پروانو ڀٽي : هڪ ٻاجهارو شخص ۽ ارڏو شاعر رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ جي ذهين ترين نقاد ۽ شاعر جنهن سموري زندگي ان شخص جيان گذاري جنهن شخص کي اسان پرواني ڀٽيءَ جي نالي سان سڃاڻون ٿا، فرق فقط اهو آهي ته سگن آهوجا زندگيءَ جا چار ڏهاڪا مس جي سگهيو ۽ پروانو ڀٽي سنڌ جي نيڪ خواهشن ۽ اسان جي دعائن سان اڄ به اسان سان گڏ آهي. جيتوڻيڪ هن کان زندگيءَ ۽ وقت گهڻو ئي کسيو آهي پر پوءِ به هو هڪ بهادر بزرگ واري زندگي گذاري رهيو آهي اڄ به لکي رهيو آهي، سڳن آهوجا جي هڪ سٽ آهي: هڪ عمر کپي دوست سخندان ٿيڻ لاءِ ۽ سچ پچ اسان جي بزرگ سائين پرواني ڀٽيءَ پنهنجي سخنوزيءَ کي سڄي عمر ارپي ڇڏي. هو سڄي عمر شاعريءَ جي معرفت سنڌ جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو آهي، پر سندس قلم ۽ زبان ڪڏهن به ماٺ جو روز نه رکيو آهي. هن جيڪو به سنڌ کي هڪ شاعر ۽ هڪ استاد جي ناتي ڏنو آهي، اهو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي قرض آهي، ڇاڪاڻ ته هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي زندگيءَ جي هن پوئين پڙاءَ تائين فقط ڏنو آهي، پنهنجو خواهشون، پنهنجا آدرش، پنهنجي جواني ۽ تمام اهم ڳالهه ته پنهنجي رت مان جرندڙ اولاد به سنڌ کي ڏنو آهي پر هيءُ اهو سٻاجهو شخص آهي، جنهن ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي آهي، جڏجن ته سنڌس همعصرن ۽ همسفرن سنڌکي ايترو ڏنو نه آهي جيترو انهن مختلف حوالن ۾ سنڌ کان ورتو آهي. سنڌوءَ جي سٻاڄي ڪپ تي وسندڙ هڪ وڏي ڳوٺ جهڙي ننڍڙي شهر “پياري ڳوٺ” ۾ سورهين فيبروري اوڻيهه سئو چوٽيهن تي جنم وٺندڙ ڪالهوڪي ميوي خان ڀٽيءَ ۽ اڄ جي نامياري اديب، شاعر، صحافي ۽ استاد پرواني ڀٽيءَ جي والد جو نالو گل محمد خان ڀٽي هئو. گل محمد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن “گل” اڳتي هلي، سنڌ ۾ جيڪا پنهنجي علم، ادب ۽ شاعريءَ وسيلي سرهاڻ پکيڙي ان جي پنهنجي هڪ الڳ سڳنڌ آهي. جيڪا اڄ جي تاريخ تائين ماٺي نه ٿي آهي. هن ڪٿي نوڪريون ڪيون ۽ ڪهڙيون نوڪريون ڪيو اهو سڀ ڪجهه هن جي ادبي زندگيءَ کان ٻاهر جو موضوع آهي، پر ائين آهي هن ته پنجاهه واري ڏهاڪي کان لکڻ شروع ڪيو ۽ مني صديءَ تائين لڳاتار نثر توڻي نظم لکندو رهيو آهي، هن ڪيترين سنڌي اخبارن ۾ ڪيترائي سال لڳاتار ڪالم لکيا آهن ۽ خاص طور قطعا لکيا آهن جن جو انگ هزارن ۾ آهي، ۽ خوش قسمتيءَ سان اهي شروع کان وٺي ماڻهن جو ڌيان به ڇڪائيندا رهيا آهن هو لڳاتار نثر پڻ لکندو رهيو آهي ته ان سان گڏ پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪجهه حصو به لکيو اٿائين جيڪو قسطن جي صورت ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ ادبي رسالي امرتا ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي، ائين سائين پروانو ڀٽي پنهنجي قلم جي آبروءَ سان گڏ پنهنجي شخصي آبرو به رکندو آيو آهي، عمر جي هن حصي به سندس زباني شعر ٻڌجي ٿو ته رت تيزيءَ سان گردش ڪرڻ لڳي ٿو. سائين پرواني ڀٽي جا ٻه ترتيب ڏنل ڪتاب اوڻيهه سئو اڻهٺ ۾ شايع ٿيل آهن جن جا نالا آهن 1 “ٽڙندڙ مکڙيون” 2 “سرهاڻ” اڄ سنڌ ۾ ۽ سنڌي ادب کي سندس شاعريءَ توڻي نثر جي ڪتابن جي گهڻي گهرج آهي، سندس سموري زندگيءَ جو ڪيل ادبي پورهيو، سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي ذميواري آهي ته اهي شايع ڪن، ائين ڪري اهي ادارا پڪ سان پنهنجي آبرو وڌائيندا، سائين پرواني تي ڪو به احسان نه ڪندا ۽ نه ئي اهڙو احسان هو سنڌ توڻي سنڌي ادب تي ڪندا، اهو مواد شايع ڪرڻ سندس فرض ۾ شامل آهي. خاص طور اسان جو قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ جو ثقافت کاتو اهڙيون ڪوششون ضرور وٺي. ٻيءَ صورت ۾ اسان جو هي ارڏو شاعر ۽ اديب پنهنجي سڄي زندگي ان خفي کان آجو رهيو آهي، پر اهو سڀ اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ضروري آهي ۽ اهو به ضروري آهي ته هو پنهنجي سمورو ادبي پورهيون پنهنجي جيئري، اکين سان ڇپيل صورت ۾ ڏسي وڃي اهو ئي کيس سهي معنيٰ ۾ ٽريبيوٽ آهي. سنڌ جي هن ٻاجهاري شخص ۽ ارڏي شاعر جي ڪيل ادبي پورهئي کي ڏسندي ۽ زماني جي ڪيترن ئي ڏکن سان منهن ڏيندي به پنهنجي ڌن ۾ لڳاتار هلندو ڏسندي خليفي صاحب جي هيءَ ياد ٿي اچي: ويا اڏامي ڪک، پڻ تان پهڻ نه چريو. هو شاعر آهي شاعريءَ سان پيار ڪندڙ آهي ۽ اسين ساڻس پيار ڪرڻ وارا جيڪي سندس پورهئيءَ سان به پيار ڪريون ٿا، سندس ڪي ثانوي ادبي حوالا هيءَ به آهن. سائين پروانو ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو 1963ع ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو، حيدرآباد شاخ جو سرگرم ڪارڪن، بزم طالب الموليٰ سنڌ جو ميمبر ۽ ٻين ڪيترين ادبي تنظيمن ۽ بزمن جهڙوڪ: بزم خليل وغيره جو سرگرم رڪن رهيو آهي. هن جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان، اُن جي قيام واري وقت کان وٺي لاڳاپو رهيو آهي. اتي مشاعرن، تبصرن، تجزين، ٻارڙن جي ٻاريءَ، فتح خان جي ڪچهريءَ ۽ ٻين پروگرامن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. هڪ سينئر صحافيءَ جي حيثيت ۾ هو ڪيترين اخبارن جو مسلسل ليکڪ رهيو آهي. هن وقت به ڪيترين اخبارن ۾ سندس ڪالم ڇپبا رهن ٿا. ماهوار ”امرتا“ ۾ سندس آتم ڪهاڻي ”ڪتاب زندگيءَ جا ورق“ عنوان سان ڪجهه حصا ڇپيا، جيڪي اڳتي هلي ڪنهن سبب ڪري تسلسل سان هلي نه سگهيا. سائين پروانو ڀٽي سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي ۽ هن وقت عبدالله سينٽر قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي. ها! قاسم آباد جيڪا حيدرآباد مان جلاوطن ڪيل سنڌين جي وسندي آهي ۽ بس!
پروانو ڀٽي : بزمِ خليل جو شاعر مرزا فياض علي بيگ بزمٖ خليل جي باقيات شاعرن مان هيءُ ٻيو شاعر آهي، جنهن ترت ئي بزمٖ خليل کي خيرآباد چئي خير سلامتي سان پويان پير ڪيا. ميوو خان ولد گل محمد ڀٽي ٽنڊو محمد خان ۾ 16- فيبروري 1934ع تي ڄائو. پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري پهرين پرائمري ماستر ٿيو ۽ پوءِ تپيداري امتحان پاس ڪري تپيدار ٿيو. جتان ”هلال پاڪستان“ اخبار ۾ آيو. اتان ئي هِن صحافت جي ميدان ۾ قدم رکيو ۽ پوءِ سالن جا سال روزانه اخبار ”عبرت“ ۾ فرائض منصبي سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ ڪجهه وقت پبلڪ اسڪول لطيف آباد نمبر-3 ۾ به ملازمت ڪندو رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعري سان دلي لڳاءُ هو ۽ هِن شعر جي شامياني هيٺ ايندي ڪڏهن ’ميول‘ ته ڪڏهن ’آزاد‘ تخلص سان شعر چيو. پوءِ اها آزادي حاصل ڪندي وڃي ’پرواني‘ جي منزل تائين پهتو ۽ ادبي دنيا ۾ ”پروانو ڀٽي“ جي نالي سان روشناس ٿيو. بزمٖ خليل جڏهن قائم ٿي، ته پروانو ڀٽي حيدرآباد ۾ آيو ۽ پرواني جيئان شعر جي محفل ۾ ڦيرا ڏيڻ لڳو. تڏهن کيس بزمٖ خليل ۾ شمع محفل ٻريل نظر آئي ته يڪدم اتي پهچي ويو. بزمٖ خليل ان وقت جي نؤ آموز شاعرن لاءِ هڪ بهترين تربيت گاه جي حيثيت رکندي هئي، اتان ئي هِن مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ جو آغاز ڪيو. پاڻ پنهنجي ابتدائي دور ۾ ڊاڪٽر ’خليل‘ کان شعرن ۾ اصلاح وٺڻ لڳو ۽ بزمٖ خليل جي شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. پر پوءِ هي جلدي بزمٖ خليل کان الڳ ٿي ويو ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت به قائم ٿي چڪي هئي، پوءِ اتان ئي هن پنهنجي شعرن سان ايوان شاعري کي معطر ڪري ڇڏيو. هن جو ڪلام وقت به وقت مختلف اخبارن، مخزنن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. اسان جي سنڌ جي هن محترم بزرگ شاعر کي پڻ قطع لکڻ تي سٺو عبور حاصل آهي. هِن هزارين قطعات لکيا آهن، جن مان ڪجهه ڇپيل آهن. هِن تمام گهڻو شعر چيو آهي؛ کيس شعر چوندي به اٽڪل سٺ سال ٿي چڪا آهن. ان عرصي ۾ هن ڪيترو شعر چيو هوندو سو لامحاله تمام گهڻو هوندو! جيترا سال هن کي شعر چوندي ٿيا آهن، ايترائي سال هِن کي مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿيندي گذريا آهن. پاڻ ڪيترن مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض به سرانجام ڏيندو رهيو آهي. پر افسوس! جو پرواني صاحب جو سڄو ڪلام هڪ هنڌ منهنجي خيال موجب، جمع ٿيل ڪونه آهي ۽ نه ئي ڪلام جو ڪو هڪ- ٻه مجموعو ڇپيل آهي. هاڻي هئڻ ته ائين گهرجي ته پروانو صاحب پنهنجو سڄو ڪلام پاڻ خود مرتب ڪري، پنهنجي مڪمل علمي ۽ ادبي سوانح حيات سان اشاعت لاءِ ڪنهن اداري سان پيش رفت ڪري ڇپائي ڇڏي، ته جيئن اِهو علمي ادبي سرمايو ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي. پروانو ڀٽي منهنجو انتهائي محترم بزرگ آهي، منهنجي جي ساڻس وڌيڪ حجت نه به آهي ته نيازمندي ته گهڻي آهي، جو سال 1964ع کان اڄ 2012ع تائين ساڻس يا عليؑ مدد ڪندو اچان. هي چند الفاظ ان اميد سان لکيا اٿم ته منَ پروانو صاحب هاڻي ان اهم اثاثي ڏي توجهه ڏيئي اهو اثاثو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي بيهي خواهن جي جهوليءَ ۾ وجهي.