اياز جو فقير..... صادق فقير

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ارمان جنجهي طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2016۔

  1. ارمان جنجهي

    ارمان جنجهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2016
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    وڪڙيو ٿرپارڪر
    تون ناهين ته هي چنگ چڙو، چند نه ڏي ساءٌ،

    اي سير ، مئي! آءٌ هلي آءٌ هلي آءٌ

    ٿر جو خطو پوئتي پيل علائقو سمجهيو ويندو آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ٿر اهو خطو جنهن دنيا جي هر شعبي ۾ سرموڙ سڀني کان اڳڀرا هئا ۽ هوندا. تعليمدان کان وٺي ڳائڻ تائين ۽ هر ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. ٿر جي ڳائڻن جي ڳالهه ڪبي ته مراد فقير، حسين فقير، مائي ڀاڱي، موهن ڀڱت، صادق فقير ۽ ٻيا انيڪ نالا شامل آهن. انهن مان هڪ جيڪو ڳائڻي سان گڏ هڪ يار ويس ۽ خدا جو ماڻهو هو. 20 مارچ 1964ع ۾ جنم وٺندڙ صادق فقير جو تعلق منڱڻهار خاندان سان هو. منڱڻهار لاءِ مشهور آهي ته ” منڱڻهار جو ٻار روئندو آهي ته به سر ۾“. سائين صادق فقير جو تعلق ته پيغمبري پيشي سان هو پر ڳائڻ سندس روحاني پيشو هو. سائين ننڍي هوندي کاان ڳائڻ جو شوق هو. سائين ڳائڻ جي باقائدده شروعات ڪاليجي زندگي کان ڪئي. سائين ڳائڻ جي سکيا سندن مامي حسين فقير کان ورتي. صادق فقير ٿر جي درد کي ڳائي ٿر کي امر ڪيو. سنڌي جديد شاعري کي صادق هڪ نئي طرز ۾ ڳائي موسيقي کي نئون رخ ڏنو. صادق فقير شيخ اياز جي شاعري درد ۾ ڳائي ۾ اياز جي فقير هجڻ جو ثبوت ڏنو. سائين صادق فقير اياز جي شاعري جو عاشق هو. سائين جن طبيعت ۾ نهايت ئي سادو درويش هو. هر ڪنهن سان مسڪرائي ڳالهائڻ سندن فطرت ۾ شامل هو. صادق جڏهن به پنهنجي وڇوڙي جا ڳيت آلاپيندو هو تڏهن سوين دلين جي دڙڪڻ رڪجي ويندي هئي ۽ دلين جو درد اکين مان لڙندو هو:

    توکان ٿيندي ڌار

    کلندي کلندي يار

    لڙڪ لڙي پيا

    لاڙ ڪري.....

    سائين صادق فقير سنڌي شاعري کي عطيو ڏنو، جيڪو صدين تائين گونجندو رهندو. مون پهريون دفعو سائين جي آواز ۾ هڪ ڪلام ٻڌو:

    سائوڻ ڪئين اڪيلو آئين،

    ساجن کي به ته هت آڻ الا.

    مون سوچيو ته هي هيڏو وڏو فنڪار ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو هوندو، پر جڏهن ملاقات ٿئي ته سائين صادق طبيعت ۾ واقعي درويش هو. صادق فقير جو مذهب انسانيت هو ان ڪري ته هندو ۽ مسلمان ۾ متڀيد نه ڪندو هو. جڏهن ڀڄن ڳائيندو هو تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو ته ٺاهيو صادق جي ڳائڻ لاءِ. صادق فقير ڳائڻي سان گڏ سٺو ڪمپوزر هو. ڀٽائي جي وائي کان وٺي حافظ نظاماڻي جي للڪار تاائين ڳائيندو هو. جڏهن حافظ جو لکيل نظم ڳائيندو هو ته گهڻا مذهب پرست ڪنڌ نمائي ڇڏيندا هئا:

    ڪو آهه رحمان جي پاسي، ڪو آهه ڀڳوان جي پاسي،

    آئون سجدو ڏيان انهي ککي جيڪو انسان جي پاسي.

    بيشڪ سائين صادق فقير انهي فلسفي تي زندگي گذاري هئي. هن ڀٽائي جي ميلي کان وٺي هولي جي ڏڻ تي هڪ انداز ۾ ڳائيندو هو.

    صادق فقير جي المناڪ موت تي نه رڳو ٿر پر راڳ جي دنيا ۾ هڪ خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجڻ مشڪل آهي. مٺي جي ماڳ تي صادق فقير جو مڙهه پهتو تڏهن هندن جو هولي ڏڻ هو پر اانهن اها هولي ٿر جي ٻاٻيهي کي ارپي انسانيت جو ثبوت ڏنو. سائين جي وڇوڙي سال ٿي چڪو پر پوءِ به ٿر جي ٻيجل لاءِ هر اک آلي آهي. حسن درس جي هنن سٽن سان ارپنا ڏيندس:

    اوهان مرڪي ملي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏي،

    اسانن جي ڳالهه جي ڳل تان اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.
     
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

    ابراهيم لاشاري ( وارهه)

    سنڌ ي راڳ جي ٿر ٻاٻيهي صادق فقير جي ٽين ورسي جي سار

    پنهنجي ڌرتي سر سنگيت جي فن جي ڄاڻوئن سان ڀري پئي آهي هن ڌرتي صدين کان وٺي ڪيترن ئي مٺڙن آواز وارين شخصيتن کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جنهن پنهنجي فن ۽ ڏات سان ڏيهه توڙي پرڏيهه جي چاهيندڙن کان دادا حاصل ڪندا رهيا آهن اهڙن فنڪارن جي موتين جي مالها ۾ ٿر جي ٿڌي ۽ ٿراهين مٽي تي پير پائي هن سرسبز سنسار ۾ پنهنجو نالو اهڙو ته نروار ڪرايو جو چاهيندڙن جي دل تي اڄ هن جهان ۾ نه هوندي به راج پيو ڪري 26 فيبروي 2015 ع ٽي سال اڳ اهڙي ته اڀاڳي تاريخ سر سنگيت لاءِ ثابت ٿي جو سعودي عرب جهڙي ڀلاري ملڪ جي روڊ حاثي اسان کان سر سنگيت جو (ٿر ٻاٻيهو صادق فقير ) رب جي رضا سان جدا ٿي ويو هن من موهيندڙ آواز جي مالڪ صوفي راڳي صادق فقير جو جنم جمعي جي ڀلاري ڏينهن 20 مارچ 1964 ع ڌاري سڀاڳي صبح پرهه ڦٽي مهل فقير فيض محمد منـڱڻهار مٺي (ٿرپارڪر )سونارا پاڙي ۾ ٿيو ، پاڻ پڙهائي جي لائق بڻيو ته والدين صادق فقير کي ڏيپلو شهر جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن پنج درجا پاس ڪيا ۽ تنهن بعد 1981 ع مئٽرڪ جو امتحان مير واهه گورچاڻي مان پاس ڪيائين ڇو جو سندس والد صاحب تپيدار هو ۽ صادق فقير جا ناناڻن جو گهر مير واهه گورچاڻي شهر ۾ هوندو هو سال 1983 ع ۾ سندس والد صاحب هن فاني جهان منجهان لاڏاڻو ڪري ويو تي سڄي خاندان جو بار سندس ڪلهن تي اچي پيو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ به مشڪل ٿي پئي پوءِ آهستي آهستي محنت ڪري وڌيڪ تعليم لاءَ مٺي شهر جي ڊگري ڪاليج مان پرائيويٽ طور انٽر 1986ع جو امتحان پاس ڪري گريجوئيشن 1990ع ۽ بعد ۾ ساڳي ئي ڪاليج مان سنڌي ادب ۾ ( ايم _اي ) 1993 ع ڪيائين صادق فقير پهرين 1989 ع استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ هو ڊگري ڪاليج مٺي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو هو. صادق فقير شاگردي واري زماني کان وٺي سر ۽ سنگيت سان سلهاڙجي ويو هو اڪثر اسڪولن جي ٽيبلن ۾پيو ڳائيندو هوسر ۽ سنگيت سان گهري دلچسپي هوندي هئيس سندس ڳائڻ جي سکيا پنهنجي مامي استاد حسين بخش فقير کان ورتي فقير حسين بخش سر سنگيت جا سڀ دڳ سر ۽ گر سيکاري شاگرد جي ڳانو ٻڌو صادق فقير جڏهن به ڳائيندو هو ته ماڻهن جا ميڙ لڳي ويندا هئا .صادق فقير جي پهرين سڃاڻپ طور صادق حيدري پوءِ صادق سنڌي ۽ آخر ۾ صادق فقير جي نالي سان مشهوري ماڻي صادق فقير ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1986 _87 ع ڌاري ان وقت جي مشهور براڊڪاسٽر ۽ اسٽيش ڊائريڪٽر محترم عنايت بلوچ صاحب کي آڊيشن ڏي پهريون ڀيرو دنيا جي عظيم ۽ وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي ( مٿي پنڌ ڪرايو پيرن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان پنهنجي ڏيرن کي ) رڪاڊ ڪرائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هڪ ٻئي روايت آهي ته 1986 ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ٿر جي راڳين کي سليڪٽ ڪرڻ لاءَ آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ پروگرام رکيو ويو هو ان پروگرام ۾ سڀني ٿري فنڪارن کان صادق فقير گوءِ کڻي ويو ۽ پهريون نمبر تي آيو تنهن بعد سنڌ جي مشهور براڊڪاسٽر ريڊيو جي دنيا ۾ آواز جو جادوگر سڀني وصفين سهڻو ڪوئل جهڙي آواز جي مالڪ ڀلُوڙ اديب ۽ پروڊيوسر محترم نصير مرزا صاحب صادق فقير جو آواز ۾ پهريون لوڪ گيت ( پايل موري باجي رمجهم رمجهم) ۽ ٻيو لوڪ گيت ( رومال مارو رنگيو ) رڪارڊ ڪرائي ريڊيو پاڪستان ۾ پنهنجي آواز سان درد ڀري آواز سان آڊيشن پاس ڪري پنهنجي آواز جو جادو جڳايو . تنهن بعد سال 1988ع تي پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي (سينٽر) تي محترم شمشير الحيدري صاحب پڻ معتارف ڪرايو هن ان وقت ڪچهري پروگرام ۾ پنهنجو آواز رڪارڊ ڪرايو هو 26 جنوري 1992ع ۾ منڱڻهار برادري جي معزز شخصيت حاجي سبحان فقير جي ڌي سان اسلام ڪوٽ شهر ۾ شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو . تنهن بعد سال 1992 ع ڌاري سنڌ جي نالي واري اديب ۽ شاعر محترم اياز گل دل جو ڪلام ( تون کان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري )

    ايتري ته شهرت ۽ مشهوري ماڻي جو جهر جهنگ وستي واهڻ ننڍي خواه وڏي اميرتوڙي غريب شايد ڪو اهڙو ماڻهون هجي جيڪو اهيو ڪلام نه جهونگاريندو هجي ان زماني سندس قسمت جي ديوي چوٽ تي هئي . ۽ شهريت جي آسمان تي پنهنجو ۽ ڪلام جي شاعر جو نالو نروار ڪرايو پر سوز آواز جي مالڪ صادق فقير اسٽيج ۽ نجي محفلن کي خوب داد حاصل ڪيو موسيقي جي دنيا سان جيڪي ماڻهون چاهه رکن ٿا اهي سندس نالي کان زبردست خوب چگي طرح واقف آهن


    صوفي صادق فقير سر سنگيت سان اهڙو ته لڳاءَ هيس جو ڌنون به پاڻ ٺاهيندو هو .هن راڳ سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي موسيقي کي آواز جي سوريلي روپ ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڳائي پنهنجو۽ پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان ۽ سنڌ جو نالو مشهور ڪيو صادق فقير پنهنجي گائيڪي واري روپ کي نون شاعرن جي شاعري ڳائڻ کي ترجيح ڏني نون شاعرن منجهان محترم شيخ ايازـ محترم اياز گل ـ وفاناٿن شاهي محترم اسحاق سميجو صاحب ، امين لاکو ، حليم باغي ، استاد بخاري ، آڪاش انصاري ، وفا ناٿن شاهي ، تنوير عباسي جهڙن شاعرن جي ڪلام کي زبردست نموني ڳائي پرستارن کان داد حاصل ڪيو ٻين شاعرن سان گڏ صادق فقير ڌرتي جي وڏي مان وڏي صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کي پڻ خوب ڳايو .صادق فقير محتر شيخ اياز جي شاعري کي پنهنجي مڌر آواز سان ڳائي ايترو ته مشهور ٿيو جو محترم شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ذڪر ڪندي چيو ته “منهنجي شاعري کي جنهن فنڪار جي ڳولا هئي . اهو فنڪار صادق فقير آهي ؛. صادق فقير سنڌي زبان کان علاوه اردو، سرائڪي ، هندي ، پنجابي، ٿري ، مارواڙي ، راجستاني زبانن ۾ پڻ خوب ڳايو. هن سريلي فنڪار جي پرستارن ۾ نوجوان طبقي جي جهجي اڪٽريت هئي جڌهن به صادق فقير ڳائيندو هو ته نوجوان سندس مٺڙو آواز ٻڌي جهومي پوندا هئا هن پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان کانسواءِ پريهه جي ڪيترن ئي ملڪن انگلينڊ ، اسڪاٽلينڊ ، انڊيا، سعودي عرب، دبئي، ڪئناڊا ، سينگاپور، هانگ ڪانگ ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو هميشه لاجواب انداز سان ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو. صادق فقير پنهنجي مٺڙي امڙ سان گڏ سال 2006 ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ سعودي عرب پڻ ويو هو سنڌ ٿر جو هي عظيم فنڪار پنهنجي ڪٽنب سان 24 فيبروري 2015ع جنهن ۾ سندس وني شميم ٽئي پٽ رضاعلي راحت علي نزاڪت علي ۽ نياڻي عظمي سميت (24) ماڻهن جي جٿي سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀلي پار ( سعودي عرب ) ويل هو عمري جي سعادت پوري ڪري هو عرفات جي ميدان جي زيارت ڪري واپس اچي رهيا هئا ته سندس گاڏي جي ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب گاڏي هڪ وڏي حادثي جو شڪار ٿي چڪناچور ٿي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو دادلو مهان اربيلو فنڪار موقعي تي ئي سر سنگيت جا سڀ ساز ڇڏي 26 فيبروري 2015 ع خميس ڏينهن هجري 7جمادي اولاول 1436 هه 50سال 11 مهينا 6 ڏينهن زندگي جا گذاري هميشه لاءِ سنڌ واسين کان ڌار ٿي ويوسنڌ جي البيلي فنڪار جو مڙه هڪ هفتي گذرڻ بعد ڀلي پار سعودي عرب مان سندس پٽ نزاڪت علي جي ڪوششن کان پوءِ قومي ايئر لائين ( پي آءِ اي) جي اڏام جهاز732 وسيلي جناح انٽر نيشنل ٽرمينل ( ڪراچي ) پهتو بعد ۾ سندس مڙهه کي پنهنجي اباڻي علائقي مٺي 5مارچ2015ع خميس جي ڏينهن ايمبولينس وسيلي پهچايو ويو ۽ ان ئي ڏينهن مٺي جي اباڻي قبرستان ۾ کيس مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو فن سر سنگيت جي دنيا ۾ هن ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ حاصل ڪيا سنڌ جو هي البيلو راڳي هن دنيا ۾ هاڻ نه رهيو آ مگر هاڻ سندس آواز ڪيسٽن، سي ڊين ۽ يوٽيوب وغيره تي ڏسي ٻڌي سهگجي ٿو سندس جن ڪلامن مشهوري ماڻي انهن ۾ تو کان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لڙي لار ڪري، سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي ، دک جي نه پو ڄاڻي آ هر شخص ڪهاڻي آ ، اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا، سنڌ منهنجي امان وغيره سندس زندگي جا انمول ڪلام رهيا ٽي سال گذري وڃڻ باوجود سندس پرستار انهي چاهه سان هميشه ياد ڪندا رهن ٿا . سنڌ جي هن عظيم فنڪار صادق فقير جي زندگي ۽ سرسنگيت بابت نالي واري شاعر ۽ اديب محترم پروفيسر اسحاق سميجي صاحب هڪ ڪتاب (تو کان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لار ڪر) پڻ مرتب ڪري ڇپرايو آهي اڄ هن اربيلي راڳي جي مٺي شهر ۾ٽين ورسي ملهائي ويندي سر سنگيت جا ڄاڻو سندس زندگي ۽ موسيقي بابت لفظن ڀيٽا پيش ڪندا __________________________________________________________ ڏس پتو: محمد ابراهيم لاشاري. سي او لاشاري هائوس
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو