مون پڪ سُڃاتا پنهنجا هُئي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾(ابراهيم منشي) سنڌ ڌڻين کي وري ٿو پُڪاري

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جِي تو ڀائر ڀانيا، سي ڌارين سان ڌوڙي، وِهُ اُنهن جي وات ۾، نانگ نه ڀائن نوڙي
    اِن کپر کاڌا ڪيترا گَرد گاروڙي، ڪو کپي ڪاهوڙي، جو چيلا گُرو چٽر ڪري

    [​IMG]
    اسان سنڌ تي ،صدين کان وٺي ،ڌارين جي ٿيندڙ يلغار ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمت جو اظهار ڪندا رهيا آهيون، جيڪو ڌرتيءَ ڌڻين جو حق به آهي پر ساڳئي جاءِ تي مير جعفر جهڙا به ڪيترا ئي ڪردار سماج ۾ موجود هوندا آهن.
    ديس جا اهي غدار ماڻهون جيڪي هڪ ڌرتيءَ جا هوندي به عوام لاءِ ڌارين لاءِ وڌ هوندا آهن، جن ۾ جگيردار، وڏيرا، پير، شاه، مير، رئيس، ڀوتار ۽ سماج جا اُهي موقعي پرست ماڻهون، جيڪي پنهنجي ذاتي مُفادن ۽ انائن خاطر ڌرتيءَ، قوم، ٻوليءَ ۽ وطن پرستيءَ جي جذبن جي لتاڙ ڪري وقتي فائدا حاصل ڪندا آهن.
    ابراهيم منشي به هڪ اهڙو ئي شاعر هو جنهن ڌرتيءَ جي اهڙن منافق ڪردارن جو پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي.
    سي ماروئڙن کي ماري ماري مال مَڏيون سڀ ميڙي ويا،
    ۽ کيت کرا سڀ کاهڙ جا هُو کوٽا کوٽي کيڙي ويا،
    سي وقت کان اڳ ۾ وانگيئڙن کي واچوڙي جيئن ويڙهي ويا،
    سي رهزن راتو رات اچي ڪيئن راڄ وِجهي ويا راڙي ۾؟

    ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ابراهيم منشي سچ جو ساٿاري شاعر هو. هي بيباڪ ۽ برجستو شاعر ڪنهن رک رکاءَ کان سواءِ نه رڳو حق ۽ سچ جي ڳالهه چوي ٿو، بلڪه سندس اهو اُصول بڻايل آهي ته ڪنهن غلط انتظام يا ڪنهن به زور آور جي زور آوري ناهي هلڻي.
    جڏنهن سنڌي ٻوليءَ جو مامرو اُٿيو، ابراهيم منشي ترقي پسند لڏي سان گڏ هو. هي اُهو دئور هو جڏنهن سنڌي شاگردن جون سموريون پارٽيون قومي مُفادن واري مامري تي هڪ هُيون. شاگردن جي طاقت جمع ڪرڻي هُجي، هارين جي قوت جو مظاهرو ڪرڻو هُجي، يا ڪو عوامي ميڙو هُجي، هر موقعي تي، سندس گيت، جوش ۽ ولولي سان گڏ، شعور، ساڃه، ۽ هڪ نئون جذبو ۽ اُنگ ڀريندڙ هُئا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 اپريل 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    اها سچائي آهي ته ابراهيم منشي لساني تنظيم ايم ڪيو ايم ۾ باقاعدگيءَ سان شامل ٿيو هوـ سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد تنظيم ۾ شامل ٿي هن ثابت ڪيو ته سنڌ سان سندس محبت سکڻوڏيکاءُ هو ـ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    محمد خان سيال صاحب جي موقف سان متفق آهيان۰ ابراهيم منشي ۽ حليم بروهي جھڙا ماڻھو سنڌ سان ويساھ گهتي ڪري ويا۰
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اچو ته منشي ! متفق ٿي اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي
    ظلم سندس زنجير هٿن سان پاڻ ئي پنهنجي ٻاريون ڙي
    سر رکي سانداڻ مٿي ۽ مستقبل ته سنواريون ڙي
    وقت اسان کي ساٿ ڏنو آ، منزل ناهي دور او ساٿي!

    ابراهيم منشي سنڌ جي نامياري شاعرن مان هڪ آهي. هو ذات جو سومرو هو. 15هين جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. سندس والد ڪُڙمت ڪندو هو ۽ هو پاڻ مولود چوندو هو. والد جي وفات کان پوءِ پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي پنهنجي ڪُٽنب جو بار کڻڻ لڳو. زندگيءَ سان سور هن سٺا ۽ ڏٺا. هن طبقاتي فرق جي شڪار عوام لاءِ شاعري ڪئي هُئي ۽ شاه عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي شاعريءَ جو فڪر ۽ تسلسل کڻي اڳتي وڌيو هو.
    جهنڊا کڻو، نعرا هڻو، وڙهندا هلو، رڙهندا هلو!
    جنگ جنگ جنگ آ ! مُنهنجي توسان جنگ آ !
    تون ڪالهه به هُئين ارغونن سان !
    اي سنڌ امان !

    ابراهيم منشيءَ پنهنجي ڦوه جوانيءَ ۾ (ون يونٽ) جو دئور ڏٺو هو ۽ تڏنهن کان ئي سنڌ جو نوجوان طبقو گهڻو جذباتي، آرڏر ۽ پوٽينشل هوندو آهي ۽ تڏنهن کان ئي سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ به ۽ اهڙا ئي طبقا ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي وڏي طاقت هوندا آهن. هو عوامي شاعر طور مشهور هو ڇاڪاڻ ته سندس سمورو فن ڌرتيءَ ۽ عوام جي اُن پيڙا جو داستان آهي جيڪا هن اکئين ڏٺي، لڱين سٺي ۽ دل تي کنئي. هن لاءِ ڌرتي ئي دين ڌرم هو ۽ جڏنهن هن ڌرتيءَ جي حق لاءِ قلم کنيو ته ڄڻ پنهنجي دين ڌرم سان وفا نڀائي ٿو.
    ٺوڙهي ڦاٽڪ تي 17هين آڪٽوبر 1984ع تي ٿيل واقعي ۾ ڪيترا ئي نوجوان رت ۾ رڱجي ويا. ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن ۽ اسيرن تي اُن دئور جي گهڻن ئي شاعرن پنهنجو قلم وُهايو ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيائون ته جيئن تواريخ ۾ اهو واقعو شامل ٿي وڃي.
    ڪيڏي آهي ڪوڪ ويڙيهچن ولهار ۾، بيگانا بي ڪفنا مرن روز ملوڪ
    ڏمر ڏاڍ ۽ ڏک جي، هنڌين ماڳين هوڪ، سانگين ساڻ سلوڪ، ڦاسيون، ڦاهيون، ڦٽڪا.

    پڪل فصل مان اڌ بٽئيءِ وقت وڏيري کي ڏيڻ واري عمل تي سياسي ۽ سماجي طور آواز اُٿارڻ ۽ هارين جي تنظيمن پاران احتجاج ڪرڻ تي ان معاملي کي ته ٻنجو آيو پر ساڳيو وڏيرو هڪ سرمائيدار جي صورت ۾ جڏنهن هاريءَ کي ناقص ڀاڻ يا زرعي دوائون ٻيڻن اگهن تي وڪڻي ٻيڻون، ٽيڻون نفعو ڪمائي ٿو. ته ابراهيم منشي بيباڪ ٿي وري هي اُچرڻ لڳي ٿو ته
    نوان مقتل نيون سوريون، نوان منصور ميدان ۾
    ڪنبن پيا ڪوٽ ڪانئر جا ڏسي ڪي ميدان ۾
    مٽن جا کول منهن موکي متارا موج ۾ آهن
    آڏيءَ تي سر رکي آيا مڙي ميخوار ميدا ميخان ۾

    ڪنهن به ملڪ يا قوم جي استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ ٻين عنصرن سان گڏ ٻولي به اهم آهي، جو ٻولي ئي ذريعو آهي تواريخ سهيڙڻ جو، علم ۽ شعور جاڳائڻ جو. ٻوليءَ جو بچاءُ ڌرتيءَ تي رهندڙ هر شخص جو اول فرض آهي، ٻوليءَ جو تحفظ ايترو ئي ضروري آهي جيترو گهر جو تحفظ. ٻولي ئي ماڻهن جي سڃاڻپ آهي ۽ ٻوليءَ سان ئي تهذيب، ثقفت ۽ توراخ جُڙي ٿي، جسم ته قيد ٿي سگهي ٿو پر ٻولي هرگز نه. ٻولي ڳالهائڻ جو حق ايترو آزاد آهي جيترو رُوح.
    ڪن رولن سمجهي راند هتي آ ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ جو
    هيءَ ٻولي ڪنهنجي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان

    سنڌ جي ماڻهن جي مزاجن ۾ مهمان نوازي، آئي جي آڌرڀاءُ ۽ ڪشدي دليءَ واريون صنفون هُجڻ جو هڪ سبب سنڌ درياءُ پڻ آهي جيڪو زرعي آهي ۽ زرعي ماڻهون ڌرتيءَ سان محبت رکي ٿو، کيس پنهنجي ماءُ سمجهي ٿو. قدرتي وسيلن ۾ پاڻيءَ جهڙي نعمت درياءَ مان حاصل ڪرڻ ، اناج پوکڻ ۽ پوءِ ونڊي کائڻ سنڌي ماڻهن جي فطرت رهيو آهي. دريا سُڪايا وڃن ته ڌرتيءَ تان زندگيءَ کي ختم ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو. ٻوڏن جا مُتاثر به ڌرتيءَ سان پيار ڪن ٿا.
    سيني ۾ سي صادق کي سدا سيباڻا، ڌارين جا تنهين ڌرتيءَ تي اچي پير پيا پاڻا
    حق نه ملي هارپ جو، ٿيا ويٺل ويڳاڻا، داروءَ جا داڻا، دُکي پيا ڪنهن دل ۾

    سُجاڳي هاڻ به آهي پر 20 هين صديءَ جو پويون اڌ مجموعي طور تي شعور ۽ ساڃاه وارو دئور هو. پر هاڻ سماجي لاڙن ۾ ڪُجه فرق اچي ويو آهي، جنهن ۾ وڏو لاڙو (ڪمرشيل ازم) جو آهي جتي واپاري آڙيڪاپ پر اٻوجه مار کائي ٿو. تنهنڪري هن وقت هاري ۽ پورهيت لاءِ رُڳو (اٽي، لٽي ۽ اجهي) جو مسئلو ناهي پر هن وقت سندن مسئلو ملاوت وارو ڀاڻ، ملاوت واريون شيون، نقلي زرعي ۽ زندگيءَ جون دوائون ڏيندڙ ڪاپاڙي سرمائيدار واپاري آهن.
    وڌي وڏيري اک تُنهنجي ان ۾، ڪش ڪُهاڙي ڪنڌ ۾، وِجهه ڪانئر کي ڪيري
    سنڱَ سڀئي سيري، گهوٽ رک گهر ۾، ڏاڍن جا ڏَکا، ڏيهاڙي ڏُٻرن مٿي
    هوڪا هڻي، حق لئه نه ڏي لوڪ لکا، پورهيت پنهوارن جا پوڄيو پوچ پکا
    ويرين جا وَکا، پيو ڪر تون پڌرا.

    اڪثر وڏن جاگيردارن وٽ نجي جيلن جي پڪڙجڻ جو خبرون اينديون آهن جن ۾ گهڻي ڀاڱي هيٺئين طبقن جا پورهيت هوندا آهن جن ۾ ڪولهيي، ڀيل، مينگهواڙ ، باگڙي عام آهن. انهن جون عورتون ، پوڙها ۽ ٻار به سندن باندياڻيون هونديون آهن جيڪي پنهنجي ڪُٽنب ساب ٻِٽَ ڪم ڪندا آهن. اهڙ پورهيتن جي اڪثريت سانگهڙ، ميرپورخاص ، ٿر۽ بارڊر جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ هوندي آهي جتي نادرشاهي راڄ هلندو آهي.
    مان لاڙجي آهيان لاهياري، مان لاڙجي آهيان لاهياري !
    تُنهنجي وڏيرا اک آ ميري، تُنهنجي وڏيرا دل آ ڪاري
    مان ته پنهوارڻ پورهيت وندي، سائين پنهنجي ساجن سندي
    ملي مارئي کان ڏات ۾ مون کي لوئي لڄ پياري
    ڏينهن سڄو ٿي ڏاٽو هڻان مان، شام مٿي تي ڀريون کڻان مان
    ور وڻي مون ور کي وڻان مان، تُنهنجي مُنهن تي ٿُڪ هڻان مان
    تُنهنجي وٺي ڏي مڙس منهنجي کي راڻي راڄ ڪماري
    سرتين سٿ ۾ سُريت سڏجان ، مري انهيءَ کان مٽيءءَ ۾ گڏجان
    سچي مٽي ۽ سنڌوءَ جو پاڻي، سورن ۾ سرجي آهيان ساماڻي
    صدين سڙيل سماج هن جي، منشي مرضن ماري
    مان لاڙجي آهيان لاهياري.

    ته دوستو اهڙا قومي شاعر ڪيڏانهن هليا ويا، اڄ جڏنهن وري سنڌ سورن ۾ وڌي پئي وڃي، (ون يونٽ) جو ماحول پيو جُڙي، پوءِ به اڄ جي فحش عشق و مشق ۽ ڪجل جي شاعرن ۽ ڳائڻن ۾ قومي جذبي تحت تبديلي ڇو نه پئي اچي.
    هڪ ڳالهه ٿو ڪريان ! جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو نه مُنهنجو!
     
    سائين بخش چانڊيو هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائين بخش چانڊيو

    سائين بخش چانڊيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2016
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ جاب
    ماڳ:
    قاضي احمد
    اچو ته منشي ! متفق ٿي اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي
    ظلم سندس زنجير هٿن سان پاڻ ئي پنهنجي ٻاريون ڙي
    سر رکي سانداڻ مٿي ۽ مستقبل ته سنواريون ڙي
    وقت اسان کي ساٿ ڏنو آ، منزل ناهي دور او ساٿي!
    بهترين سٺي ڪوشش آ ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو