صحيح ترتيب سان سنڌي الفابيٽس؟ ۽ درباني ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن طرفان اصلي ٻوليءَ جو خاتمون؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    صحيح ترتيب سان سنڌي الفابيٽس؟ ۽ درباني ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن طرفان اصلي ٻوليءَ جو خاتمون؟
    لڪير جا فقير هيل تائين 200 کان وڌ سنڌين جو هن تصوير کي صرف لائيڪ ڪرڻ تي زور آهي. ۽ گهرائيءَ ۾ ڏسڻ ،سوچڻ ۽ تبصرو ڪرڻ وقت اڀياس کان ڪم به نٿو وٺي ۽ جي اهڙا ئي هڪ طرفا هلندڙ ڪنهن هڪ مخصوص علائقي سان صرف مُحبت ڪندڙ ڪي سنڌي لکياري ، اديب، شاعر، تواريخدان ميدان ۾ باقي بچندا ته پوءِ سنڌي الفا بيٽس سميت سنڌي اصلي ٻوليءَ جو به الله ئي حافظ. بس سيمنار ٿيندا، شيلڊون وٺبيون، ناليوارو ٿبو اهو ئي گهرجي ڇا؟ پهرئين پنهنجي پوءِ جي چٽيل نساب ۾ (اصلي ۽ الفا بيٽ )جي صحيح ترتيب لکڻ سيکارڻ ۽ سيکاڻ گهرجي ته اصلي ۽ صحيح لکت سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت به ڪري سگهبي: ٿالهيءَ هيٺان ا کان پوءِ (ب ٻ پ ڀ)هيٺين ٽٻڪا ڏسو جيڪي بترتيب سان (هڪ، ٻه ٽي، چار(هيٺ) ترتيب هُئا جيڪي ڇو تبديل ڪيل آهن؟ ۽ پوءِ ٿالهيءَ جي مٿان ساڳيا ترتيب سان نقطا اصل سنڌي الفا بيٽ ۾ هُئا ( ت ٺ ٽ ث ٿ) 2، 2، 3 ، 3 ۽ 4. جيئن (ج ڄ، ڃ. چ، ڇ) ۽ ساڳي طرح ي ترتيب (د ذ ڊ ڍ ڌ ڏ )۽ (ر ز ڙ). يا (ف ق ۽ ڦ). ياد رهي ۽ اڀياس مان خبر به خبر ملي ٿي ته انگريز سرڪار اها سنڌي اکرن جي ترتيب عربيءَ مان ڪڍي ڪُجه ٽٻڪا ملائي اها ترتيب سائنسي ۽ ٽرگناميٽري اصولن تحت قائم ڪئي هُئي ۽ پوءِ بازاري ليکڪن ۽ شعرن، بازاري زبان (ڳالهجائيندڙ) استعمال ۾ آڻي نه صف سنڌي الفا بيٽسجي ترتيب تبديل ڪئي پر ٻوليءَ کي به گهڻو نقصانپُهچايو ۽ اهڙا جملا آسان سنڌيءَ ۾ استعمال ڪيا جن کي سنڌي ٻولي سمجهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ به نٿا سمجهي يا ورجائي سگهن ۽ اهڙيءَ طرح مختلف علائقن جو ٻوليون (سنڌي ٻولي چئي روشناس ڪرايون ويون) جيڪا نثري زبان ۽ گرامر جي بلڪل ابتڙ آهي. اصلي ۽ ضحيح سنڌي ٻوليءَ ۽ اکرن کي 1974 کان اڳ جي (سنڌي ادبي بورڊ حيدرآبد) به محفوظ ڪيو هو. پوءِ آخر اها ترتيب ۽ ٻولي ڪنهن تبديل ڪئي ۽ ڇو؟ جڏنهن ته 1974 اڳ استعمال ۾ ايندڙ توهان کي اصلي سچي سولي سنڌي الفا بيٽس ۽ ٻولي پُراڻي نسابن ۾ ملي ويندي. هاڻ ته 1974 کان پوءِ سنڌ جي سمورن ادارن ۾ اها لکت ختم ڪري پهنجي ٻولي (جنهن کي نثري نه پر گهٽين جي ٻولي) چئبو آهي ليکڪ ۽ شاعر لکن پيا انهن کي ڪير روڪيندو؟پوءِ سنڌ جي سمورن ادارن ۾ اها لکت ختم ڪري پهنجي ٻولي (جنهن کي نثري نه پر گهٽين جي ٻولي) چئبو آهي ليکڪ ۽ شاعر لکن پيا انهن کي ڪير روڪيندو؟
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 فيبروري 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو