اها جون 2006ع جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌي ساهتيه اڪيڊمي نئين دهلي پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) ۽ ڪي ٽي اين جي وفدن کي هندستان اچڻ جي دعوت ڏني وئي. هر هنڌ کين پيار پاٻوهه ۽ محبتيون مليون. ان وفد ۾ رفيق احمد جعفري به شامل هيو، جيڪي اڄڪلهه سِگا جا مرڪزي چيئرمين آهن. پاڻ واپس اچي ان سفر کي لکيائون ۽ سفرنامي جو ڪتاب ”اکيون پَسيِ آئيون“ ڇپجي ويو. هن سفرنامي ۾ دهلي، جئپور، ڪلڪتي، آگري، اجمير شريف، دارجلنگ ۽ ٻين مقامن جي ڊائري شامل آهي.هي سفرنامو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ڇپايو ويو آهي. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو