اڃآ مس مارش ميلو 3 سيڪڙو ڊوائيسن تي استعمال ٿيو آهي ته وري مٿان گوگل ائنڊروئيد جو نئون ورزن N جو پريوو جاري ڪري ڇڏيو آهي. انڊروئيد اين 7.0 جو نالو اڃا فائنل ناهي ڪيو ويو پر گوگل جلد ئي نالي کي حتمي شڪل ڏئي هن سال جي آڪٽوبر يا نومبر ۾ ئي متعارف ڪرائيندي ائنڊروئيد N ۾ Doze فيچر کي مارش ميلو جي ڀيت ۾ وڌيڪ سڌارو آندو ويو آهي,doze جي ذريعي فون جي بئٽري جو تڪڙ ۾ ٽائمنگ جو ڪِرڻ کي بچاء ڪندو آهي. ان کان علاوه هن ۾ هڪ اهم فيچر multi tasking شامل ڪيو آهي،مثال توهان جيڪڏهن چاهيو ٿا ته واٽس ائپ ۽ برائوزنگ گڏ استعمال ڪريون ته هي فيچر تمام بهترين آهي.هن نئين ورزن ۾ نوٽيفڪيشن سسٽم کي بهتر بڻايو ويو آهي.ڊيٽا کي گهٽ استعمال ڪرڻ جو به سسٽم شامل آهي.ٻيا به گهڻا ئي فيچر شامل ڪيا ويا آهن. ائنڊروئيد اين جو پريوو ورزن صرف نيڪس ڊيوائيسن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. منهنجي اندازي مطابق هي ورزن ٻين ورزن جي ڀيت ۾ بهتر هوندو.
شيءِ ته سٺي ٿي لڳي... ڇا اسان موجوده ڊيوائس تي ڪو نئون يا پراڻو ورجن انسٽال ڪري ٿا سگهون؟ مون وٽ ”لولي پوپ“ ورجن آهي ”ڪيو موبائل “ ۾ ، انهي تي مارشميلو انسٽال ڪرڻ ٿو چاهيان. ڇا ائين ٿي سگهي ٿو؟
مون ته مارشميلو جو 6.0 ورزن انسٽال ڪيو آهي ، مونوٽ سامسنگ گيليڪسي گرانڊ نِيئو پلس آهي باقي ڪيو موبائل جي بلڪل ڄاڻ ڪونهي
توهان وٽ ڪهڙو ڪيو موبائيل ماڊل آهي.؟؟ هونئن ته جنهن موبائيل ۾ ڪمپني طرفان OTA سسٽم شامل هوندو انهن ۾ ئي نوان نوان ورزن انسٽال ٿي سگهن ٿا ٻيو ته موبائيل لاءِ ڪسٽم روم موجود هوندا ته اهي انسٽال ڪرڻا پوندا
مون وٽ "QMobile i6i" ماڊل آهي. مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته موبائل کي روٽ ڪريان، پر بدقسمتي سان ڪا به روٽ جي ايپ ڪم نه پئي ڪري سگهي. ليپ ٽاپ تان روٽ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪيم پر ڪجھ ڪونه ٿي سگهيو. ڇا توهان جي ذهن ۾ ڪو سبب سُجهي ٿو جنهن جي ڪري موبائل روٽ نه ٿي سگهندي هُجي. هن لنڪ ۽ هن لنڪ تي مون اهو مسئلو پيش ڪيو پر ڪو خاطرخواه جواب نه مليو، مسئلو ائين جو ائين آهي.
گوگل جي.نئين ائنڊروئيد ورزن جو نالو نوگٽ Nought هوندو.گوگل اعلان ڪري ڇڏيو جيئن ته گوگل پهريان ورزنن الفا .بيٽا کي ڇڏي ڪري باقي ٻين ورزنن تي مٺائين جا نالا رکندو آهو آهي،جيڪي هيٺ ڏنل آهن ائنڊروئيد ڪپ ڪيڪ 1.5 ائنڊروئيد ڊونٽ 1.6 ائنڊروئيد اڪليئر 2.0 ائنڊروئيد فرايو 2.2 ائنڊروئيد جنجر بريڊ 2.3 ائنڊروئيد آئيس ڪريم سينڊوچ 4.0 ائنڊروئيد جيلي بين.4.2 ائنڊروئيد ڪٽ ڪيٽ 4.4 ائنڊروئيد لولي پاپ.5.0 ائنڊروئيد مارشميلو 6.0 هاڻي وري ائنڊروئيد نوگٽ 7.0 اچڻ وارو آهي