شيرين
سينيئر رڪن
21 صدي ۾ به عورتن جي آزادي سواليه نشان بڻيل ؟؟؟؟
جتي پوري دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ عورتن کي حق ڏنا ويا آهن اتي اڄ به پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪ ۾ پڻ عورت جي آزادي ۽ کيس حق ڏيڻ وارو سوال جو جيئن جو تيئن موجود آهي، عورت معاشري ترقي توڙي ان جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي پر اڄ اسان ڏسون ٿا ته ڪڏهن مذهب جي نالي تي عورتن تي ڪوڙا وسايا وڃن ٿا ته ڪڏهن جنوني سندن مٿان تيزاب هارين ٿا،جيتوڻيڪ ماضي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر عورتن جي حقن تي قانونسازي ٿي آهي پر ان تي عمل ڪرڻ کانسواءِ قانون ٺاهڻ جو ڪو به فائدو ناهي، بهترين سماج ئي ملڪ کي ترقي ڏانهن قدم وٺِي ويندوآهي پر جيڪڏهن سماج جهالت، صنفي اڻبرابري، مدي خارج ريتن ۽ رسمن جو شڪار هجي ته ان ملڪ جي ترقي سوال جي شڪل ۾ هوندي آهي. ملڪ جي ترقي لاء صرف مرد ناهن هوندا پر ان سان گڏوگڏ عورتون به ملڪ جي ترقي ۾ برابر جون حصيدار هونديون آهن. اڄ جو انسان جديد سائنسي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ زندگي گهاري ٿو، انسان خلا ۾ اڏام ڪري رهيو آهي، چنڊ تي رهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، ناممڪن کي ممڪن بڻائي ٿو ۽ ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏئي ٿو جن کي ڏسي ماڻهو حيرت زده ٿي وڃن ٿا پر ڳالهه هي آهي ته جيستائين قوم جي هر فرد سان برابري جو سلوڪ نٿو ڪيو وڃي تيستائين قوم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، فرد مان مراد رڳو مرد نه پر عورت به آهي جنهن جي هجڻ سان اڄ هن سڄي ڪائنات جو دارومدار هلي ٿو، جنهن جي وجود سان هر انسان کي ماءُ جو پيار ۽ ممتا ملي ٿي ۽ زندگي جو مضبوط سهارو ملي ٿو جنهن جي دعا سان زندگي هڪ نئي رخ کي جنم ڏئي ٿي جيڪا اولاد جي هر خوشي لاء پنهنجون خوشيون قربان ڪري ٿي، راتن جا اوجاڳا ڪري ٻار جي پالنا ڪري ٿي ۽ 24 ڪلاڪ ان ٻار جي نگراني ڪري ٿي پر افسوس اڄ جي دور ۾ ان عورت کي هر هنڌ ذلالت جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو ۽ کيس معاشري ۾ برابري جي حق کان محروم رکيو وڃي ٿو هر لحاظ کان گهٽ سمجهو وڃي ٿو، خاص ڪري بنيادي حقن کان به محروم ڪيو وڃي ٿو، عوررت کي عزت ۽ مرتبو ڏيڻ جي بدران ان کي گهٽ کان گهٽ سمجهيو وڃي ٿو، ڪنهن به قسم جي فيصلي ۾ شريڪ ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي، سندن خواهشن ۽ خوابن کي جيئري دفن ڪيو وڃي ٿو. انهن جون صلاحيتون ٻاهر اچڻ کان پهرين ختم ڪيون وڃن ٿيون، عورتن سان ناانصافيون ڪيون وڃن ٿيون، انهن جي حقن کي پائمال ڪيو وڃي ٿو انهن سان برو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، انهن جي ڪنهن به قسم جي فيصلي تي توجه نٿي ڏني وڃي، توجهه ته ڇا سندس خواهش ٻڌي به نٿي وڃي، انهن جي قابليت کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ڳالهه عورت جي پڙهڻ جي اچي ٿي ته اهو ٻڌڻ ايندو آهي ته زمانو خراب آهي اسان پنهنجون ڇوڪريون ٻاهر نه ڇڏينداسين پر اصل ۾ معاشري کي خراب ڪرڻ وارا ڪي ٻاهريان نه آيا آهن معاشري کي خراب ڪرڻ وارا به اهي پاڻ آهن ۽ گند ڦهلائڻ وارا به اهي پاڻ آهن جيڪي عورتن تي حقن جا مخالف آهن ۽ وري ان معاشري تي الزام هڻڻ وارا به اهي پاڻ هوندا آهن. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جا سماجي رويا ڪهڙا آهن، اسان ڪيترا نه عقل جي اڪابر آهيون، جتي اڻ پڙهيل ۽ بي عقل ماڻهن جي اڪثريت هجي اتي عورت کي پير جي جتي جي برابر سمجهيو ويندو آهي، اتي عورت سان قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، چار ديواري جي اندر رکيو وڃي ٿو، جتي انهن تي جسماني توڙي ذهني تشدد ڪيو وڃي ٿو، جتي انهن جي زندگين جا فيصلا اهي پاڻ نه پر انهن جا مرد ڪن ٿا، اتي انهن جو وجود نه هئڻ جي برابر هجي ٿو ، ان سماج معصوم نياڻين جو مستقبل هڪ سواليا نشان بڻجي وڃي ٿو ۽ ان نياڻين جي مستقبل جي اڳيان ڪاري اونداهه نظر اچي ٿي. عورتن جي زندگين سان ٻارن جي رانديڪن وانگر کيڏيو وڃي ٿو، پدرشاهي سماج ۾ عورتن جي زندگن جا ڏيئا انهن جي هٿ ۾ آهن جيڪي هڪ ڦوڪ سان وسائيندا رهن ٿا ۽ انهن کي پنهنجي غلطي جو احساس ذري برابر به نٿو ٿئي ۽ اهي قانون جي گرفت ۾ به نٿا اچن. هڪ طرف ننڍڙي عمر جي نياڻين جي شادي60 سالن جي پوڙهن سان صرف پئسن جي لالچ ۾ ڪرائي وڃي ٿي ته ڪڏهن پيدا ٿيندي ئي چند ڏڪڙن لاءِ ننڍڙين ٻارڙين کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. انهن کي ضرورتن جون شيون فراهم نه ڪرڻ تي مجبورن انهن کان غلط قدم کڻايو وڃي ٿو ۽ وري قصوروار به ان کي ڪيو وڃي ٿو، ضرورت پوري نه ٿيڻ تي ته ٻوٽا به مرجهائجي ويندا آهن پوءِ انسان ته انسان آهي، امير طبقي ۾ وري جائيداد مان حصو نه ڏيڻ جي ڪري عورتن جو حق بخشايو وڃي ٿو، ملڪ اندر عورتن جي مٿان تيزاب هاريو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري بي ڏوهه نياڻين کي ڪارو ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو پر افسوس اهڙي قسمن جا هزارين ڪيس جيڪي اڄ تائين صرف ڪتابن اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجندا رهن ٿا ۽ قانون اهڙن ڏوهارين خلاف ڪا سخت ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي، اڄوڪي دنيا ۾ سوچون ۽ رويا تبديل ٿي چڪا آهن عورتون مختلف ادارن ۾ ڪم ڪن ٿيون سياست، سائنس ۽ شوبز جي ميدان ۾ اڄ جي عورت جو وڏو نالو آهي. سياست جي ميدان ۾ ايشيا جي پهرين وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو هئي، جيڪا هر عورت لاءِ عظيم مثال آهي، هيلن ڪيلر جيڪا نابين هئي، نابين هئڻ باوجود هن تعليم حاصل ڪئي۽ ماڻهن جي خدمت ڪئي، سندس خدمتن جي ڪري هيلن ڪيلر اڄ اسڪول جي ڪتابن جي زينت بڻيل آهي، ملالا يوسف زئي جنهن 2014 ۾ امن جو نوبل انعام کٽيو هو. جنهن دهشتگردن کي للڪاريندي اسڪول وڃڻ کان نه ڪيٻايو، مارگريٽ ٿيچر جيڪا برطانيه جي پهرين وزيراعظم عورت چونڊي وئي، مڌر ٽريسا جنهن کي بيواهن عورتن جي خدمت ڪرڻ تي نوبل انعام مليو. فاطمه جناح جيڪا پنهنجي ڀاءُ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلندي هئي ۽ اهڙا سوين مثال موجود آهن جن ۾ عورتن عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. اسلام ۾ عورت کي بلند درجو ڏنو ويو آهي، ماءُ جي قدمن هيٺيان جنت رکي وئي آهي، پروردگار جنهن اسان جي پياري نبي صلي الله عليه واله وسلم جن تي پاڪ ڪتاب نازل ڪيو، جنهن ۾ واضح لفظن ۾ بيان ٿيل آهي ته بيشڪ عورتون مردن کان ۽ مرد عورتن کان مختلف آهن پر الله انهن ٻنهي کي هڪ جيترو درجو عطا فرمايو آهي. اسان جو پيارو نبي حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم پنهنجي ڌيءَ حضرت فاطمه رضي الله تعلي عنه جن سان تمام محبت ڪندا هئا جڏهن به بيبي فاطمه پاڻ سڳورن سان مخاطب ٿيڻ ايندي هئي ته پاڻ ڪريم ان جي عزت ڪندي ان سان اٿي ملندا هئا ۽ ملاقات وقت ان کي پيشاني تي چمندا هئا. ان ڪري حضور صّلي الله عليه وآلهه وسلم جن پاڻ به عورتن لاءِ فرمايو آهي ته پنهنجي عورتن کي تعليم يافته ڪيو. تعليم يافته عورت هڪ بهترين ماءَ ثابت ٿيندي ۽ بهترين ماءِ ئي هڪ معاشري کي تبديل ڪري سگهي ٿي. هڪ مرد پڙهيو ته هڪ فرد پڙهيو پر جيڪڏهن هڪ عورت جي پڙهڻ سان ان جو پورو خاندان سڌري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هر قوم جي ترقي جو راز تعليم آهي، معاشري جي هر مرد کي گهرجي ته هو پنهنجي نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان نه روڪين انهن جي ضرورتون پوريون ڪن ۽ انهن سان برابري جو سلوڪ ڪن، انهن کي پنهنجي زندگي جا اهم فيصلا پاڻ ڪرڻ جي اجازت ڏين انهن کي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارين. انهن کي خودمختيار هجڻ جو احساس هجي. انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏين. عورتن کي گهرجي ته هو پنهنجي حقن بابت ڄاڻ حاصل ڪن ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي طور ميدان ۾ اچن، جتي اڄ پوري دنيا ۾ عورت کي حق ڏيڻ سان گڏ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي اتي اڄ به اسان وٽ عورت کي دٻايو وڃي ٿو، سندس حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي، رياست ۽ حڪومت کي به گهرجي ته اهي عورتن سان ٿيندڙ ڏوهن بابت سخت قانونسازي ڪن ۽ ملوث ڏوهارين کي سزا ڏين ته جيئن عورت معاشري ۾ سک جو ساهه کڻي سگهي