منڇر ڍنڍ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    886
    ورتل پسنديدگيون:
    1,977
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    [​IMG]
    منڇر ڍنڍ
    چيو وڃي ٿو ته منڇر، جنهن کي پاڻي جي ڍنڍ هئڻ سان گڏوگڏ کير جي نهر سمجهيو ويندو هو، جيڪا نباتات ۽ حياتيات لاء زندگي جي علامت هئئ، هاڻي زهريلي پاڻي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. هڪ اهو دور هوندو هو جڏهن منڇر ۽ اتان جي اِرد گرد رهندڙ ڳوٺن جي آبادي کي اها ڍنڍ زندگي بخشندي هئي، پرافسوس هاڻي اها ئي ڍنڍ انهن ماڻهن کي زندگي کان دور ڪندي پيئي وڃي. هڪڙو وقت اهو به هوندو هو جڏهن منڇر ۾ زندگي ٻيڙ يون تي هونديون هيون ۽ ماڻهو ان تي کائيندا هئا، انهن سان ڪمائيندا هئا ۽ گهمندا ڦرندا هئا. ٻيڙين تي پاڻي هوندو، ته خوشحال زندگي هوندي هئئ. هاڻي نه ٻيڙ يون آهن ۽ نه خوشحال زندگي. جيڪا ڀڄي پيون آهن، انهن جي حالتون استعمال جي قابل نه آهن.

    منڇر جيڪا ڏکڻ ايشيا جي مٺي پاڻي جي ڍنڍن مان هڪ ليکي وڃي ٿي، اها سنڌ صوبي جي ضلع دادو ۽ ڄامشوري ۾ واقع آهي، منڇر جي تخليق سن 1930ع ۾ ٿي جڏهن سکر بئراج جي تعمير درياءَ سنڌ تي ٿي. منڇر جي پکيڙ 233 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي جيڪا ٻوڏ جي صورتحال ۾ وڌي 400 کان 450 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي پکڙجي ويندي آهي.

    سن 1990ع کان اڳ سنڌ جي اها خوبصورت ڍنڍ ضلع دادو ڄامشورو ۽ سيوهڻ جي ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو پڻ هئي. تقريبا 45000 کان 50000 جي لڳ ڀڳ آبادي جو دارو مدار هن ڍنڍ سان ئي وابسطه هوندو هو، ڪيترائي ملاح مڇي پڪڙڻ، ٻيڙيون هلائڻ ۽ بحيثيت مزدور جي ڪم ڪندا هئا سن 1944ع واري ڏهاڪي جي اندر منڇر ۾ 60 کان وڌيڪ قسمن جي ناياب نسلن جي مڇي کي پايو ويندو هو. مڇيون وڏيون وڏيون هونديون هيون صحت به سٺي هوندي هئي. جنهن ۾ ڏاهي، ڪرڙي، موراکو، ڄرڪو، پاپليٽ، کڳو، پوپري، مُرو، پلڙي ۽ ٻيون شامل آهن ۽ ان وقت هزارين مڻ مڇي ماري ويندي هئي. سنڌ جي هن خوبصورت ڍنڍ ۾ نه رڳو مڇي هوندي هئي پر گرمين سردين جي موسم ۾ ناياب نسل جا ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي، بنبرڳي ڊگوش، لنگهو، آري، پٻڻ، هنج، تلور، چيڪلو، چيهو ۽ ٻيا کوڙ سارا پکي اڏام ڪري اچي هن خوبصورت ڍنڍ جي سونهن کي چارچنڊ لڳائيندا هئا. منڇر جي مٺي پاڻي هئڻ ڪري ڍنڍ جي اندر ڪيترن ئي قسمن جا قدرتي گاهه ناڙو، ڪنڊيرو، سينهر، ڍانڍڻ، لوڙهه ۽ ٻيا ڪافي گاهه ٿيندا هئا ۽ ماڻهو انهي گاهه کي ڪٽي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري پنهنجي مشڪل زندگي جو گذارو ڪندا هئا، ان کان علاوه هن ڍنڍ جي اندر قدرتي طور تي ڪرڙ، ٻٻر، بهڻ، ٽالهي، نم ۽ سرنهن جا نهايت ئي خوبصورت وڻ هن ڍنڍ جي سونهن ۾ واڌارو ڪندا هئا منڇر جا ماڻهو ماهيگري کانسواءِ هزارين،ايڪڙ زمين تي وونئڻ ، تر، تماڪ ۽ چانهه جا فصل لڳائيندا هئا. هڪڙي مائئ چئيس ته ”منڇر ۾ مڇي ختم ٿي وئي آهي اسان وٽ مڇي سنهي آهي پاڻي پوئتي ڪڍن ٿا،اهو به لاهر تي وڃي پيو اهو به سنهو پيٽ پاليندا آهيون، اهو به نه بچيو آهي تون نياڻي آهين ته پکي سکي کائي وڃي اسان غريبن جو ڪهڙو سهارو.“

    پر بدقسمتي سان اهو چوڻو پئجي رهيو آهي ته حڪمرانن مختلف منصوبا جوڙي فيڪٽرين مان ايندڙ گندو ۽ بني ٻار جو زهريلو پاڻي ايم.اين.وي ”مين نارا ويلي“جي سيم نالي ذريعي سڌو منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 60 کان وڌيڪ قسمن جي مڇي 30 قسمن جا گاهه، سَوين قسمن جا پرديسي پکي، وڻ، زراعت ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ ماکي جهڙو مٺو پاڻي زهر ٿي ويو. هن واھ جو پاڻي سڄي عمر ايندو هو، هو پوءِ مٿان کاٽي کوٽيون سم گٽر جا پاڻي اهي هيڏي نيڪال پوءِ اهو پاڻي هن سان گڏجي پيو.

    سن 1944 ۾ آر.بي.او.ڊي منصوبو جوڙيو ويو جيڪو ڪرپشن جي سبب ڪيترائي سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ منڇر ۾ لڳاتار زهريلي پاڻي جي آمد بند نه ٿيڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر بڻجڻ ڪري بڻجر بڻجي چڪي آهي، هزارين هاري بيروزگار ٿي لڏ پلاڻ ڪري چڪا آهن ۽ هزارين مهاڻا پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي دربدر جون ٺوڪرن کائڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. افسوس سنڌ جي هن خوبصورت ڍنڍ کي ڄڻ ڪنهن جي نظر لڳي ويئي هجي غربت جي هن دور ۾ مهنگائي جو ڪاريهر هرروز هزارين ماڻهن کي ڪکيندو ٿو وڃي، هڪ اُهي منڇر جا مفلس ماڻهو جيڪي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم ٿي ڪري اُهو گندو، صحت لاءِ هاڃيڪار زهريلو پاڻي استعمال ڪري خطرناڪ بيمارين، چمڙي جي بيمارين ۾ جڪڙيل آهن. هي سم واھ جيڪا گٽرن جو پاڻي اسان کي جهڙو جانورڪري ڇڏيو آهي. گٽرن جو پاڻي ٻچا هاڻي هينئر اسين گدڙي ڪونه ٿا ڪري سگهون.

    اسڪارپ ۽ واپڊا کاتي پاران لڳايل مٺي پاڻي جا آرو پلانٽ پڻ منڇر جي ڳوٺاڻن کي ڪو فائدو نه ڏيئي سگهيا آهن منڇر سميت ٻين ڳوٺن جا ماڻهو دادو ۽ سيوهڻ مان پيئڻ عيوض پاڻي گهرائڻ تي مجبور آهن.

    سال 2010 ۽ 2011 جي آيل برساتن جي ڪري منڇر ۾ پاڻي جي سطح وڌي 16 کان 18 فٽ ٿي ويئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر مهاڻن جي چهري تي خوشي جي لهر ڇانهجي وئي. ۽ ٻيو ته مڇي جو ٻج سٺو آيو، پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ آر.بي.اوڊي جو گندو پاڻي منڇر ۾ پوندو رهيو
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    موضوع پڙهي هڪ ٿڌي آ ھ اندر مان اڀري نڪتي. خدا ظالمن کي تباھ ڪري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو