جن سين لنئون لاڳي : اقرار پيرزادي جون لاجواب لکڻيون

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    جن سين لنئون لاڳي : اقرار پيرزادي جون لاجواب لکڻيون

    محمد سليمان وساڻ

    اقرار پيرزادي جو ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب جڏهن ڇپيو ته ڪجهه لمحن لاءِ ئي ان ڪتاب جي ڪاپي مون وٽ رهي ۽ مان ڪتاب هٿ ۾ کڻي ان مان وچو واڙي ڪجهه پنا اٿلايا .... بس پوءِ ته پڙهندو ئي رهيس، نه مهاڳ پڙهيم نه ڪتاب جا تفصيل. ڇا ته انداز سان خاڪا لکيا اٿائين. ڪتاب ڪنهن ٻئي جو هو سو ڪتاب هليو ويو. مهورت به ٿي ۽ ان ۾ منهنجا دوست علي حسن چانڊيو ۽ ڊاڪٽر حفيظ لغاري به شامل ٿيا. سڀ احوال تفصيلي مليا مان ڪجهه مصروفيتن سبب وڃي نه سگهيس. پر پوءِ پنهنجي ڪمن ۾ لڳي ويس. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي دوست علي حسن چانڊيي ڪتاب جي ڪاپي آڻي سچل ڳوٺ پهچائي، چانهه پيئندي وري به اقرار، سندس خاڪن، ڪتاب ۽ ڪردارن جو ذڪر نڪتو. حفيظ ٻڌايو ته ڪيئن نه ڪجهه ڪردارن ۽ شخصيتن سان روبرو ملاقات ٿي ۽ ڪتاب بابت لکيل ڳالهين جي سچائي معلوم ڪيم، پر ٻلهڙيجي جي انهن شخصيتن سندن ناڪاري ڪردار بابت لکيل ڳالهين کي به مڃيو ته سچ لکيو اٿائين پر ايئن نه لکي ها يار، اها انهن جي وڏ ماڻهپائپ جي نشاني آهي.
    مان به ٻلهڙيجي جي ڪجهه پيرزادن سان ويجهو رهيو آهيان، سندن سچائي، سندن پنهنجائپ، سندن ڪمٽمينٽ کان متاثر آهيان. ٻلهڙيجي جيڪا مهين جي دڙي ويجهو درياءَ ڪپ تي لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور آهي. ان ئي ٻلهڙيجي جي ڪردارن کي پڙهندي مونکي پنهنجي ڳوٺ جا ڪيئي ماڻهو ياد آيا جن تي به ايئن ئي لکي سگهجي ٿو پر اها اقرار جي خوبي آهي جو پنهنجي قلم ذريعي پڙهندڙ کي منڊي ڇڏيو اٿائين. مان ته سندس لکڻ کان گهڻو متاثر ٿيو آهيان. هن مولائيءَ طبيعت ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ناهي پر ملڻ جي آس اڃان به وڌي وئي اٿم. سندس ڪجهه خاڪن واريون شخصيتون مون به ٻڌيون آهن پر اقرار انهن جا نوان رخ به سامهون آندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا احساس لکيا اٿائين جو اکين مان پاڻي اچي وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ماڻهو کلي کلي ٿڪجي ٿو پوي. ڪجهه شخصيتون اڃان به رهجي ويون اٿس، متان هي سلسلو اڳتي به هلي ۽ ڪو ٻيو حصو به ڇاپي.
    يقينن هي ڪتاب اسان جهڙن هٿ ٺوڪين لکارين لاءِ هڪ سبق آهي ته هيئن لکو ٻين جو وقت نه وڃايو.
    امبر پبليڪيشن پاران ڇپايل هن 224 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي مهاڳ منور سراج لکيو آهي. مان علي حسن چانڊيي جو ٿورائتو آهيان جنهن هي ڪتاب پڙهايو. ساڳي وقت اها اميد به ڪيان ٿو ته هن ڪتاب جي ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جلد اوهان تائين پهچائيندس.
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب سهڻو تبصرو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو