سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ ۽ ليکڪ سائين نور احمد ميمڻ جو شاهه لطيف جي شاعريءَ تي لکيل اهم ڪتاب ”شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو آهي جيڪو هيٺين ڏهن بابن تي مشتمل آهي: 1. عشق ۾ فنائيت جي مقام تي پهچڻ 2. پنهنجي مان کي ڪڍي ڦٽو ڪرڻ 3. مقصد لاءِ سچائيءَ جو هجڻ 4. جان جي قربانيءَ لاءِ تيار رهڻ 5. محبوب سان نج ۽ نبار عشق ڪرڻ 6. تلاش ۽ تڙپ 7. پنهنجو پاڻ حوالي ڪري ڇڏڻ 8. هر حال ۾ وفاداري 9. رسمي ۽ ظاهري طريقن کان بچڻ 10. حسد ۽ نفس جي غلاميءَ کان بچڻ اسان ٿورائتا آهيون نور احمد ميمڻ صاحب ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو