1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

اوباما جي پٺيان لڳل بدصورت تاريخ.

'امن عالم' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    259
    ورتل پسنديدگيون:
    526
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    اوباما جي پٺيان لڳل بدصورت تاريخ.

    شفيق شاڪر

    “انساني آزادي” جي نالي ۾ آمريڪا ۽ سندس يورپي اتحادين جي ڪيل جنگي ڏوهن ۾ 2011ع ۾لبيا جي تباهي ۽ بربادي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي.انسانن کي بچائڻ جي نالي تي لبيا ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ڪيئن تباه ۽ برباد ڪيا ويا،اهو منظر سڄي دنيا پنهن جن اکين سان ڏٺو.اڄ 2016ع ۾انهيء منظرنامي کي سامهون رکي آمريڪا جي انساني آزاديء واري پڌرنامي،سندس آئين ۽ انساني حقن جي بل، مرڪزي لنڊن ۾وائيٽ هال سان چنبڙيل وڏن آزاديء جي مجسمن ۽ يادگارن توڙي فرانس جي قومي تراني ۾ موجود آزاديء جي خوبصورت لفظن کان دوکو کائي اهو نه سمجھو ته اهي ملڪ دنيا ۾ ڏتڙيل عوام جي آزاديء ۽ خوشحالي جي فڪر ۾ ڳري رهيا آهن!انساني آزادي، خوشحالي، لبرل ڊيموڪريسي ۽ انسانن جي معاشي ترقيء جي دعوائن کي حقيقت جي ڪسوٽيء تي پرکڻو آهي ته پوء پنهن جون نظرون ڪجھ دير لاء لبيا جي اڄوڪي صورتحال تي ڄمائي ڏسوجتي اڄ بربادي ئي بربادي، دهشتگرديء جو راڄ،معاشي بدحالي ۽ انساني بحران لبيا جي موجوده تصوير آهي.شايد اولھ وارن ملڪن وٽ لبرل جمهوريت ۽ انساني آزاديء جي وصف اهائي آهي.دنيا جي ڪمزور ملڪن جي خلاف اهي سنگين ڏوھ انهن ڪيا جيڪي دنيا ۾ عظيم جمهوريت،شاندار تهذيب ، مثالي انساني آزادي ۽ انساني بنيادي حقن جا اڪيلا چيئمپين بڻيل آهن.لبيا ۾ ڪيل سنگين جنگي ڏوهن ۾ ملوث انهن ڏوهارين ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جو نالو سرفهرست آهي جيڪو اڄ ڪلھ ميڊيا ۾ ڪڏهن ته پنهن جن انهن ڪارن ڪرتوتن جي لاء جواز بيان ڪندي ۽ ڪڏهن وري پنهن جوپاڻ کي سموري صورتحال کان لاتعلق ۽ بري قرار ڏيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي ٿو.لبيا جي سمري صورتحال جي ذميداري برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون ۽ فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزيء تي عائد ڪندڙ بارڪ اوباما جي آخر انهن بيانن جي ڪهڙي وضاحت ڪجي جيڪي هن تازو واشنگٽن جي “ ائٽلانٽڪ ميگزين” کي هڪ انٽرويو دوران ڏنا آهن جن ۾ هن لبيا، شام ۽ آمريڪي پرڏيهي پاليسي تي سندس وسيع پهچ ۽ ٻين ملڪن ۾ فوجي مداخلت جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون آهن.فرمايائين؛

    “ توهان قذافي جي خلاف وسيع عوامي احتجاج ڏسي رهيا هجو،توهان لبيا جي اندر وسيع قبيلائي تقسيم ڏسي رهيا هجو،جتي بنغازي حڪومت مخالفن جو مرڪز هجي ۽ قذافي وڏي هٿياربند فوج سان گڏ انهن طرف اهو چوندي وڌي رهيو هجي ته هو انهن مخالفن کي “ ڪوئن ” جيان ماري ڇڏيندو”. لبيا ۾ ڪيل جنگي ڏوهن لاء. اهو ئي واحد جواز اوباما بار بار دنيا کي ٻڌائيندو پيو اچي ۽ اقوام متحده جي 1973ع جي ٺهراءجو حوالو ڏيئي شهرين کي بچائڻ جو رينگٽ وڄائيندو رهيو آهي پر دنيا کي خبر آهي ته انهيء ٺهراء کي صرف حڪومتون ڪيرائڻ لاء استعمال ڪيو ويو. ان جواز ته قذافي هڪ وڏي انساني قتل عام جو منصوبو ٺاهيو هو اهو موقف خود اولھ جي ميڊيا ۾ به سدائين تڪراري بنيل رهيو آهي.آمريڪي پرڏيهي پاليسيء جي ممتازماهر ۽ دانشور “ايلن جي ڪوپرمين” جو هڪ مضمون ‘False pretense for war in Libya?’ جيعنوان سان اپريل 2011ع جي “بوسٽن گلوب” ميگزين ۾ ڇپيو هو جنهن ۾ هن لکيو هو ته

    "Nor did Khadafy [Gaddafi] ever threaten civilian massacre in Benghazi, as Obama alleged. The “no mercy’’ warning of March 17 targeted rebels only, as reported by The New York Times, which noted that Libya’s leader promised amnesty for those “who throw their weapons away.” Khadafy

    even offered the rebels an escape route and open border to Egypt, to avoid a fight “to the bitter end.”’

    يعني “قذافي بن غازيء ۾ ڪڏهن به شهري آباديء جي قتل عام جي ڌمڪي نه ڏني جهڙيء طرح اوباما بيان ڪري ٿو 17 مارچ واري “ ڪوبه رحم نه” واري تنبيھ جو نشانو صرف باغي هئا،جيئن نيويارڪ ٽائيمز لکيو آهي ته لبيا جي اڳواڻ انهن ماڻهن جي لاء عام معافيء جو اعلان ڪيو هو جيڪي هٿيار ڦٽا ڪندا.ايستائين جو قذافيء باغين کي مصر واري سرحد کولي کين ڀڄڻ جي آڇ به ڪئي ته جيئين کين جنگ جي نتيجي ۾ ڪنهن خراب انجام کان بچائي سگھجي.”

    اوباما جي هاڻوڪي انٽرويو تي موٽي اچون ته هن جي چوڻ مطابق“ برطانيا،فرانس،ٻيا ڪيترائي يورپي ملڪ توڙي ڪيترائي عرب ملڪ قذافيء مان بيزار هئا ۽ اهي انساني حقن جي حوالي سان آمريڪا تي قذافيء خلاف ڪراوائي ڪرڻ لاء زور ڀري رهيا هئا پر اڄ انهن مان گھڻا انهي سڄي راند مان پنهن جي کل بچائڻ واري پاليسيء تي عمل ڪندي پنهنجو پاڻ کي لاتعلق ثابت ڪري رهيا آهن.”

    حيرت آهي جو خود اوباما جي وات مان لبيا جي خلاف ان ڪاروائيء جي لاء “راند ” جو لفظ نڪري ويو آهي.ٻين لفظن ۾ انهن ڪاروائين جن لبيا جي ماڻهن جون زندگيون،ملڪ ۽ معيشت سڀ ڪجھ برباد ڪري ڇڏيو،اوباما جي لفظن ۾ اها صرف هڪ “راند” هئي! ٻئي طرف برطانيا ۽ فرانس جا حڪمران جيڪي لبيا ۾ ٿيندڙ انهن ڪاروائين ۾ نه رڳو شريڪ هئا پر قذافيء جي موت تي خوشيء وچان بغل وڄائي رهيا هئا اهي اڄ انهي سڄي راند مان پاڻ کي آجو قرار ڏيڻ ۽ دنيا جي اکين ۾ وري ڌوڙ وجھڻ جي مڪاريء ۾ لڳل آهن.جيستائين اوباما جو تعلق آهي ته هو اهڙو آمريڪي صدر ثابت ٿيو آهي جنهن آمريڪا کي ڪيترن ئي اجاين بحرانن ۾ ڌڪڻ باوجود کيس ڪابه مکيه حاصلات هڙ نه پيئي آهي،هاڻي هو ويندي ويندي پنهن جي مٿان آيل ڪيترن ئي سخت الزامن کي ڌوئڻ گھري ٿو.ڊرون حملن واري پاليسي جيڪا هن کي جارج بش کان ورثي ملي هئي،هن ان کي جاري رکندي نه رڳو بي گناھ انساني جانين جن ۾ معصوم ٻار به شامل آهن جي زيان ۾ اضافو ڪيو پر خودڪش بمبارن جي هڪ وڏي فوج تيار ڪري ڇڏي.اهڙيء طرح هن افغانستان ۾ طالبان کي مضبوط ڪيو،۽ عراق،شام ۽ لبيا ۾ داعش ۽ ٻين دهشتگرد گروپن جا لشڪر پيدا ڪري ڇڏيا.اڄ اوباما لبيا جي بربادي ۽ ٻين جنگي ڏوهن جي لاء پنهن جن ڪجھ يورپي اتحادين کي الزام ڏيئي آمريڪي بااختيار صدر جي حيثيت سان انهن ڏوهاري ڪاروائين جي اڳواڻي ۽ سرپرستيء واري ذميداريء کان پنهن جو پاڻ کي آجو ڪري نٿو سگھي.هن پنهن جي صدارت جي مدي دوران جيڪا بدصورت تاريخ لکي آهي اها واهيٽ هائوس ڇڏڻ کان پوء به سندس پيڇو ڪندي رهندي!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو