شاه جو چونڊ ڪلام موضوع چونڊ وايون دعائيه

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ غلام محمد اروڙوي طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2016۔

  1. غلام محمد اروڙوي

    غلام محمد اروڙوي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم سان محبت
    ماڳ:
    سنڌ جي گاد ئ جو هنڌ اروڙ
    چونڊ وايون

    دعائيه

    وٽان وڃ مّ مون،منهجو تون ئي تون

    ڪونه سڃاڻان ٻيو،وٽان وڃ مّ مون

    مون تڏهانڪر مڃيو جڏهان ”ڪن فيڪون؛

    اهکيءَ رسج احمدا،اڳيان سوڙهي ڀون

    اتي رسج ڪارڻي جتي هونگ نه هون

    ڏج لپ لطيف کي،طهورا تون .


    2

    سگھي سار لهيج

    ساجن !سور تماري آءُ ماري

    سور تماري جي مران

    تان مون ڏوه مّ ڏيج

    ڊڀن ڀري هٿڙا

    دارون دوست ڪريج

    سگهي سار لهيج

    ساجن! سور تماري آئون ماري.




    3

    توڻي تڙين تون

    تودر توءِ نه ڇڏيان

    مون کي توءِ مشاهدو توڙي منهن نه ڏين مون

    تو در توءِ نو ڇڏيان

    مون ٻيا گهر گهڻا ئي نهاريا،آهين تون ئي تون

    تو در توءِ نه ڇڏيان.


    4

    مولو ڪندو ماڙ

    منهجي الله ڪندو ماڙ!

    هادي ڏيئي هٿڙا اچي چڪڻ مان چاڙه!

    .

    5

    آسرو آهي يا الله مونکي هوت حبيب جو

    مون کي دوست حبيبجو

    جان جان اوڏا ڪرها پهچان تان ڪاهي

    مون کي دوست حبيب جو

    موٽ منهنجا سپرين واڳون ورائي

    مون کي دوست حبيب جو

    شفا عت شفيع جي تنهن ۾ ڦير هڏهين ناهي

    مون کي دوست حبيب جو

    مير محمد صلعم ڪارڻي اڙيا ڇڏائي

    اهي ڪم ڪريم جا جئن لکا لنگهائي

    لطف ساڻ لطيف چئي موڙها ملائي.

    .

    6

    آسروآهي يا الله مون کي هوت حبيب جو

    مونکي دوست حبيبب جو

    جان جان اوڏاڪرها پهچان تان ڪاهي

    موٽ منهجا سپرين واڳون ورائي

    شفائت شفيع جي تنهن ۾ ڦير هڏهين ناهي

    مير محمدصلعم ڪارڻي اڙئ ڇڏائي

    اهي ڪم ڪريم جا جئن لڱا لنگهائي

    لطف سان لطيف چئي موڙها ملائي
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محبوبن ڪريمن جي شفاعت جو بيان . سهڻي انداز ۾
     
  3. غلام محمد اروڙوي

    غلام محمد اروڙوي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم سان محبت
    ماڳ:
    سنڌ جي گاد ئ جو هنڌ اروڙ

هن صفحي کي مشهور ڪريو