1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

صوفي مت يا (صوفي ازم) هڪ قسم جو (مختلف روحن کي ريجهائڻ) جو رشتو ۽ فلاسافي آهي.

'امن عالم' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    صوفي ازم (صوفي مت)
    صوفي مت يا (صوفي ازم) هڪ قسم جو (مختلف روحن کي ريجهائڻ) جو رشتو ۽ فلاسافي آهي. صوفي مت جو جنم ته ايران ۾ ٿيو هو پر پوءِ اهو دُنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ڦهلجي ويو۽ دُنيا جي گهڻن ئي روحاني رشتن ۾ هڪ فيڪٽر طور سڃاتو وڃي ٿو. هندستان ۾ به پُراڻي زماني کان ئي هيءَ رُوحاني فلاسافي هلندڙ هُئي جنهن کي (رشين) ۽ (منين) پنهنجي ساڌنا طور اپنايو هو. ويدانت ۽ اُپنشدن ۾ به ان جو اظهار ٿئي ٿو. هن فلاسافيءَ جو گهڻو اثر ڀارت جي انساني ذهن تي ڏسڻ ۾ آيو آهي. مسلم ملڪن ايران ۽ ٻين مان به ان فلاسافيءَ جا مسلم ماڻهون، مغلن جي دئور ۾ به ڀارت ۾ اچر رهيا هُئا ۽ ڀارت جي زمين کي روحانيت لاءِ موضون سمجهي اُتي ئي رهي پيا.
    [​IMG]
    سنڌ ۾ صوفي ازم حيدرآباد، پنجاب ۾ پاڪ پتڻ، گُجرات ۾ احمدآباد، پاٽڻ سان گڏ ٻيا شهر به ان صوفي فلاسافرن جي اچ وڃ جا مرڪز بڻيا هُئا. جنهن سان پوءِ سنڌ به گهڻني سنتن، درويشن، اوليائن، پيرن، فقيرن ۽ ايشور ڀڳتن کي جنم ڏيڻ شروع ڪيو هو. ۽ سنڌ ۾ انهن مذهبي رستن کان هٽي ڪري شاه عبدالطيف هڪ صوفي شاعر طور اُڀري آيو جنهن (هالا تعلقي) جي (کٽياڻ) ڳوٺ جي ڀر ۾ آيل (ڀيه پور) نالي هڪ ڳوٺ ۾ سنبت 1745 ۽ عيسوي سن 1689ع ۾ جنم ورتو هو. پوءِ هالا حويليءَ کي شاه لطيف جي ياد ۾ مسجد جي رُوپ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ شاه صاحب جيڪو سنڌي تهذيب ۽ روحاني جيون جي جان ۽ رُوح آهي ۽ سندن نالو دُنيا جي صوفي درويشن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 اپريل 2016
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    شاه صاحب سنڌي ٻوليءَ کي حقيقي رنگ سان سنواريو ۽ شاه جا بيت ۽ ڪافيون سنڌ ۽ ڪڇ سان گڏ گهڻن ئي غير سنڌين جي دلين کي پيار ۽ پريم سان ڀري ٿيون ڇڏين. شاه صائهب لاءِ چئجي ٿو ته هو ڪو رواجي شاعر ڪونه هو، پر هڪ سنت، مست شاعر هو جنهنکي سنڌ جو (سمراٽ شاعر) چئجي ٿو ۽ ڪڇ گجرات ۾ کيس (شائرن جو سرتاج) مڃيو وڃي ٿو. وقت به وقت شاه جا رسالا ۽ ڪلام سنڌيءَ توڙي ٻين ٻولين ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. شاه صاحب سنڌ، ڪڇ، گجرات، راجسٿان، بلوچستان ۽ افغانستان جو سير سپاٽو به ڪيو ۽ اهوئي سبب آهي جو شاه جو ڪلام اڄ ڏينهن جي ماحول کي به مُتاثر ڪندو رهيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو