله جو گهر سڏبي هئي.
    مسجد پويان وڏي ماڻهو جي دل وانگر خالي پلاٽ هوندو هو. اسان ڇوڪراڻي وهيءَ ۾رات جو اتي بدني ۾ پاڻي ڀري گول ليڪو پائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون منڊي راند کيڏندا هياسون. الله وارن ان کي قبضي ۾ آڻي وڏو بڻائي ڇڏيو. اهي نيڪ نمازي کٽي ويا. ٻيا اچي ويا. مسجد ۾ هڪ انڪم ٽيڪس آفيسر جڏهن نماز پڙهندو آهي ته هڪ چور واپاري هن جي فراس هيٺان نوٽ رکي ويندو آهي. جو سلام ورائي پئسا کڻي کيسي ۾ وجهي، دعا گهرندو آهي. ”منهنجا رب! پنهنجي رزق مان مون کي ايئن ئي اڻ ميو رزق عطا ڪندو ڪر. آمين ثم آمين!“

    ***

    هاڻي مسجد جي دروازي جي پيشاني تي ”نور مسجد“ لکيل آهي. سڏبي شيخن واري مسيت آهي، جو ڌڻي سڳورو اتان هلي ويو آهي.
    مان مسجد ۾ اندر نه ويندو آهيان جو مون کي ڀوُ ٿيندو آهي ته مسجد ۾ آيل پلاٽ تي ٻالڪپڻي وارا نشان ڊهي نه ويا هجن. مون کي پوءِ به پڪ آهي ته شهر بانوءَ جي پيرن مٿان منهنجي پيرن جا نشان اڃا ضرور هوندا.

    ***

    سيارو. راڄ دلارو. ان ۾ پئي مينهن ته من ۾ نينهن، ٻيلي ۾ سوگهو شينهن. اسي واري ڏهاڪي ۾ شڪارپور جوان ته نه هئي پر پوءِ به اڌيڙ عمر جي پرڪشش زائفان وانگر ضرور هئي. هاڻي ته صفا اڌرنگي جي بيماري ۾ جهور ڪراڙي زائفان وانگر کٽ داخل آهي. سڀ نافرمان اولاد وانگر ڇڏي ويا اٿس. ڪو دوا درمل ڪرائڻ وارو ئي ڪو نه بچيو آهي.
    هتان جا سياست دان کجيءَ جي وڻ وانگر آهن. اس ۾ ڇانو نه ڏين. بک لڳي ته کارڪان ايڏو مٿي جو هٿ ئي نه اچن.
    شاعر معشوقن جي تر ۽ غم ڪاڪل ۾ غرق ٿيل ته وري ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن رڳو چانهه جي ٻاڦ ۽ سگريٽن جي دونهين سان شهر ۾ انقلاب آڻيندا آهن.
    مينهن وسي ڪري بس ٿي چڪو هو. جواني جو جوش هو. عشق ۾ عقل بيهوش هو. ٿڌ به وڌ هئي. مان ڪوٽ ٽوپ بوٽ پائي گهران ڇَٽي کڻي نڪتم ته متان وري نه وسڪارو شروع ٿئي. موسم ۽ عورت جي من تي اعتبار ڪهڙو؟ پَل ۾ تولو پَل ۾ ماشو .
    شهر ۾ مينهن ڪري سڄو بدن ڀنل، شرميلي ۽ البيلي دوشيزه وانگر لڳي رهيو هو. سيءَ ۽ مينهن ڪري سڄو شهر سانت جي سائي چادر ۾ ويڙهيل هو.
    لکي در آيم. گهڻا دڪان بند هيا. هوٽلن تي ٻاڙائي هئي. مان حاڪم ڪلهوڙي کان ٻه ٽي چاپان ۽ قيمي جون ٽڪيون ورتيون. سيءَ مينهن ڪري هر ماڻهو پاڻ ويڙهيون سيڙهيون ويٺو هو. ڪربلا معليٰ وٽ ٻه ٽي ڇوڪرا باهه ٻاري، پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا. هڪ فقير لانگهائو ٿيو. سيءَ ڪري وات تي چپر لڳل هيس. مان به شيخ صاحب سو، هٿ تري تي رکيو، پنج کنيا مانس. جن مان ڪي ٽو سگريٽ ورتم. سومهڻي جي ٻانگ ملي چڪي هئي اوسي پاسي واري ٿلهي متاري ٻلي جهڙو پاڙيسري دڪان دار سيءَ ڪري سوير کير جي هٽ کي بند ڪري رهيو هو. ٻئي گهٽيءَ مان بگي آئي. بگيءَ ۾ اڇو گهوڙو مينهن ۾ پُسيل هئڻ ڪري سٺو لڳي رهيو هو. چوڻي ياد آئي ته ”گهوڙي جي پڇ جا وار وڏا ٿيندا ته هو پنهنجا مڇر ئي پري ڪندو.سواري جا ڪونه ڪندو“.
    بگيءَ ۾ پويان پاڙي جو وڪيل صاحب ويٺل هو. وڪيل جو ڊيل ڊول ڪلاسيڪل گويي جهڙو. ڪنجوس به اهڙو جو انگوڇو ٻڌي تڙ ڪري انگوڇي جو پاڻي ٻاهر وڃڻ نه ڏيندو. نيپوڙي ان مان گهر جو دلو ڀريندو.
    وڪيل به اهڙو تهڙو ڇا ،نه دشمن کي ڀئو، نه سڄڻ کي آسرو. هن لاءِ مشهور آهي ته هڪ خوني جو ڪيس مليس. جج صاحب هن کي ڪُل عمر قيد جي سزا ڏئي ها، پر هن اهڙا اونڌا سونڌا دليل ڏنا جو همراهه کي ڦاسي آئي. ڪيس جي فتويٰ ٿي ته ٻاهر اچي وارثن کي چوڻ لڳو ”ابا مبارڪون هجنوَ. ڦاسي آئي اٿس پر منهنجو توهان سان مڙساڻو واعدو آهي. لاش وٺي ڏيندو مانوَ“
    مسجد جي سامهون واري گهٽي ۾ ٻن گهرن جي وچ تي پل وانگر ڇت ڏنل آهي. اها گهٽي سٺي زائفان وانگر پناهه ڏيندي آهي. اونهاري ۾ منجهند جو ۽ سياري ۾ رات جو باهڙي ٻاري پاڙي جا دلبر ڪچهري ڪندي دل وندرائيندا آهن.
    مان اتان لنگهيم ته ٻه ٽي چُٽيل ويٺا هئا. گهڻو ئي نٽائڻ جي ڪيم ته ”ادا! ٻه ٽي منٽ مهلت ڏيو ته مان هي چاپان ۽ ٽڪيون گهر ڏئي اچان“
    ”ويهه ڙي ويهه! مهانڊوگهر ويندو. هي چاچا جان محمد گهر تانهري تيار ڪرائي آهي. گهران کڻڻ ويو آ. ويهه ته چاپان ان سان ٿا کائون. مزو اچي ويندو“
    ”ويهه ارشاد! ههڙي موسم ۾ گهر وڃي ڇا ڪنديس. ڇڙو ڇانڊ آن، ڪهڙو وري گهر ۾ رن روڳڙي ويٺي ٿي، جو تنهنجي تانگهه ۾اڱڻ ٻُهاريندي هوندي“ جواد هُج مان ايئن چئي سٿڻ جي پاچي کي ڇڪيو. مان به ڦاٿي کان ڦٿڪڻ ڪهڙو! چپڙي ڪري خالي پيل ڪرسيءَ تي ويهي باهه تي هٿ سيڪڻ لڳم. ستت ئي چاچي مولا بخش ميمڻ اچي ٺڪاءُ ڪيو. هو چاچا جان محمد جو دل گهريو دوست هو. مينهن هجي، جهڙ هجي، طوفان هجي پر ڏينهن نه گسائي. ڳالهين جو ڳهيرُ. دلچسپي نموني ڳالهه ٻڌائي. دل وندرائي، سمجهه وڌائي. ايتري ۾ چاچا جان محمد به نوڪر هٿان، تانهري جو ٿالهه مٿي تي کڻايون آيو. مولا بخش کي ڏسي ڄڻ پاءُ رت جو وڌي ويس. ٿالهه ميز جي وچ تي رکي بسم الله ڪري تانهري کائڻ شروع ڪئي سون. چاپان ۽ ٽڪيون به کائي سڀني پنهنجو ڀڀ ڀريو. پيٽ ۾ للُ ڳوٺ ۾ هُل، واهه ڙي واهه اياز، اياز ڇا نه موتي پويا آهن.
    ”ڍئوَ بنا ڍوليا! ناهي ساڃهه سونهن جي“
    ”مولا بخش! ٻيو خير. ٽاٽ آن ني!“
    ”ها ادا خان محمد ! سڀ خير آهي. تون ٻڌاءِ، آفيس ويو هئين؟!
    ”اڙي يار! دفترن جا ڪم هلندا رهندا آهن. صبح سان ئي مينهن شروع ٿيو ته وڃڻ جو موڊ ئي ڪونه ٿيو. سو ڪونه ويم. ”نئون ڊي سي آيو اٿوَ!“
    ”ها آيو آهي! اهو وري ڪهڙا شير شاهه سوريءَ وارا سڌارا آڻيندو. انهن بيوروڪريٽس جا پيٽ آهن، کوهن جهڙا ڀرجي نه ڀربا“.
    ”ٻڌو اٿم نيڪ نمازي آهي.“
    ”ها اهو ته آهي. هاڻي اسان مختيارڪار پئسن جي ڳوٿري نيڪ نمازي جي مصلي هيٺان رکي اينداسون. الله سائين هن جي دعا اسان جي معرفت اگهائيندو. “
    ”جيئن اڳي ٻاهران خط ايندو هو ته معرفت دڪان دار وزير علي ڦري ملي خان محمد کي“
    ”باهه ڏيس هاڻي ان قصي کي، تون ٻڌاءِ بٺي جو ڪم ڪار ٺيڪ پيو هلي.“
    ”ها شڪر الحمد الله. اڄ مينهن هو. جائي! اڄ جان محمد مزيدار ڳالهه ٿي. ٿيو ڇا جو بٺي تي اوڏ مزدور مٽيءَ جو ڪم ڪندا آهن. اڄ ڪم ته نه پئي ڪري سگهيا. هنن کي پئسن جي ڪا ضرورت هئي سو ان لاءِ آيا هيا. مان به اتفاق سان ڪاريگرن کي ڏيڻ لاءِ پئسا کڻي ويو هيم. اهي مينهن ڪري يا ڪو ڪم ڪار ٿي پين سو نه آيا. اوڏن کي پئسن جي لوڙ هئي. هزار گهريائون مون به ڦتيءَ جي کيسي مئون هزار کڻي ڪڍي ڏنو مان.
    پاڻ ۾ بيٺي بيٺي ڳالهائيندي اٽڪي پيا. مان ٻولي سمجهان ڪونه، خبر ئي نه ته ڇا تي پيا وڙهن. مان چپڙي ڪري کٽ تي ويٺو کين ڏسان پيو. ڏسندي ڏسندي اچي هڪ ٻئي جي ڳچي ۾ هٿ وڌائون. مان ڄڻ کيل پيو ڏسان. ادا هڪ اوڏ ڳچي مان هٿ ڇڏائي ٿورو پري وڃي هڪ پڪي سِر کڻي ٻئي کي اولاري گار ڏيندي چوڻ لڳس” اچ اچ ڪتا ڪنهن جاءِ جا! مون کي ڪو ڪوري موچي لڌو ٿي جو وڙهين ٿو.
    اڙي ! مون جا ته ٺپ ئي ٺري ويا. مان سوچڻ لڳم اسان ميمڻ اوڏن کان به وياسون جو اڏو ٿو چئي مون کي ڪو ڪوري موچي لڌو ٿي ڇا.

    ***

    ”ارشاد ! تون شاعر سڳورو آن. شاعري ٻاعري هلئي ٿي”!
    ”بس سائين! ڪڏهن ڪڏهن اڌمو ٿيندو آهي ته ٻه ٽي سٽون پني تي پکيءَ وانگر لهي اينديون آهن.
    ”واهه ڙي ارشاد! اڄ ته مُبن جهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين“
    ”اڙي توهان وارو ”سنڌ ديس مهان“ وارو اياز ٻيو ڪير مُبن؟ ابا! اهو هتي جڏهن پڙهندو هو مون کان ٻه ٽي سال وڏو هو. سڄو پاڙو مُبن ڪوٺيندو هيس. نالو مبارڪ علي هيس ني! ماڻس پيار مان مُبن سڏيندي هيس ته سڀني کڻي مُبن سڏڻ شروع ڪيس. شيخ اياز ته هاڻي ٿيو ني!“
    ”هاڻي ته بابا! اياز ته وڏي ڳالهه آهي“
    ”جان محمد ! مغرور ناهي؟!
    ”نه مولا بخش! اصل ۾ هن تمام گهڻو پڙهيو ۽ لکيو آهي. وڏو ذهين آهي. ذهين ماڻهن جي مڙيوئي ڪل ٿڙيل هوندي آهي. ڏاڍو حساس آهي. گذريل مهيني مان سکر، ڪورٽ ويو هيم. اهي دفتر جي ڀُڏن ڪمن جو حاضريون. سويار ! مان ڪورٽ جي ورانڊي ۾ بيٺو هيم. هي به آيو. ڪڇ ۾ فائيل ۽ هٿ ۾ ڊائري هيس. مون تي نظر پيس ته وڌي آيو. شابس اٿس نه ته ڀلا هاڻي ته مُبن ناهي ني. هاڻي ته بابا! سنڌ جو چوٽي جو شاعر آ ته وڏو ڏاهو وڪيل به آ. پر ٻيلي! شناس وارو اٿي. مون سان قرب سان مليو. پڇڻ لڳو ”جانڻ ! ڇا ٿو ڪرين ”ٻڌايو مانس“ سائين ! اوهان جي دعائن سان مختيارڪار آهيان. “Very Good” چئي کلي چوڻ لڳو ”پنهنجي پگهار سان گڏ تپيدارن جون پگهارون به کائيندو هوندين.“
    ”ويندي ويندي چوڻ لڳو ڪورٽ کانپوءِ آفيس اچين ته ماني گڏ کائون. مون سندس مهرباني مڃي“
    ”اڇا باقي ڪيئن چوندا آهن ته ڪنڌ ۾ ڪلي اٿس.“
    يار! مولا بخش ٻڌ! هو مصروف ماڻهو آهي. موڊي به آهي. بهرحال هڪ وڏي ڪيليبرCaliber جو ماڻهو آهي. صحيح آ ني.“
    ”ها“
    هاڻي هر ايرو غيرو نٿو خيرو جو اچي مٿو کائيس ته پوءِ ڀلا اياز ڇا ڪري؟“
    ”ها اهاڳالهه به صحي آهي.“
    ”هاڻي ٻڌ ! مان مختيارڪار آهيان ني! سڄو ڏينهن هڻ هڻان ۾گذرندو آهي. الائي ڪهڙاڪهڙا ماڻهو ايندا آهن. هاڻي مان ٽڪي ٽڪي جي ماڻهن کي سائين ميان ته ڪونه ڪندم. ظاهر آهي اياز جو ته وڏو قدبت آهي. ظاهر آهي فضول ماڻهن سان ته رُکو رويو اختيار ڪندو ني!“

    ***

    باهه کي وڌائڻ لاءِ جواد ڀر ۾ رکيل ڪاٺيون وجهڻ لڳو ته چاچي مولا بخش پڇيس. جواد تون فشريز کاتي ۾ آن ني؟!
    ” ها سائين!“
    مڇي ٻڇي ملندي هونديءِ“
    ”جامُ.“
    ”ڀاڙيا! پو ڪو ڏنڀرو کارائين نه ٿو!“
    ”چاچا ! توهان ڪڏهن چيو آهي؟“
    “حاضر! ڳالهه ئي نه پڇ مڇي جهڙي غذا ئي ناهي. گهر مڇي ٿيندي آ ني! ته مان هونئن ٻه مانيون کائيندو آهيان پر مڇي واري ڏينهن چار مانيون کائي ويندو آهيان“
    اڇا ! ٻي ڳالهه جي خبر اٿي؟“
    ”ڪهڙي؟“
    ”مڇي هميشه ان مهيني ۾ کائڻ گهرجي جنهن مهيني جي نالي ۾ ”ر“ اچي.“
    ” ڇا مطلب ؟ مان ڪونه سمجهيو.“
    ”ادا ! مطلب اهو آهي ته ”ر“ جنهن مهيني ۾ اچي جيئن جنوري، فيبروري، مارچ ۽ اپريل ٺيڪ وري سيپٽمبر، آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر صحي.“
    ”صحي“
    ”مڇي انهن مهينن ۾ کائبي ته فائديمند آهي. باقي مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ نقصان وري به ته ناهي پر نه مزو هوندس نه فائدو. اهو حڪمت جو اصول آهي ڇو ته اهي گرم مهيني آهن. مڇي گرم هوندي آهي. هاڻي ڏس ني ” ”ر“ وارا مهينا سيءَ وارا آهن. سو مڇي انهن مهينن ۾ سوادي به هوندي آهي ته اڪثير به“
    ”واهه جو نقطو ٻڌائيه.“
    ”تڏهن متان نه سمجهين“
    جواد ۽ مان نوجوان سوهنن وڏن جي ڪچهري ۾ ويٺا هنن جون ڳالهيون ٻڌون.وقت آهر ڪو جملو چئون نه ته هنن جي ڳالهين مان لطف وٺون.
    جواد چوڻ لڳو”سائين! مڇي بابا کي به ڏاڏي وڻندي آهي. مڇي هجي ته پنج مانيون کائي وڃي.
    چاچا جان محمد کلي چوڻ لڳو مان ته ابا مڇي سان ست مانيون کائي ويندو آهيان. چاچو ڪامل چپڙي ڪيون ويٺو ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. اڪائونٽنٽ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيل هو، هن جو وڻ وڻ جي ڪاٺي سان هن جو واسطو رهيو. سڄي ملڪ ۾ بدلي ٿيندي. سڀ ئي صوبا لتاڙي آيو هو. لاهه ماڻهو، رکي رکي اهڙو جملو چئي، جو جنازي کي ڪلهو ڏيندڙ ماڻهو به ٽهڪ ڏئي کلي پئي. هن پير جي بوٽ سان، باهه ۾ ڪاٺي سوري، مون تي تڪيو ته مان مرڪي ڏنم. سمجهي ويم ته چاچا جي هاڻي يڪو ماٺ ۾ مشين گرم ٿي وئي آهي ۽ ضررو ڪو جملو اهڙو ڦهڪائيندو جو سڀ ٽهڪ ڏينداسون. هن مون کي مرڪندي ڏٺو ته پاڻ به مرڪيو، چوڻ لڳو. ؟اڙي چريا! مون کي مڇي ايڏي وڻندي آهي جو پاڙي ۾ ڀرواري گهر مڇي رڌبي آهي ته مان ان جي ڌپ تي ڏهه مانيون کائي ويندو آهيان“

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 14 فيبروري 2016ع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو