دوستن سان صلاح آهي ته جيڪڏهن هڪ سيڪشن رکيو وڃي جنهن ۾ هر مهيني جي آخر ۾ ان مهيني جا نوان ميمبرن کي شامل ڪيو وڃي ته جون مهيني جي آخري تاريخ تي مثلا جيڪي دوست رجسٽر ٿيا انهن جو ذڪر هجي ڇا خيال آهي هڪ مشورو پهريون به ڏنه هو تاريخ ٽائيم سان گڏ ڏيڻ جو
جواب: مهيني جا ميمبر سائين اوهان جي صلاح سائين عبدالرشيد جن تائين پهچائي وئي آهي وڌيڪ جيڪو سنگت جو رايو هوندو انشآء الله ائين ڪيو ويندو۔
جواب: مهيني جا ميمبر ادا توهان جي مقصد مون کي سمجهه ۾ نه آيو اهو ان ڪري جو مان فقير ماڻهو آهيان ٿورو توهان ان بابت تفصيل ڏئي سگهو ٿا سدائين گڏ
جواب: مهيني جا ميمبر ادا وسيم اوهان جي مهرباني جو اوهان منهنجي صلاح تي کي سوچڻ جهڙي قرار ڏنو سدائين گڏ
جواب: مهيني جا ميمبر جاني بابا جي غور سان پڙهان ها ته توهان کان ڇو پڇان ها هڪ فقير ٻيو مون جي عينڪ جو نمبر 4.9 هاڻي ڪاڏانهن غور ڪريان ٻيلي ڏاهو ٿئي :-b:-b:-b
جواب: مهيني جا ميمبر ادا طاهر سنڌي ڇا تون اهو چوڻ ٿو چاهين ته مهيني جي شروع کان وٺي آخر تائين سنڌ سلامت جا جيڪي به نوان ميمبر ٿين انهن جي نالن ۽ سندن سنڌ سلامت تي جوائيننگ واري تاريخ جي رپورٽ جو سيڪشن هُجي؟ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي آٽو ڪمانڊ الائي ٿي سگهندي يا نه پر جيڪڏهن توهان کي انهي سيڪشن جو انچارج ڪيو وڃي ته هر مهيني جيڪي به نوان ميمبر ٿين انهن جا نالا ۽ سندن سنڌ سلامت تي جوائينگ واري تاريخ واري رپورٽ توهان روزانو جي حساب سان مرتب ڪندا وڃون جڏهن مهيني پورو ٿيندو ته سڀني دوستن کي آساني سان خبر پوندي ته پوري مهيني ۾ ڪير اسان جو دوست ٿيو ۽ هُو ڪهڙي تاريخ تي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي آيو۔ پيارا طاهر اهو ڪم بظاهر ته آسان نظر پيو اچي پر ڪافي ذميواري وارو آهي، هونئن به جيئن ئي نئون دوست ايندو آهي سندس جوائيننگ واري تاريخ آٽو اچي ويندي آهي ، سنڌ سلامت جي انتظاميه کي انهي سلسلي ۾ غور ڪرڻ جي هدايت هن لکڻي ذريعي جاري ڪئي وڃي ٿي۔
جواب: مهيني جا ميمبر ادا مهيني جي ميمبر جي باري ۾ ته مان ايترو چئي سگهان ٿو ته اردو ويب سائيٽن تي ته اها ڳالهه عام آهي، جيڪي ميمبر اُتي مهيني ۾ وڌيڪ پوسٽنگ ڪن ٿا ۽ وڌيڪ آن لائن ٿين ٿا يا وڌيڪ توجهه سان ڪم ڪن ٿا ۽ ٻين دوستن کي ريفر ڪن ٿا ته انهن کي ميمبر آف دي منٿ جي لقب سان نوازجي ٿو۔۔
جواب: مهيني جا ميمبر سائين مست صاحب اوهان صحيح ٿا چئو ان سان دوستن جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ وڌيڪ محنت سان ڪم ڪندا۔