سنڌ راڻي ۽ مير باگو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ چانڊيو عبدالرحيم طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2016۔

  1. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    سنڌ راڻي ۽ مير باگو ، ٽنڊي باگي وارو

    هيءَ هڪ سچي تاريخي ڳالھ آهي، جا انهيءَ ڪري مشهور ٿي، جو مير باگي خان ”سنڌ راڻي“ خاطر حڪومت ۽ ملڪيت جي حصي تان هٿ کنيو. مير باگوخان (پٽ مرزو خان پٽ جادوخان پٽ الهيار خان پٽ ماڻڪ خان) ماڻڪاڻي خاندان مان الهيار خان جي اولاد مان هو. ساڳئي ماڻڪاڻي خاندان مان مير ٺاري خان جي گهراڻي کي ميرپور وارو ڀاڱو مليو. عام روايتن موجب، هيءُ واقعو ان وقت جو آهي، جڏهن ميرن سنڌ فتح ڪئي ۽ ان بعد يڪمشت ٿي ملڪ کي ٽالپرن جي مختلف خاندانن جي وڏن اميرن سردارن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيائون. مير فتح علي خان سنه 1196هه/1782ع ۾ ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي؛ ان فتح بعد ملڪ جي ورهاڱي جو فيصلو ٿيو، جنهن موجب مير باگي ”سنڌ راڻي“ قبولي.
    ”سنڌ راڻي“ جو لقب پهريائين ميان غلام شاه ڪلهوڙي پنهنجي هڪ ديري کي ڏنو. سنه 1184 هجري1770ع ۾ ڪڇ جي راءِ، ميان غلام شاه سان هميشه لاءِ دوستي جي ناتي ڳنڍڻ خاطر، پنهنجي پيءُ جي سوٽ جي پٽ ”وِسنُوجي“ جي ڌيءَ جو سڱ ميان صاحب کي ڏنو. اها شادي ٻنهي طرفن کان نهايت ڌام ڌوم سان ٿي
    ان بعد ميان سرفراز ۽ ميان عبدالنبي، اُڍيجن جي قوم مان هڪ سدا ملوڪ سهڻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو خيال ڪيو، ۽ مڱـڻي بعد هن مائيءَ تي به ”سنڌ راڻي“ جو نالو پيو. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ميان سرفراز توڙي ميان عبدالنبي کي سنڌ راڻي نصيب نه ٿي. ميان سرفراز کي عبدالنبي مارائي ڇڏيو، ۽ عبدالنبي کي مير فتح علي خان سنه 1196ھ ۾ ملڪ مان تڙي ڪڍيو. ”سنڌ راڻي“ سنڌ جي حاڪمن جي مڱ ٿي چڪي هئي، ۽ مٿس شاهي نالو پئجي چڪو هو، انهيءَ ڪري ٽالپر اميرن پڻ کيس پنهنجي ڪوٽ ۾ رکڻ ٿي چاهيو. هن سونهن ڀري ڇوڪريءَ تان وري ميرن ۾ ممڻ مچڻ وارو هو، انهيءَ ڪري چون ٿا ته مير فتح علي خان دورانديشي ڪري، ”سنڌ راڻي“ کي ملڪ ۽ ملڪيت جي حصي برابر ڪيو، انهيءَ لاءِ ته جو ساڻس شادي ڪري، سو ملڪ ۽ ملڪيت تان هٿ کڻي. مير باگي خان ”سنڌ راڻي“ کي ڪنهن موقعي تي ڏٺو هو، ۽ مٿس اڳي ئي فدا هو، انهيءَ ڪري هن ملڪ ۽ ملڪيت کي ڦٽو ڪري ”سنڌ راڻي“ کي چونڊيو.
    سنڌ راڻيءَ جو اصل مائٽاڻو نالو ”سونيتي“ هو، ۽ سندس مائٽ اُڍيجا موجوده تعلقي ماتلي ۾ ”ٺَرِي“ جي ڳوٺ کان ست ميل کن اولھ طرف رهندڙ هئا؛ جتي ”ديھ اُڍيجاڻي“ ۾ انهن ’اڍيجن جي پڊ‘ جا نشان اڃان تائين موجود آهن. ”سنڌ راڻي“ اتي سنه 1180ھ ۾ يا سال ٻه اڳ ڄائي. سنڌ راڻي جي ڀاءُ جو نالو ”سائينڏنو“ هو. مير باگي کي ملڪ ڪونه مليو پر سکيي گذران لاءِ جاگير ملي ۽ ’سنڌ راڻي‘ سان شاديءَ جي خوشيءَ ۾ هن جاگير جي آباديءَ لاءِ ”باگو واه“ کڻايو ۽ هڪ شهر ٻڌايو، جو ”ٽنڊي باگي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. جاگير آباد ٿي ۽ مير باگي خان ”سنڌ راڻي“ جي مائٽن کي پوريءَ طرح نوازيو. ”سنڌ راڻي“ جي ڀاءُ سائينڏني کي پاڻ وٽ رهايائين. مير صاحب وٽ هميشہ ڪچهريون لڳون پيون هونديون هيون ۽ سندس وقت نهايت خوش پئي گذريو، پر قدرت کي ائين منظور هو، جو ”سنڌ راڻي“ گهڻو وقت زنده ڪانه رهي، ۽ شاديءَ کي ست اٺ سال کن مس گذريا هئا، جو تاريخ 5- رمضان سنه 1204ھ تي وفات ڪيائين. غالباً سندس وصيت موجب، مير صاحب ’سنڌ راڻي‘ جو جنازو کڻائي، آڻي ’ شاھ ديواني ‘ جي قبرستان اندر اُڍيجن جي مقام ۾ دفنايو ۽ مٿس پٿرن جي پڃري ۽ سٺي سنگمرمر سان سهڻي قبر ٺهرايائين، جا اڄ ڏينهن تائين سلامت آهي.
     
  2. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    تمام سٺي ڄاڻ اميد ته هميشه اهڙي ڄاڻ ڏيندا رهندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تاريخي ڄاڻ ونڊڻ لاءِ لک قرب ، جاري رکو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مير جمشيد اختر ٽالپر

    مير جمشيد اختر ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    ٽنڊو جان محمد

هن صفحي کي مشهور ڪريو