ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    پياري دوست ۽ ڪهاڻيڪار
    عبدالسلام ٿهيم
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون
    _____


    نوجوان ليکڪ، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿھيم جو جنم 15 مارچ 1980ع تي پرائمري اُستاد محمد مبارڪ ٿھيم جي گھر ۾ ٿيو. پاڻ هن وقت سنڌيءَ ۾ ايم اَي ڪري رهيو آهي. پروفيشنل لحاظ کان Handicap International,ACF International ۽ Plan Pakistan ۾ Disablily & Hygiene تي ڪم ڪيائين ۽ ھاڻيNTSٽيسٽ پاس ڪري پرائمري استاد طور ڪم ڪري رھيو آهي.

    ادبي سفر جي شروعات 1995 ع کان ٻاراڻيون ڪھاڻيون لکي ڪيائين، جيڪي ان وقت ھلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز جي ٻارڙن لاءِ شايع ٿيندڙ صفحن ۽ گل ڦل،گلڙا ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون. ڪجهه سال ادبي کيتر کان پاسيرو رهڻ کانپوءِ ٻيھر 2005ع کان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيائين، جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري آھي. لڳ ڀڳ 30 ڪھاڻيون لکيون اٿس، جن مان 14 ڪهاڻيون سندس پهرين ڇپيل ڪتاب “اوسيئڙي ۾ جڙيل آس” ۾ شامل آھن. جاتي مان جاري ٿيندڙ ٻاراڻي رسالي روشن تارا ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو اٿس، جنھن جا 17 شمارا شايع ٿيا. فني لحاظ کان ٻن اسٽيج ناٽڪن، راز ۽ دجال جون ڪھاڻيون لکي انھن کي پيش ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت، بزمِ ادب، شاھين آرٽ سرڪل جاتي ۽ سنڌ سلامت سان جڙيل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو