“الطاف ڀائي ” کان “الطاف صاحب” بنجڻ تائين!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    “الطاف ڀائي ” کان “الطاف صاحب” بنجڻ تائين!

    شفيق شاڪر

    “ ڇا صولت مرزا ڄائي ڄمندي قاتل هو؟ڇا صولت کي ڪي اي ايس سي جي ايم ڊي سان ڪا ذاتي دشمني هئي؟صولت کي قاتل ڪنهن بنايو؟پورو پاڪستان مهاجرن کي را جو ايجنٽ سمجھي ٿو پر ڪو به مهاجر ڄائي ڄمندي ته را جو ايجنٽ نه هو پوء ڪنهن انهن کي را جو ايجنٽ بنايو؟” ڊرامائي انداز ۾ اوچتو پاڪستان موٽندڙ ڪراچيء جو اڳوڻو ناظم جڏهن پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ان وقت سندس زبان تي انهن سوالن سان گڏ نيڻن ۾ ڳوڙها به هئا. هن جو چوڻ هو ته الطاف “صاحب” نشي جي حالت ۾ تقريرون ڪندو هو ۽ ڏينهون ڏينهن هن جي نشي واري حالت وڌندي ويئي،پارٽيء پاران ڪيترائي ڀيرا ڌيان ڇڪائڻ باوجود الطاف“صاحب” پارٽي ليڊرن جي هڪ به نه ٻڌي.هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته الطاف“صاحب” جا انڊيا جي جاسوسي اداري را سان لاڳاپا آهن ۽ هو گذريل ويهن سالن کان ڀارت کان فنڊ حاصل ڪندو رهيو آهي.هن چيو ته اسان ماضيء ۾ الطاف حسين کي خواريء کان بچائڻ لاء سڀ ڳالهيون لڪائيندا رهياسين پر هاڻي منهن جو پاڪستان موٽڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته هن جي ڪرتوتن کي قوم اڳيان وائکو ڪجي ۽ اسان هڪ نئين پارٽي ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.اهڙيء طرح هن پنهن جي پريس ڪانفرنس ۾ الطاف حسين جي غلط پاليسين ۽ فيصلن تي کلي ڪري تنقيد ڪئي ۽ اهو به الزام هنيو ته الطاف مهاجرن جي امن پسنديء واري پوري تاريخ ۽ تهذيب ئي بدلائي ڇڏي آهي.پنهن جي ملڪ ڇڏڻ واري قدم جو ذڪر ڪندي هن چيو ته مون کي خبر هئي ته منهن جي زندگي خطري ۾ آهي ۽ اسان کي پڪ هئي ته اسين ماريا وينداسين.

    گھڻو وقت اڳ جڏهن مصطفى ڪمال ملڪ ڇڏي ٻاهر روانو ٿي رهيو هو ان وقت ميڊيا ۾ اهي خبرون هليون هيون ته هن جا الطاف “ڀائي” سان شديد اختلاف آهن پر ان پوري عرصي دوران ٻنهي طرفن کان ان سلسلي ۾ ڪو واضح بيان سامهون نه آيو هو.هيئنر اوچتو مصطفى ڪمال جي سياسي منظرنامي تي ظاهر ٿيڻ ۽ الطاف جي خلاف سخت بيان جاري ڪرڻ واري معاملي کي مختلف معنائون پارايون پييون وڃن.ايم ڪيو ايم طرفان جيڪو موقف هن وقت تائين سامهون آيو آهي سو اهو ته اهي سگھارين ڌرين جو نالو کڻڻ بدران وفاقي وزيرداخلا چوڌري نثار کي ان ڊرامي جو هدايتڪار قرار ڏيئي رهيا آهن ۽ انهيء کي ايم ڪيو ايم ۽ الطاف “ڀائي” خلاف سوچيل سمجھيل سازش سان تشبيه ڏيئي رهيا آهن.اڳوڻو ڪراچي ناظم آگسٽ 2013ع ۾ جڏهن دبئي روانو ٿيو هو ته پويان ايم ڪيو ايم اهو بيان جاري ڪيو هو ته هو ڪنهن اختلاف سبب نه پر ذاتي مسئلن جي ڪري دبئي ويل آهي جڏهن ته بعد ۾ کيس سينيٽ جي سيٽ خالي ڪرڻ لاء چيو ويو.ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي حريف سياسي ڌرين جو چوڻ هو ته مصطفى ڪمال جي ڪراچيء جي ميئرشپ دوران ڪرايل ترقياتي ڪمن جي نتيجي ۾ الطاف حسين کان سندس شهرت ۽ مقبوليت برداشت نه ٿي رهي هئي جنهن ڪري کيس ڌمڪيون ڏيئي سائيڊلائين ڪيو ويو.موجوده نئين منظرنامي ۾ مصطفى ڪمال سان ايم ڪيو ايم سان ماضيء ۾ تعلق رکندڙ جيڪا شخصيت ان پريس ڪانفرنس ۾ موجود هئي سو هو انيس قائمخاني جنهن جي باري ۾ڪراچي بلديا فيڪٽري سانحه جي حوالي سان جي آئي ٽي رپورٽ مطابق نهايت ئي سنگين الزام سامهون آيا آهن،ان سانحي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 259 مزدور سڙي مري ويا هئا..مصطفى ڪمال جي باري ۾ عام تاثر اهو آهي ته هن ڪراچيء جي ميئر جي حيثيت ۾ سخت محنت ڪئي ۽ ڪراچيءء جي ترقيء لاء ريڪارڊ ڪم ڪيو.ان سلسلي ۾ فارين پاليسي ميگزين هن کي دنيا جي بهترين ميئرن مان شمار ڪيو هو.ميگزين مطابق مصطفى ڪمال ڪراچيء کي تبديل ڪرڻ لاء وڏي جذبي سان ڪم ڪيوهن ڪراچيء ۾ٻاهرين سيڙپڪاري آندي،سياحت کي ترقي وٺرائي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن کي مظبوط ڪيو.ايم ڪيو ايم جي علي رضا عابدي پنهنجي ٽوٽر پيغام ۾ مصطفى ڪمال جي پريس ڪانفرنس تي جيڪو فوري ردعمل ظاهر ڪيو آهي ان مطابق “اهو چوڌري نثار طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف آخري پتو کيڏيو ويو آهي جنهن جو مقصد انهيء سازش کي مضبوط ڪرڻ آهي جيڪا ڊاڪٽر عمران فاروق قتل جي صورت ۾ الطاف حسين خلاف ڪئي ويئي آهي.”

    ياد رهي ته گذريل سال ايف آئي اي طرفان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ ڪجھ ٻين پارٽي عهديدارن خلاف ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن تي ردعمل ڏيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقيء چيو هو ته اهو قدم ايم ڪيو ايم کي بلدياتي اليڪشن ۾ هارائڻ ۽ سياسي طور تي بليڪ ميل ڪرڻ لاء کنيو ويو آهي.

    بهر حال ماضيء ۾ الطاف طرفان سڏجندڙ “ همارا بچا” مصطفى ڪمال طرفان ڪراچيء ۾ پنهن جي ڊفينس واري رهائشگاه تي ٻن ڪلاڪن جي ڊگھي پريس ڪانفرنس ۾ جتي ڪيترن ئي عرصي کان ٽنگيل سوالن جا واضح جواب سامهون آيا آهن اتي انهن جوابن انيڪ نوان سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن.“ الطاف ڀائي” کان “ الطاف صاحب” تائين طيء ٿيل هن پراسرار لفظي سفر جي ڌوڙاڃا ايتري ته گهري آهي جو ايندڙ منظرنامي جي ڪا چٽي صورت اڃا نظر نٿي اچي.سندس پريس ڪانفرنس دوران نظر ايندڙ پاڪستاني پرچم جي پردي جي پويان ڪهڙو پلاء پچي رهيو آهي انهيء جو اندازو ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ ضرور ٿي ويندو.اچو ته انتظار ڪيون!
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    اندازا ته هر وقت لڳائي سگهجن ٿا۰ پوئين سخت آپريشن کان پوء به ايم ڪيو ايم ميئر جي سيٽ ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته ڪا اهڙي سگھاري ڌر آهي جيڪا مصطفا ڪمال کي پنھنجو ڪري وٺي آئي نه ته هن وقت تائين ڏٺو اهو ويو آ ته جن آفاق جو برو حشر ڪيو انھن ڪنھن به نڪتل کي سئين لڱين ڇڏيو ڪونھي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو