لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هنن ستن شخصيتن کي 13هين مارچ جو(لائيو اڇيومينٽ ايوارڊ) مُبارڪ هُجي پر!

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ عرض ڪيان ؟ جي ناراضگي نه ٿئي ته !
    [​IMG]
    7000 سالن جي تواريخ، تمدن، تهذيب، روايت، مهمان نواز (عظيم سنڌ) پنهنجي مُختلف رنگن جي گُلن سان) هڪ هار ۾ پوئيل هُئي ۽ هڪ ٻوليءَ سان جنهنجو بُڻ بُڻياد نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ هُئو ته اها قوم دُنيا ۽ قابضن جا سڀ ڏڦير پوئتي ڪري مُتحد ٿيندي پئي آئي . پرهڪ ٻولي، هڪ ذات ، هڪ قوم، هڪ نسل جي شناخت وساري سال 1972 کان پوءِ اها ذاتين، ڀوتار ، سردار ۽ جاگيردار ڪلچر، سان گڏ علائقن سان گڏ علاقائي ٻولين ۾ ورهائجي وئي ۽ سنڌ جي شاه جي شاعري، سنڌ جو اصلي نسابي ادب ۽ علم علائقي ٻولين سان سُڃاڻجڻ لڳو ۽ اُهي (سنڌي مُتحد ماڻون) جيڪي 7000 سالن جي ليگسي کڻندا پئي آيا ( ٽُڪڙا ٽُڪڙا ۽ ڀور ڀور) سندن هڪ سنڌ جي نالي جي سوچ ، لکت جو معيار، نساب ۽ ٻوليءَ ۾ به گهڻي ڀاڱي علاقائي عڪس اچي ويو. سنڌ جي علائقن ۾ اچي رهندڙن جون ڌاريون ثقافتون ، رسم و رواج، پوءِ سنڌ جي نالي تي مارڪيٽ ٿي پيش ٿيڻ لڳيون جهڙوڪ (ڪاروڪاري، قتل، رت و ڇاڻ، اڻ سهپ، بد امني، زاتين تي مُبني جاگيرداري ۽ ڀوتاري سسٽم ) وغيره . ان (سنڌ کي علاقن ۾ ٽڪڙا ٽڪرا ڪرڻ ٿيڻ جي يلغار ڪري اڄ سنڌ جي اُها پُراڻي سڃاڻپ وساري ڇڏي ۽ سنڌ (اپر سنڌ، سينٽرل سنڌ ۽ لوئر سنڌ) جي نالي سان پئي مارڪيٽ ٿئي. پوءِ باقي رهي ڪسر انهن علائقن جي ماڻهن پوري ڪري سنڌ کي مزيد نقصان پُهچايو. سنڌ مان ميرٽ ۽ ٽيلنٽ جو مُڪمل خاتمون ٿي ويو ۽ علاقائي ۽ ذاتي اثر رسوخ پروان چڙهيو ۽ اُهي ذاتيون ۽ علاقائي ماڻهون جڏنهن ادب، شاعري، لکت سان گڏ ادارن ۾ آيا ته اُتي به انهن هڪ ٻئي علائقي جي ماڻهن کي ترجيح ڏئي مُتحد سنڌ جي (ميرٽ ۽ ٽيلنٽ) جو خاطمو آندو، ايستائين جو ان جو اثر سرڪاري ۽ خانگي ادارن تي پيو ۽ هر هڪ (اپر سنڌ، سينٽرل سنڌ ۽ لوئر سنڌ) جو فرد پنهنجا پنهنجا گروپ جوڙي هڪ ٻئي جي محنت کي ئي اڳيان ڪرڻ لڳو، ايستائين جو ادارن سان گڏ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا به بچي نه سگهي ۽ ٽيليويزن چئنلن سميعت علاقائي گروپ بنديون ٿيڻ لڳيون. جي هڪ علائقي جو مالڪ ، پروگرام مئنيجر، ڊائريڪٽر، ايڪٽر ، ايڊيٽر ڪم ليکڪ آيو ته هُن پنهنجي ئي علائقي جي ماڻهن کي اوليت ڏئي ترجيح ڏني ۽ اهڙيءَ طرح علائقن جو موالي ڪلچر، سفارشي ڪلچر، اوتارا يونيورسٽين جو ماحول، نيڪو ڪارن ۽ الله لوڪ بزرگن جي مزارن گرد اوتارا يونيورسٽيون ٺهڻ لڳيون ۽ (اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي) چوندڙ شاعرن کي مڃندڙ يا (جيڪي بيت ڀانيان سي آيتون اهن) جا رکوال اديب شاعر ، ڳائڻا يا اوتارن ۽ اوتارا يونيورسٽن مان تيار ٿي نڪرندڙ پوءِ پنهنجي لکت ۾ باب الاسلام جو عڪس وساري (عشق مُشق ، ماشوق۽ ڪجل) جي شاعري ڪرڻ ، ڳائڻ ۽ ادب لکڻ لڳا. باب الاسلام بڻجندڙ اُها سنڌ پوءِ مُڪمل (نادرشاهي سنڌ) بڻجي وئي جنهنجو ظلم ۽ جبر ، گهوڙن سان لتاڙجڻ اڄ به سنڌين کان نٿو وسري ۽ هر پيڙه تي (گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي) چئي ان ظلم جون يادون تازيون ڪري ٿو ۽ پوءِ 7000 سالن جي ماٿري يا باب السلام سنڌي ماڻهون به پنهجا پروگرام، انعام و اڪرام ۽ سهولتون ڏيڻ به علاقائي يا ذات پرستيءَ تي ڪرڻ لڳا، جيئن توهانجو مٿيون پروگرام. ۽ هڪ ٻئي کي علاقائي اهميت ڏيڻ ڪري سنڌ جي ٽيلنٽ، ميرٽ کي نقصان رسيو، گهوسڙو ۽ گوسڙو اسڪول ۽ گهوسڙو ۽ گوسڙو آفيسرن، ڊاڪٽرن جي آمد ٿئ، هر ڪنهن پنهنجي مُٺ ۾ ٽي ٽي گدرا رکي ٻين سنڌين جي رستا بندي ڪئي. سنڌي ايترو ته ڪمزور ٿي ويو جو پوءِ هو قهارن ۽ ڊڪٽيٽرن جو ساٿي بڻجڻ ۾ ۾ شرم محسوس نه ڪرڻ لڳو ۽ اها 7000 سالن جي تهذيب رکندڙ سنڌي ڪاغذن جو حصو بڻجي عملي طور ٻيو رُخ ڏيڻ لڳي آهي. ته مهرباني ڪري جڏنهن به اهڙا ايوينٽ ڪريو ! خاص طور جنهن ايوينٽ جا هيرو سنڌ جي ٽنهين حصن ۾ هڪ جهڙائي عزت وٺندا هُجن انهن کي علاقائي نه بڻايو ته مهرباني ٿيندي جو پوءِ ميرٽ ۽ ٽيلنٽ جو قتل عام ٿيندو. اڄ جو تفرقو به اهو آهي جو انهن ئي عملن جي ڪري ڀوتاري، ڳوٺائي يا ذات ڀائي سسٽم ئي ڪيش پيو ٿئي ته سنڌ کي دشمنن جي اٽيڪ کان ڪيئن بچائي سگهبو جيڪي 7000 سالن واري سنڌ کي اڳئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڄوڪي سنڌ (ڪراچيءَ کان ڪشمور) ۽ ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر) تائين آڻي اڃان وڌيڪ ٻه حصن ڪرڻ جو پلان جوڙي رهيا آهن ۽ علاقائي تشخص رکندڙ سنڌي به اوڏانهن مائل ٿي رهيا آهن. حيرت انهن تي جيڪي قوم پرست ۽ سنڌيت جي نالي سان سڃاتا ويندا هُئا ۽ هاڻ جيڪو ڊڪٽيٽر پرويز مشرف۽ ساٿين جو جيڪو نئون (پلان ڊي) اچي پيو اُن جو حصو بڻجي هن بچيل سنڌ جا ٻه ٽڪڙ ڪرڻ وارا آهن. خدارا هوش ڪريو! ڀوتارن ۽ وڏيرن جي چالن کان پاڻ بچايو، سنڌي قوم کي ڳوٺن، علاقن ۾ ورهاڻ کان بچو جي سنڌيت جو شعور رکو ٿا ته؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو