”ڇهين لاڙڪاڻو تاريخ ڪانفرنس“، مڃتا ايوارڊ ۽ ٻن ڪتابن جو مهورت ... رپورٽ: رياضت ٻرڙو

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2016۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخ جي حوالي سان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ”ڇهين لاڙڪاڻو تاريخ ڪانفرنس“ گورنمينٽ گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول ۾، 13 مارچ 2016ع تي، منعقد ڪئي وئي جنهن جي صدارت چيئرمن هسٽاريڪل سوسائٽي محمد يوسف شيخ ڪئي، خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ سرپرست هسٽاريڪل سوسائٽي جاويد علي جاگيراڻي هو ۽ اعزازي مهمانَ اشتياق انصاري، ستار ڀَٽي، انجنيئر اياز حسين ابڙو، ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن احمد سلطان کوسو ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد هئا. ان موقعي تي هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ڇپرايل ٻن نون ڪتابن ”لاڙڪاڻو: علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ۽ ”لاڙڪانه: تاريخ و تهذيب“ (اردو) جي مهورتي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي. جڏهن ته ”جيون مڃتا ايوارڊ“ عبدالغفار تبسم (شاعري)، صلاح الدين تنيو (اداڪاري)، اشتياق انصاري (تحقيق)، محمد ايوب گاد (فائن آرٽ)، عابده پروين (گائڪي)، عبدالماجد ڀرڳڙي (سنڌي ڪمپيوٽنگ) ۽ مولا بخش ڪلهوڙو (صحافت) کي ۽ مقالي نگارن ڊاڪٽر آمنه سومرو، ستار ڀَٽي، پروفيسر غلام حسين ڪٽپر، اياز حسين ابڙو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، اشتياق انصاري، امام راشدي ۽ رياضت ٻرڙي کي شيلڊون پيش ڪيون ويون. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جاويد علي جاگيراڻي کي پڻ شيلڊ پيش ڪئي وئي.

    صدارتي خطاب ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي چيئرمين محمد يوسف شيخ چيو ته هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي بانين مان ٽي باني ميمبر ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ مهتاب اڪبر راشدي هن وقت حال حيات آهن. اسان سڀني باني ميمبرن جي حياتين بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڇپرائينداسين. تاريخ ڏاهپ جو مڪتب آهي جيڪا ڏاهپ جو ذريعو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ريشم گليءَ جو بنياد مينگهي جي ڪوٺيءَ رکيو. تاريخ مان زندگيءَ، تهذيب جي ارتقا جي باري ۾ بنياد معلوم ڪبا آهن، پر مورخ کي سچو ٿيڻو پوندو. محقق جو ڪم ئي تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي. اسان کي هنن ڪانفرنسن مان هٿين خالي نه وڃڻ گھرجي، پر معلومات ۾ اضافي سان وڃڻ گھرجي ۽ اسان کي ننڍا ننڍا واقعا به لکڻ گھرجن.

    ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ سرپرست هسٽاريڪل سوسائٽي جاويد علي جاگيراڻيءَ خاص مهمان طور تاريخ ڪانفرنس جي انعقاد جون مبارڪون پيش ڪيون ۽ خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي ڪانفرنس ذريعي لاڙڪاڻي جي تاريخ کي ڄاڻڻ جو مقصد بيحد اعلى آهي. مون کي فخر آهي ته هسٽاريڪل سوسائٽي جو مان اڳ ۾ به عام ميمبر رهيو آهيان. لاڙڪاڻي جي تاريخ کي مختلف فورمن تي پيش ڪندي اسان کي فخر ٿيندو آهي جنهن جي ثقافت رچيل آهي. اسان جو فرض آهي ته پنهنجي تاريخ جي حفاظت ڪريون ۽ پنهنجن تاريخي آثارن کي بچايون. لاڙڪاڻو جون ادبي سرگرميون ۽ ٻيا سماجي پروگرام اهڙا آهن جيڪي ياد رکيا ويندا آهن. هتي سماجي زندگي محسوس ٿيندي آهي. جاگرافي ۽ ڊيموگرافيءَ جو تاريخ تي تمام گھڻو اثر ٿيندو آهي ۽ ڪردار هوندو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي اهميت سنڌو درياءَ سبب به آهي جيڪو هن جي ڀر وٽان گذري ٿو. هن هسٽاريڪل سوسائٽيءَ کي آفيس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ لاڙڪاڻو ڪرانيڪل جاري ڪرڻ ۽ گزيٽيئر ڇپائڻ جو پڻ اعلان ڪيو. اسان کي مثبت سماجي تبديليءَ کي آڻڻو آهي. ثقافتي، ادبي ۽ تاريخي سرگرمين ۾ قرباني ڏيڻي پوندي آهي. ڪنهن به معاشري جو ريفرنس گروپ نوجوانن جو هوندو آهي جن کي اسان کي صحيح رخ ۾ اڳتي وڌائڻو پوندو ۽ هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

    نامور محقق ۽ اديب اشتياق انصاريءَ ”دريا خان ابڙي جي مقبري جي بحاليءَ جي رٿا“ جي حوالي سان مقالو پيش ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي تاريخ جو الميو آهي ته اها ڌارين جي لکيل ۽ روايتن تي ٻڌل ۽ چند ڪتابن تي مشتمل آهي. اهي ڪتاب مقدس سمجھيا وڃن ٿا جن تي ڳالهائڻ گناهه سمجھيو وڃي ٿو. پر آسڪر وائلڊ موجب تاريخ کي بار بار لکڻو آهي. تاريخ رڳو بادشاهن جي ناهي هوندي. تاريخ لاءِ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو ٻڌائڻ ضروري آهي. اسان وٽ اهڙيون تاريخون لکيون نه ويون آهن. اسان جي سنڌ کي جنم وٺئي ساڍا تيرهن ڪروڙ سال گذريا آهن پر اسان وٽ اها تاريخ ڪانهي. اسان تاريخ جي ڏهن حصن مان نوَ حصا پٿر جي دور ۾ گذاريا آهن. سنڌ جو ماڻهو کيرٿر ۾ رهيو آهي. موهين جو دڙو بعد جون ڳالهيون آهن. سنڌو دريا ئي سنڌ ماٿريءَ کي جنم ڏنو آهي. اڍائي لک سالن کان سنڌو دريا وهندڙ آهي. دريا خان ابڙو دين محمد ڪلهوڙي جي دَور جو آهي جيڪو ڳيريلي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. سندس مقبرو ٽن سَو سالن کان ٺهيل آهي.

    پروفيسر غلام حسين ڪٽپر نئين ديري جي گھن رُخي شخصيت محمد سليمان سالم بابت مقالو پيش ڪندي چيو ته محمد سليمان ناميارو استاد، ذهين، هر دل عزيز، مصور، خطاط، قرآن پاڪ جو قاري ۽ خوش آواز شخص هو.

    مشهور ليکڪ امام راشديءَ ”گھاڙ واهه“ بابت مقالو پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ زرعي آباديءَ جا ذريعا برسات ۽ سنڌو دريا رهيا آهن. سنڌو ندي سنڌ کي بهشت بڻائيندي رهي آهي. چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن مثالي زرعي نظام رائج ڪيو جنهن جو اعزاز ميان شاهل محمد ڪلهوڙي ۽ جرنيل شاهه بهاري کي سونهي ٿو. عام راءِ آهي ته لاڙڪاڻي جو گھاڙ واهه ميان شاهل محمد جو کوٽايل آهي، پر هيءَ اصلي ڦاٽ آهي جنهن جي گھڙت ميان شاهل محمد ڪلهوڙي ڪرائي ۽ ان ۾ سڌارا آندا. ڪلهوڙن جي تاريخ مان جيڪڏهن گھاڙ واهه کي ڪڍي ڇڏجي ته ڪلهوڙن جي تاريخ اڌوري رهجي ويندي. هينئر گھاڙ واهه جا آثار مٽجندا وڃن پيا.

    نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد ”لاڙڪاڻي جا منفرد ۽ دلچسپ ڪردار“ پيش ڪندي چيو ته لاڙڪاڻو سياسي، سماجي، ادبي، علمي شخصيتن سميت منفرد ۽ دلچسپ ڪردارن ۾ پڻ زرخيز آهي جن تي قلم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن انهن ڪردارن ۾ ”سِر ڪَٽيو پير“، ”الهه ڏنو پڙهي وارو“، ”سيد ارباب شاهه“، ”فيروز احمد کرل“ ۽ ”استاد نبن“ بابت خاڪا پيش ڪيا.

    انجنيئر اياز حسين ابڙي نائچ ڳوٺ جي تاريخ بابت مقالو پيش ڪندي چيو ته تاريخ قوم جي پيداواري ذريعن تي قبضن، عملن، وصفن، ڳالهين کان علاوه ڪجهه به ناهي. تاريخ ڪنهن جو مُنهن ڪونهي ڏسندي. پنهنجي مقالي ۾ هن ڳوٺ جي تاريخ تفصيل سان پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته نائچ پاڻ کي سرائي جي لقب سان سڏائن ٿا. اڄ هن ڳوٺ ۾ ڪو به نائچ آباد ڪونهي. اتي زمينداري ابڙن جي رهي آهي. اسان جي خوش نصيبي آهي ته ان ڳوٺ ۾ شاهه لطيف جو تَڪيو موجود آهي.

    مشهور اديب ۽ محقق عبدالستار ڀَٽيءَ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي باني سيڪريٽري انيس انصاريءَ کي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته مان لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي ٺاهي ۽ سَو سالن جي تاريخ جمع ڪئي ته جيئن پاڻ کي لاڙڪاڻي واسين لاءِ زنده رکي سگهان، جنهن جي پليٽفارم تان تاريخي ڪتاب ڇپرايا اٿم.

    ڊاڪٽر آمنه سومرو نامور اديب ”انيس انصاري“ بابت مقالو پيش ڪندي چيو ته انيس انصاري صاحب سرگرم محقق هو، جنهن سڄي ڄمار ادب ۽ سماجي خدمتن ۾ گذاري. هو وڏو مترجم ۽ محقق پڻ هو. هو قابل محقق هو.

    رياضت ٻرڙي نون ڇپايل ٻنهي ڪتابن ”لاڙڪاڻو: علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ۽ ”لاڙڪانه: تاريخ و تهذيب“ بابت تعارفي مضمون پيش ڪيو.

    ڪانفرنس جي ڪارروائي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي سيڪريٽري پروفيسر مختيار سمي هلائي جنهن گذريل پنجن ئي ڪانفرنسن، مستقل سلسلن ”وساريان نه وسرن“ ۽ ”ورثو“ بابت بريفنگ پڻ ڏني ۽ آجياڻو پيش ڪيو. ڪانفرنس ۾ تلاوت پروفيسر عبيد اللھ جکري ڪئي ۽ شاهه لطيف جي وائي سليم رضا ڪنڀر ترنم سان ٻڌائي داد حاصل ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو