گوگل ٽرانسليشن ۾ آيل سنڌي ٻوليءَ کي بهتر ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو؟

'گوگل جا راز' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    گوگل ۾ ٽرانسليشن وارو آپشن هوئين ته اپريل 2006 ۾ متعارف ٿيو هيو پر مئي 2011 ۾ گوگل ان کي وڌيڪ جاري نه رکڻ جو ان ڪري اعلان ڪيو هيو ته سندن وٽ وڌيڪ ايڪانامڪس وسيلا موجود نه آهن. پر رڳو هڪ ئي مهيني اندر شاگردن توڙي استادن، ويب ڊيولپرس توڙي بزنس مينز جي پريشر تي جون 2011 ۾ اعلان کي واپس ورتو ۽ هاڻ لڳ ڀڳ سڀئي انٽرنيٽ استعمال واقف آهن ۽ هر قوم جو ماڻهو اهو چاهي ٿو ته سندس ٻولي پڻ انهي ۾ شامل هُجي ۽ هو انهيءَ ذريعي سوين ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهي. ايئن ئي سنڌي ٻولي لاءِ به سڀني جي خواهش هُئي ۽ فيبروري 2016۾ اهو سپنو ساڀيان ٿيو. اهو ڪيئن ٿيو؟ ان کي بهتر ڪيئن ڪجي؟ ان جي اهميت ڇا آهي؟ انهن سوالن جا ترتيبوار جواب يا وضاحتون هيٺ ڏجن ٿيون. پراُن کان اڳ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته گوگل ۾ سنڌي جو اچڻ سان ئي بلڪل صحيح نتيجا ڏيڻ ضروري ناهي. اهو ايئن آهي جيئن ڪنهن مريض جو هڪ سال جو علاج ٿيڻو هُجي پر غربت يا ڪنهن سبب هاسپٽل ۾ داخلا نه ٿيندي هُجي. ڪنهن طريقي سان مريض هاسپٽل ۾ داخل ٿي ويو ته واهه واهه پر ظاهر آهي هو ٻي ڏينهن ئي هلڻ ڦرڻ شروع ڪندو اهو ته ممڪن ناهي نه. کيس علاج لاءِ جيڪو گهُربڪ وقت گهُرجي اُهو ته آهي ئي آهي. ايئن ئي سنڌي ٻولي شامل ته ٿي وئي پر ان جي صحيح ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.
    گوگل ۾ سنڌيءَ جو اچڻ:مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن (21 فيبروري) کان هفتو اڳ گوگل ٽرانسليشن ۾ ايشين لئنگويج جي آفيسر امر فياض کي اي ميل تي مُبارڪباد ڏني ته مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن کان اڳ اسان گوگل ٽرانسليشن ۾ لڳ ڀڳ 11 ٻوليون وڌائڻ وارا آهيون جنهن ۾ هڪ سنڌي به آهي. امر فياض جيڪو هن وقت سنڌ لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ ٻولي انجنيئر (Language Engineer) طور خدمتون ڏيئي رهيو آهي تنهن جو چوڻ آهي ته ”4-5 سال اڳ جڏهن سندن مختلف فورم جي ذريعي گوگل جي نمائندن سان رابطو ٿيندو هو ته کين چيم ته گوگل ۾ سنڌي ڪيئن ايندي ۽ ڪڏهن ايندي؟ انهن جواب ڏنو ته اوهان انتظار ڪريو. سنڌي ٻولي جي ڊيٽا بيس کي وڌڻ ڏيو ٻولي ضرور ايندي.“ ان کان پوءِ واقعي ڏٺو ويو ته گُذريل چار پنج سال ۾ سنڌين سوشل ميڊيا سميت بلاگنگ ۾ سنڌي لکڻ شروع ڪئي ته ڊيٽا بيس انهي قابل ٿي ويو جو گوگل وارن نوٽس ڪيو. ڪُجهه ويب سائٽس جيڪي مُڪمل ٽيڪسٽ ۾ هيُون انهن جي وڏي ڊيٽا بيس پڻ ڪافي ڪردار ادا ڪيو جنهن ۾ سنڌسلامت، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ لئنگويج اٿارٽي قابلِ ذڪر آهن. سنڌ سلامت جي ٽيم ميمبر سجاد چنا پاران سنڌين کي سنڌي بلاگنگ جي ڏنل انتهائي آسان ۽ تفصيلي سمجهاڻي سان به اهو ٿيو ته هزارين سنڌين پنهنجا بلاگ ٺاهي ٽيڪسٽ ۾ مواد رکڻ شروع ڪيو. اهڙا ٻيا به ڪم آهي جن سان سنڌي ٻولي جو ڊيٽا بيس تڪڙو وڌڻ لڳو.
    انهيءَ کان علاوه هڪ ٻيو اهم ڪم به هو جيڪو پڻ رضاڪارانه طور شروع ڪيو ويو. جيئن ته سنڌي لپي عربي ۽ فارسي سان ملي ٿي تنهن ڪري جڏهن به ڪنهن سنڌي ويب سائٽ کي کوليو ٿي ويو ته ڪجهه ناليوارن برائوزرس ۾ پاڻ ئي لکجي ٿي آيو ته هي ويب سائٽ فارسي ۾ آهي ڇا ان کي انگريزي ۾ ترجمو ڪجي؟ عام طور تي انهيءَ کي نظر انداز ڪيو پئي ويو پر ڪُجهه ساڃاهه وندن اها مُهم به هلائي ته نظر انداز بجاءِ ان جي آپشن بٽڻ ۾ وڃي Not in Farsi? Report this error کي چونڊيو ۽ گوگل وارن کي ٻڌايو ته ويب سائيٽ فارسي نه پر سنڌي ۾ آهي. ان تي به ڪافي وقت ڪم هليو ۽ بار بار گوگل تائين به اها ڄاڻ پُهتي ته فارسي ۽ عربيءَ سان ملندڙ لپي ۾ ڪا ٻي ٻولي به آهي جيڪا سنڌي آهي. اهي سڀ مُحرڪات هُئا جو گوگل وارن سنڌي ٻولي کي قبوليندي سنڌيءَ کي سندن ٽرانليشن ڪميونٽي ۾ شامل ڪيو. اهو هر ٻوليءَ جي داخلا جو پهريون ڏاڪو هوندو آهي. ان کان پوءِ لکين ننڍا جُملا يا اصطلاح ڏنا ويا ته اهي ترجمو ڪيا وڃن. ان لاءِ ڪُجهه به نه هو ڪرڻو بس پنهنجي اي ميل ذريعي گوگل ۾ لاگ ان ٿيwww.translate.google.com/community کولي ان ۾ هر ايندڙ جُملي کي پنهنجي سوچ موجب ترجمو ڪرڻو هو. سمجهه ۾ نه اچي ته skip تي ڪلڪ ڪري وري ٻيو جُملو حاصل ٿي پئي سگهيو.
    امر فياض جي چوڻ موجب گوگل وارن جو مطالبوهو ته گهٽ ۾ گهٽ 7 لک جُملا ترجمو ٿي وڃن ته ان کان پوءِ سنڌي ٻولي باقاعده لسٽ ۾ شامل ٿي سگهندي. امر فياض، شبير ڪنڀار، محمد سليمان وساڻ سميت ڪيترن ئي دوستن سوشل ميڊيا تي اها مُهم زور و شور سان هلائي ته اچو سڀ گڏجي هن ڪم ۾ هٿ ونڊايون ته اهو ڪم اڳتي وڌي. تازو سنڌي جي ڪمپيوٽر تي موجوده يونيڪوڊ واري سهولت جي باني سائين ماجد ڀُرڳڙي انهي حوالي سان فيس بُڪ تي هڪ نوجوان جاويد سولنگيءَ جي ساراهه ڪئي ته اُن جو ترجمي جي انهي ڪم ۾ سڀ کان وڏو ڪردار آهي. يقينن اهو ڪم ساراهه ڄوڳو آهي جنهن جي مڃتا ڪاوش مڊويڪ ۾ الهه بخش راٺوڙ جي ڪالم ۾ کيس ملي چُڪي.ترجمي جي ڪم جي توڙي جو رفتار ايڏي تيز نه هُئي ڇو ته ڪم مُڪمل طرح رضاڪارانه هو ۽ ڪم ڪرڻ وارا صفا ٿورا هُئاپر وري به شابس هُجي سنڌين کي جن ڪُجهه ئي مهينن ۾ چار لک کان مٿي جُملا ترجمو ڪري ورتا.اُن کان وڌيڪ شابس هُجي گوگل وارن کي جن پنهنجي ست لک واري شرط کي پاسي تي رکندي ايتري ترجمي تي ئي سنڌي ٻوليءَ کي گوگل ۾ ايڊ ڪري ورتو. ظاهر آهي ان ۾ غلطيون به هيون جيڪي رُڳو ان ڪري به نه هُيون ته انگريزي جُملي جو مفهوم صحيح نه سمجهي سگهڻ ڪري غلط ترجمو ڪيو ويو پر اهو اُن ڪري به ٿيو ته آيل جُملا مختصر هُئا جن کي جيئن جو تيئن ترجمو ڪيو ويو. مثال طور Train جو ترجمو ريل گاڏي بدران ڪنهن سِکيا لکي ڇڏيو. جيڪو پڻ غلط ناهي. ايئن ئي Late جو ترجمو دير بجاءِ مري ويل يا شهيد ٿي ويل طور ڪيو وي. جنهن سان مُڪمل جُملي (Today Train is Half Hour Late) جو ترجمو ”اڄ سکيا شهيد اڌ ڪلاڪ آهي“ جنهن تي سوشل ميڊيا تي ڪافي چرچو پڻ ٿيو.
    بهتري لاءِ طريقڪار : گوگل وارا وس ڪري اها ڪوشش ڪندا آهن ته جيڪي ٻوليون هو گوگل ٽرانسليشن ۾ شامل ڪن ٿا ان جا ماهر ساڻن رابطي ۾ به هُجن پر ترجمي جو گهڻي ڀاڱي ڪم وري به اُها ٻولي ڳالهائيندڙ پاڻ ڪن ٿا. هاڻ سوال اهو آهي ته غلطيون ڇو ٿيون ٿين؟ ان جي وڏي وجه اها آهي ته جيڪي جملا ڏنا وڃن ٿا ان کي ترجمو ڪندڙ ڪُجهه غلطيون ڪن ٿا. هڪ ته اها غلطي آهي جنهن ۾ هو ترجمو ڪن ئي غلط پر بظاهر صحيح نظر ايندڙ ترجمي ۾ به غلطي جي گنجائش رهي ٿي جيئن مٿي مثال ۾Train ۽ Late جي ڳالهه ڪئي وئي. پر صفا صحيح ترجمو ٿيل هُجي ته به غلطيون ٿينديون ڇو ته هي اڃان بلڪل شروعاتي مرحلو آهي. مختلف مرحلا اڃان اچڻا آهن. هن وقت ته ننڍا ننڍا اصطلاح ٿا هلن. پوءِ وڏا جُملا ۽ پورا پيسيجز ايندا جن کي ترجمو ڪبو. هن وقت جيڪو ڪم ڪرڻو آهي اُهو هي آهي. گوگل کولي پنهنجي جي ميل تي لاگ ان ٿي هي ويب سائٽ کولڻيآهي.www.translate.google.com/community. جيڪڏهن اوهان کي هي آرٽيڪل پڙهڻ کان فورن پوءِ اها ائڊريس وسري به وڃي ته گوگل ۾ google community لکڻ ئي ڪافي هوندو پاڻ ئي ملي ويندي. ان ۾ جڏهن سنڌي ٻولي چونڊيندؤ ته اوهان کي Translate ۽ Validate جا ٻه آپشڻ ملندا. اوهان جي مرضي آهي ته ويلڊيٽ ۾ وڃي اڳ ۾ ٿيل ترجمي جي صحيح غلط جي تصديق ڪريو يا وري ٽرانسليٽ ۾ وڃي ملندڙ جُملا ترجمو ڪريو. جيڪو سمجهه ۾ نه اچي اُن کي skip ڪندا وڃو. اهو ڪم ڪمپيوٽر توڙي موبائل ٻنهي تي ٿي سگهي ٿو. پر ياد رکو ته ترجمو ڪرڻ مهل ذهن ۾ رکو ته اهي ئي ننڍا اصطلاح ۽ جُملا ملائي ترجمو ڪيو ويندو. اوهان جيترو صحيح ترجمو ڪندا اوترو نتيجا بهتر ايندا. اهو ته ٿيو ٿيندڙ ڪم ۾ حصو وٺڻ ۽ اڃان تائين ويليڊيٽ نه ٿيل ڪم جي تصحيح جي طريقو.
    اڪثر دوست اهو پيا سمجهن ته هڪ دفعو اسان جُملو لکي جمع (submit) ڪري ڇڏيو ته پوءِ وري قسمت سان جڏهن ويليڊيٽ ۾ ظاهر ٿيو ته واهه واهه نه ته اهو پيو رهندو. پراوهان ترجمو ڪيل ۽ ويليڊيٽ ٿيل جُملا پڻ تبديل ڪري سگهو ٿا. ان جو طريقيڪار اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان گوگل ٽرانليشن استعمال ڪندي سنڌي کان انگريزي يا انگريزي کان سنڌي ترجمو ڪريو ٿا ۽ اوهان کي اهوغلط ٿو لڳي ته هيٺ Suggest an edit جو آپشن پڻ ايندو. جيڪو انتهائي اهم آهي. جيئن صحيح سمجهه ۾ اچي تيئن ڪجي پر ڪم روڪجي نه.اهو ڪم مُڪمل ٿيندو ته پوءِ accuracyطرف قدم کڻبو ۽ ٻيا مرحلا طئي ڪبا.
    جيڪڏهن اوهان هلندي ڦرندي موبائل تي ترجمو ڪريو ٿا ۽ اوهان کي اهو غلط ٿيل نظر ٿو اچي ته هيٺ classic لکيل نظر ايندو ان تي ڪلڪ ڪريو. ان کان پوءِ اوهان کي Suggest Edit جو آپشن نظر ايندو جنهن سان اوهان ٿيل ترجمي کي دُرست ڪري سگهو ٿا.
    فائدا:
    • دنيا جي 100 کان وڌيڪ مٿاهين زبانن کي پنهنجي ڳالهه تڪڙو ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ . ياد رهي ته گوگل رڳو 0.8 سيڪنڊن ڪنهن به لفظ يا جملي جو ترجمو ڪري وٺندي آهي.
    • گوگل ترجمي جو مفت هجڻ ڪري عام ماڻهن جي پهچ ۾ آهي. جنهن ڪري شاگرد توڙي استاد يا وري بزنيس مين گوگل جي ٽول ڪٽ کي استعمال ڪندي ڪنهن به ڊاڪومينٽ يا ويب سائيٽ کي دنيا جي ٽاپ ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهن ٿا.
    • گوگل ترجمي جي ايپليڪيشن کي استعمال ڪندي سفر جي دوران يا ڪنهن ملڪ ۾ گهمندي ان ملڪ جي زبان کي درست طريقي سان ترجمو ڪري ماڻهن سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. ڌاري زبان کي گوگل ترجمي جي آڊيو آپشن ذريعي درست اچاري پڻ سگهجي ٿو.
    • مجموعي طور گوگل ترجمي ۾ سنڌي شامل ٿيڻ کي مان هيومن ٽيڪنالاجي طرف وڌندڙ انتهائي اهم قدم پيو ڏسان. اهو ئي سبب آهي جڏهن موبائيل فون دور ختم ٿيندو ۽ گوگل گلاسز جهڙين ڊيوائسز جو دور عام ٿيندو جنهن ۾ ڊيوائس کي وائيس ڪمانڊ ذريعي ڪنٽرول ڪبو. مستقبل جي اهڙي دور ۾ پنهنجي ٻوليءَ ذريعي ڊيوائيس کي آپريٽ ڪرڻ ڪيڏو نه شاندار لڳندو.


    [​IMG]
     
  2. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    سائين ڪجه انگريزي جا لفظ اهڙا به آهن جن جي سنڌي ۾ معني ڪڍڻ اسان جهڙن اٻوجه ماڻهن لاءِ ڪافي مشڪل آهي. جيئن انگريزي ۾ ”worksheet يا cursor“ وغيره.
    اڄ هڪ ويبسائٽ ”www.mathsisfun.com“ تي گهُمندي گوگل ٽرانسليشن جي بٽڻ تي نظر پئي . اهو بٽڻ ويبسائٽ جي صفحي تي ئي ڏنل آهي. آزمائي ڏٺم. ڪافي لفظ اهڙا به هُئا جن جي لاءِ سنڌي جو ڪوبه لفظ استعمال ڪونه ٿيل هو، انگريزي ۾ ئي هئا . اها به خبر ئپي ته گوگل پاران ترجمي ٿيل ويب سائٽ جي هر لفظ کي درست ڪرڻ جي سهولت به ڏنل آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪجهه ٽيڪنيڪل لفظ آهن جن جي معنا جيئن جو تيئن ڏبي ... جيئن ورڪ شيٽ ئي لکو .... جيڪو لفظ سمجهه ۾ نه اچي ان کي اسڪپ ڪيو، ڇڏي ڏيو.
    ها اڃان گهڻو ترجمو ڪرڻو آهي، هي ڪم مڪمل ناهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۽ وقتائتو ليک لکيو اٿو. هن وقت اهڙي ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۽ بهتري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هن وقت تائين گوگل صرف پنهنجي ئي ڏنل Phrases کي ترجمو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. جن لفظن جو اڃان تائين ترجمو ناهي ٿيو ان جا سبب يا ته اهي آهي جو اهي لفظ گوگل جي ڏنل Phrases ۾ شامل ناهن يا وري اڃان ترجمي ڪرڻ کان رهن ٿا.. خير ڪم جاري آهي.. بهتر نتيجا اڳتي ملندا .. في الوقت ته پروسيس بيٽا ۾ آهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو