ڪنهن کان جواب وٺجي!

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    ڪنهن کان جواب وٺجي!

    شفيق شاڪر

    هو جو روز پيو ٿو تڙپي، هو جو رات ڀر ٿو سڏڪي،

    هو جو بک وچان ٿو وٽجي،جيڪوسيءکان ٿو ٿڙڪي.

    جيڪو سور ۾ ٿو سٽجي،جنهن جوساه سداٿوگھٽجي،

    جنهن تي تنگ ٿيل آڌرتي،جنهنجي نيست ٿي آهستي،

    آهي سوبه ڪوئي انسان،جنهنکي توآسمجھيو حيوان،

    هن جون به ڪئين اميدون، هن جا به ڪئين ته ارمان،

    هـــــــــــــــر آس جــــــــو جنازو ۽ حسرتــــــــــــن جــــو لاشو،

    ڪيــــئي مايـــــــــــوسين جا لشڪر هن کي لتاڙي ويٺا،

    محــــــروميـــــن جا شعلا هــــــــر آس ســــــــــــــــــاڙي ويٺا،

    خالـــــــق جـــــي ڀـــــونء هــــن تي هــــن جو به حق هوندو،

    مانـــــــيء رکــــــو ڪـــــو لـــــولـــــو هن جو به حق هوندو،

    ٻـــــڌ وقــــــت جا اي منــــصف ٿيندي ڪڏهـــــــــن عدالت،

    انســــاني ديـــــس ۾ ڏس انســــان جـــي هـــــــــــيء حالت،

    ننــــــڊ ۾ اڃـــــا ڇـــــو آهـــي انـــــصـــــاف جـــــــي ته ديوي،

    معـــــصــــوم ڪـــنهــــــن مٿـــان آ ڌرتـي ٿي تنگ پيئي،

    هـــــن جي الـــم جــو شاڪــــر ڪنهن کان حساب وٺجي.

    گـــونــگـــــن جــي راڄ انـــــدر ڪنهن کان جواب وٺجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو