ڪشنچند بيوس

'تعارف' فورم ۾ سلمان خان عمراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2016۔

  1. سلمان خان عمراڻي

    سلمان خان عمراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 فيبروري 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    مٺڙي سنڌ
    ڪشنچند ”بيوس“تحرير: ميمڻ عبدالغفور سنڌي

    ديوان ڪشنچند ”بيوس“ پٽ تيرٿ داس کتري، 7 ڦاڳ سنبت 1941 مطابق 19 مارچ 1885ع تي لاڙڪاڻي شهر جي ”ميمڻ محله“ ۾ ڄائو. سندس پتا حڪيم هو. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي تربيت نهايت ئي سليقي سان ٿي. مگر پاڻ اڃا سنڌي چوٿون درجو پڙهي رهيو هو، ته سندس پتا پرلوڪ پڌرايو؛ جنهن ڪري هندو نظريي مطابق ڪنهن کان بيک مڱڻ بجاءِ، پاڻ تي انحصار ڪري، سنڌي ورنيڪيولر (فائينل) امتحان پاس ڪرڻ بعد ماستر مقرر ٿيو. ملازمت دوران سکر دادو، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جو چپو چپو گهميو. پڇاڙيءَ ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وليد عباسيءَ ۾ رهي، هيڊ ماستر جي عهدي تان 1944ع ۾ رٽاير ڪيائين.
    ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي طبيعت موزون هئي؛ جنهن ڪري ”بيوس“ تخلص سان ٺهه پهه شعر جوڙيندو رهيو. سندس شاعري اڻامٽ اُصولن تحت ترتيب ڏنل هئي. ”بيوس“ جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، مگر لاڙڪاڻي جي شاعراڻي اسڪول سان سندس وابستگي نه هئي؛ جنهن سان حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“ جعفري ۽ ٻيا شاعر وابسته هئا. سندس شاعري حالانڪ عروض جي فن ۾ ضرور آهي، پر مضمون ۽ مقصد جي لحاظ کان بالڪل مختلف نوعيت جي نظر اچي ٿي: عروض جي فن کان ”بيوس“ ڪي قدر اڻ واقف هو؛ انهيءَ ڪري سندس شعر ۾ عروضي قاعدن ۽ ضابطن جون اڪثر اوڻايون ڏسجن ٿيون. البته شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ اُن جي مختلف شين جي جاءِ بجاءِ واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري ترجماني ڪئي آهي. اِهوئي سبب آهي جو ”بيوس“ کي ’جديد شاعريءَ‘ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو.
    ديوان ”بيوس“، ايراني شاعريءَ جي تقليد گهٽ ڪري ٿو ۽ ان جي بدران پنهنجي وطن جي شين جون تشبيهون آڻي ٿو. سندس نظمن مان ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ علامه اقبال 1877ع – 1938ع) ۽ ڪن ٻين اردو شاعرن جي شعر جا سنڌي زبان ۾ ترجما به ڪيا اٿس. اُن هوندي به سندس شاعري سنڌي شعر جي تاريخ ۾ ”جديد شاعريءَ جو سنگ - ميل“ چئي سگهجي ٿي.

    ”بيوس“، ڪانگريس ۽ خلافت جي تحريڪن جو به سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ مهاتما موهنداس ڪرمچند گانڌي (1869ع – 1948ع) جو بيحد عقيدتمند ۽ شش هجڻ سان گڏوگڏ ”هندو مسلم ايڪتا“ جو حامي پڻ هو. سندس شاگردن ۾ هوند راج ”دکايل“ ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جا نالا سر- فهرست آهن. ديس جي شين سان پيار هوس. ولايت جون ٺهيل عمديون شيون به تڇ سمان ڄاڻندو هو. پڇاڙيءَ ۾ پيءُ جي ڇڏيل ورثي (حڪمت) کي باقاعده ڪري ورتائين. مارچ 1933ع ۾ ”سنڌي ساهتيه سميلن“ ۾ سندس ڪارائتن خيالن کي خوب اهميت ملي. سندس ڪلام سنڌ خواهه هند مان نڪرندڙ رسالن ۾ ڪثرت سان ڇپجندو رهيو. ”سيرين ڪلام“ (1933ع) ۽ ”هئملٽ“ (ڊرامو) نصاب طور سنڌ ۾ پاڙهيا ويندا هئا. کيس 23 سيپٽمبر 1947ع تي لاڙڪاڻي ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو. ”محبوب طبع“، ”سامونڊي سپون“، ”ڦولداني“، ”بهارستان“، ”انڊلٺ“، ”پرت پوڄارڻ“ ۽ ”گرونانڪ جيون ڪوتا“ ڪتابن کان علاوه نون ڊرامن جو ليکڪ پڻ هو. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:-

    رام چئون رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهه،

    دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته اُنهيءَ جي راه سان آهه،

    عشق چئون يا پريم چئون، اِنڇا ته اُنهيءَ جي چاه سان آهه،

    ساڌو بڻون، يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آ گاهه سان آهه،

    اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر؛

    جان وجهي بي جان- اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر،

    قومي گيتن کي جنم ڏيڻ ۽ عوامي جذبات ۽ احساسات جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ ۾ ”بيوس“ پيش پيش رهيو آهي. سندس خاص نظمن ۾ ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو