1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

هڪ سفر بحرين جو : اسحاق انصاري

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ سفر بحرين جو : قسط 1

    اسحاق انصاري

    مون کي جيئن ميٽنگ جو ليٽر مليو ته ميٽنگ جو ملڪ پڙهي مون کي حيرت ۽ خوشي ٿي. ملڪ هو بحرين، حيرت ان ڪري جو مون کي پڪ هئي ته اها ميٽنگ مليشيا ۾ ٿيندي جنهنڪري ڪجھه دوستن کي اڳواٽ ئي پروگرام ڏئي ڇڏيو هيم پر هن اوچتي تبديليءَ مون کي حيران ڪري ڇڏيو. خوشي ان ڪري ٿي جو گلف ملڪن مان رڳو عرب امارات گھميو آهي تنهنڪري هڪ نئين ملڪ گھمڻ جو موقعو ملي پيو. پر هڪ پريشاني به ٿي ته اتي ڪو واقفڪار ڪونهي جنهن کان معلومات وٺي سگھجي ته ڪهڙيون گھمڻ جون جڳهون آهن، ڪهڙا هوٽل سٺا آهن ڪهڙا خراب. ڇو جو انٽرنيٽ تي معلومات ته آهي پر اها ڪڏهن ڪڏهن ڀروسي جوڳي نه هوندي آهي. ڪنهن سٺي هوٽل جي باري ۾ هڪ ٻه ڪمينٽ اهڙا ملي ويندا جيڪو توهانجو روح ئي کڻائي ڇڏيندا. پر ڪافي دوستن کان پڇا بعد به ڪو واقفڪار نه ملي سگھيو. پوءِ وري فيس بوڪ تي مون سنڌي بحرين لکي ڳولها شروع ڪئي ته اتي هڪ پيج ”سنڌي سنگت بحرين“ ملي. مون ان جي انباڪس ۾ ميسيج موڪليو ته مان ميٽنگ جي سلسلي ۾ بحرين اچان پيو ۽ مون کي ڪجھه معلومات کپندي آهي مهرباني ڪري اها اوهان ٻڌائيندا. هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ جواب آيو، مون وري اڃان ڪجھه معلومات لاءِ لکيو ته ڪافي ڏينهن تائين جواب نه آيو. پوءِ جواب آيو ته جلدي جواب نه ڏيڻ جو سبب منهنجو پاڪستان وڃڻ هئو هن پنهنجون نالو فياض اعواڻ لکيو ۽ بحرين جو نمبر به لکيو جنهن ۾ هن لکيو هو ته جڏهن بحرين پهچو ته مون سان رابطو ڪجو. ان پيج تي مون کي احمد مغل جون بحرين جي دوستن سان نڪتل تصويرون نظر آيون. هڪ ڏينهن فيس بوڪ تي احمد مغل آن لائين هجي ته مون کائنس پڇو ته سندس ڪي واقفڪار بحرين ۾ آهن ڇا؟ ته هن ٻڌايو ته سندس دوست اتي آهن جن سان هو ڳالهائي ٿو ٿوري دير کان پوءِ هن لکيو ته هن جو رابطو دوستن سان ٿيو آهي هو اوهان کي معلومات يا ڪمپني کپي ته اها به ڏيندا مون سندس ٿورو مڃيو، هن منهنجو نمبر فياض اعواڻ کي ڏنو ۽ هن جو نمبر مون کي موڪليو. مون نمبر کي پنهنجي فون ۾ داخل ڪري ڇڏيو ۽ ڏٺم ته فياض اعواڻ واٽس ايپ تي به هو.
    مون پنهنجي تياري شروع ڪري ڏني. ٽڪيٽ گلف ايئر وارن جي ورتم، حالانڪ وقت جي حساب سان اها مون لاءِ سهولت واري نه هئي. ڇو جو 12 جنوريءَ تي بحرين وڃڻ لاءِ فلائيٽ جو ٽائيم صبح جو 7.30 هو ان جو مطلب اهو ٿيو ته مان ايئرپورٽ تي صبح جو 5 وڳي پهچان ۽ بحرين پهچڻ جو ٽائيم اتان جا 8.30 هو(بحرين اسان کان ٻه ڪلاڪ اڳتي آهي). اتي وري اها ڏکيائي هئي ته اڪثر هوٽلن جو چيڪ ان ٽائيم ڏينهن جو 12 يا منجھند جو 2 وڳي هوندو آهي. انڪري مون سوچيو ته ايترو وقت ايئرپورٽ تي ڇا ڪندس. وري واپسي جي اڏام 15 جنوري صبح(رات) جو هڪ وڳي هئي. جڏهن ته منهنجي ميٽنگ 14 جنوري تي شام جو 5 وڳي پوري ٿيڻي هئي. انڪري مون کي هوٽل 12 وڳي ڇڏڻو هو، ان جو مطلب اهو ته پنهنجو سامان رسيپشن تي رکان ۽ ميٽنگ کان پوءِ ايترا ڪلاڪ يا ته ايئرپورٽ تي انتظار ڪيان يا هروڀرو شهر ۾ رلان. ٻي وري فلائيٽ 16 جنوري ڏينهن جو 2.20 تي هئي.
    ايمريٽس وارن جي فلائيٽ به هئي پر ان جي وري دبئي ايئرپورٽ تي 7 ڪلاڪ کن ٽرانزٽ هئي ان ڪري مان گلف ايئر رستي وڃڻ جو سوچيو. پاڪستان کان بحرين تائين فلائيٽ اڍائي ڪلاڪن جي آهي. انڪري نيٺ مون فيصلو ڪيو ته 15 تاريخ تي ڏينهن ۽ رات واري خواري کڻڻ کان هڪ ڏينهن رهي 16 واري فلائيٽ وٺان. انڪري مون هوٽل وارن کي اسپيشل رڪوئيسٽ موڪلي ته 12 جنوري تي مون کي 8.20 تي چيڪ ان ڪرڻ ڏنو وڃي
    11 جنوريءَ تي فيس بوڪ جي ان باڪس ۾ فياض اعواڻ چيو ته ”اميد ته خير سان بحرين پهچي ويا هوندا“ مون کيس وراڻي ڏني ته ”نه ادا، سڀاڻي صبح جو بحرين پهچندس“. مون کيس اهو نياپو واٽس ايپ تي به موڪليو.
    مون کي اليڪٽرانڪ ويزا، بحرين جي سينٽرل بينڪ طرفان پهچي وئي جيڪا ملٽيپل هئي.
    12جنوري 2016 تي صبح جو 5 وڳي اوندهه ۾ ايئرپورٽ تي پهتس رستي تان ڊرائيور کي به کڻندو آيس. ايئرپورٽ جي فارملٽيز پوري ڪري لائونج ۾ جهاز جي اڏڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. 7.30 تي جهاز اڏاڻو ۽ 8.30(بحرين جي وقت مطابق، پاڪستاني وقت 10.30) تي بحرين پهتو. بحرين جو ايئرپورٽ سٺو آهي پر ننڍو آهي. جلدئي اميگريشن مان واندو ٿي ويس ڪجھه ماڻهن کان هو ويزا في وٺن پيا پر مون کان ڪا به في نه ورتائون شايد گورنمينٽ جي طرفان ويزا آيل هئي ٿي سگھي ٿو ان ڪري نه ورتي هجائون. بيگيج جو انتظار ڪرڻ لڳس جيڪا ڪجهه دير کان پوءِ آئي. ڪسٽم مان نڪرڻ وارو هيس ته ٻه ڪسٽم آفيسر پهتا حال احوال ورتائون ته ڪٿان ٿو اچان کين ٻڌايم، لڳي اهو پيو ته هنن جو ارادو هو ته پاڪستاني ڏسي کيس تنگ ڪيون يا ڪا تلاشي وغيره وٺون پر پوءِ وري پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا مون کي چيائون ”اوڪي يو مي گو“. مون کي رڳو پاڻ ۾ ڳالهائڻ وقت سندن هڪ لفظ ٻڌڻ ۾ آيو ”سفير“ پوءِ هاڻي ان لفظ جي معنى اسان واري سنڌي واري سفير جي هئي يا ڪا ٻي.
    ٻاهر نڪتس ته هوٽل وارن ٻڌايو هو ته ڊرائيور هوٽل جو نالي وارو بورڊ کڻي جتي منهنجو انتظار ڪندو پر اتي ٻيا هوٽل ته هيا منهنجو نه هو. ٿوري دير انتظار ڪرڻ لڳس پر جڏهن پنجن منٽن کان پوءِ به ڪو نه آيو ته انفارميشن ڊيسڪ جنهن تي مرحبا لکيل هو اتي تي وڃي کانئن پڇيم ته هنن چيو ته ڪو نمبر اٿو ته مون کين هوٽل طرفان آيل ايميل کين ڏيکاري جنهن ۾ نمبر به لکيل هو. ڪائونٽر تي ويٺل سهڻي ڇوڪريءَ هوٽل سان نمبر ملائي مون کي ڏنو جن کي مون احوال ڏنو ته هنن چيو ته ڊرائيور نڪري چڪو آهي پهچڻ وارو هوندو اوهان اتي ان ڪائونٽر وٽ ئي انتظار ڪيو. پوءِ ٿوري دير کان پوءِ هڪ انڊين آيو جنهن مون کي ٻڌايو ته هو هوٽل تان آيو آهي. ٻاهر نڪتس ته توقع کان وڌيڪ ٿڌڪار هئي، ڪراچيءَ ۾ ته گرمي هئي پر اتي ٿڌڪار پسي مزو آيو. ڊرائيور مون کي بيهڻ جو چئي پارڪنگ مان ليموزين ڪار کڻي آيو ۽ سامان گاڏي ۾ رکي روانا ٿياسين. هو سائوٿ انڊيا جو هو پر هندي/اردو ڳالهائي پيو. هن کي جڏهن خبر پئي ته مان پهريون ڀيرو بحرين آيو آهيان ته پوءِ هو مون کي رستي تي ايندڙ علائقن ۽ جڳهن جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو. پهرين نظر ۾ ئي بحرين مون کي سٺو لڳو. ايڏيون ڪي پراڻيون عمارتون نه پر اسڪاءِ اسڪريپرس عمارتون نظر آيون. ٻين ٽيڪسي ڊرائيورن جيان هي به ڳالهير هو، هن مون کي ٻڌايو ته هو پهريائين عربن وٽ خانگي ڊرائيور طور ڪم ڪندو هو پر هڪ ته پگھار گھٽ هيس ان ڪري پنهنجي ڪٽنب کي به اڳ ۾ گھرائي نه سگھيو هو. ”پر هاڻي هن ڪمپني م ڪم ڪيان ٿو پگھار به سٺي آهي ۽ هڪ مهينو اڳ فيملي به هتي گھرائي اٿم“. 15، 20 منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ اسان هوٽل تي پهچي وياسين. ڪائونٽر تي پنهنجي بڪنگ ڏيکاري ته هنن ٿوري دير ۾ ئي تفصيل ڏسي پيسا وٺي مون کي ڪمري جو ڪارڊ ڏنو. ڪمرو ٻين فلور تي هو، ڪمري مان هوٽل جي پارڪنگ وارو منظر ۽ سامهون واري روڊ ۽ عمارتن جي منظر نظر پئي آيو. هوٽل جو نالو انٽرڪانٽينينٽل ريجنسي آهي، 5 اسٽار آهي، اسان جي ميٽنگ به ان ئي هوٽل ۾ رٿيل آهي. هوٽل جو ڪرايو ملائي سلائي 75 بحريني دينار پئي ٿيا جيڪي پاڪستاني روپين ۾ تقريبن 21000 پئي ٿيا(هڪ دينار پاڪستاني 278.50 جي حساب سان هو)، ڪمري جو اهو ڪرايو به ميٽنگ جي ڪري اسان کي رعايتي ڏنو ويو هو. ان کان علاوه ايئرپورٽ کان هوٽل تائين ٽيڪسي جو ڪرايو به 15 دينار(پاڪستاني 4000 هو). هڪ دينار ۾ آمريڪن ڊالر به اڍائي کان مٿي هئا.
    ان وچ ۾ واٽس ايپ ته فياض اعواڻ جو نياپو آيو ته ڪٿي آهيو مون کيس لکيو ته هوٽل تي آهيان ته هن فون ڪئي. حالي احوالي ٿياسين، مون کان پروگرام جو پڇيائين ته مون کيس ٻڌايو ته اڄ جو ڏينهن ته مان فري آهيان سڀاڻي ميٽنگ آهي. هن ٻڌايو ته هو آفيس پوري ٿيڻ کان پوءِ ايندو مون سندس مهرباني مڃي. ڪمري تي ليٽي پيس، سوچيم ته ننڊ ڪيان پر نه آئي. ان ڪري ڪيميرا کڻي ڀرسان وارو علائقو گھمڻ نڪري پيس ڇو جو ٽيڪسي ڊرائيور ايندي ڏيکاريو هو ته هي پراڻي بازار وارو علائقو آهي ۽ هوٽل کان پنڌ ئي پنڌ اتي اچي سگھجي ٿو.
    ٻاهر اس نڪتل هئي پر تڏهن به ٿڌ هئي، ان علائقي ۾ بينڪون ۽ ايڪسچينج ڪمپنيون گھڻيون هيون. هڪ وڏو محراب هو جنهن کي باب البحرين سڏيو ويندو آهي. اڳ سمنڊ جو پاڻي ان دروازي کي لڳندو هو، پر بحرين ۾ سمنڊ ۾ ڀراءُ ڪري جاين ۽ روڊن لاءِ زمين ٺاهي پئي وڃي جنهن ڪري سمنڊ پري ٿيندو ٿو وڃي. اتان جي دوستن اهو ٻڌايو ته شايد بحرين ئي هڪڙو ملڪ هجي جنهن جو نقشو تبديل ٿيندو رهندو آهي. اهو دروازو سر چارلس بيلگريو ڊزائين ڪيو هو جيڪو امير جو صلاحڪار هو ۽ 1949 ۾ ان جي اڏاوت پوري ٿي. مان ان دروازي مان گذري اندر ويس ته بازار هئي جيڪا مختلف گھٽين ۾ ڦهليل هئي. ان بازار ۾ سون ۽ الڪٽرانڪس جي دڪانن کان وٺي سيڌي جا به دڪان هيا ته ٿانون جا به هئا. ماڻهن ۾ عربن کان وٺي، پاڪستاني، ڀارتي، بنگلاديشي ۽ ٻين قومن جا هئا. مان مختلف گھٽين ۾ گهمندو رهيس. بک به لڳي هئي مون سوچيو ته ڪو ريسٽورنٽ نظر اچي ته ماني کاوان، پيزا، برگر وارا دڪان ته هئا پر مان چاهيان پيو ته ڪو انڊين يا پاڪستاني ريسٽورنٽ ملي. پر ڪو اهڙو نظر نه آيو. هڪ گھٽيءَ ۾ ٻاهر بينچون رکيل هيون جنهن تي ماڻهو ماني کائي رهيا هئا، اندر به فيملي لاءِ جڳهه هئي. اتي ڪافي ماڻهو هئا، جن ۾ عرب به هئا ته ترڪ به، لڳي پيو ته اهو ڪنهن ترڪ جو ريسٽورنٽ هو. مون ڏٺو ته کاڌي ۾ سبزي به هئي، ته وري نان به هئا مون بهتر سمجھو ته اتي ماني کاوان. ڪائونٽر واري کان پڇيم ته آرڊر اتي ڏيڻو آهي يا ٽيبل تان پڇندئو. هن چيو ته جي پارسل ناهي ته ٽيبل تي ويهو بيرو توهان وٽ ايندو. بيرا سڀ هندوستاني پئي لڳا ۽ خود مالڪ به هنن سان ڀڳل ٽٽل هنديءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. بيرو آيو ته کانئنس اردو ۾ پڇيم ته هن ٻڌايو ته دال، سبزي، آمليٽ ۽ گوشت، مون کيس گوشت آڻڻ لاءِ چيو جيڪو رس وارو هو ۽ ان ۾ پٽاٽا به پيل هئا. مون سلاد وارا بصر به کائڻ شروع ڪيا ڇو جو هڪ حديث به آهي ته جتي وڃو ته پهريائين اتان جا بصر کائو ته جيئن بيمارين کان محفوظ رهي سگھو. مون به ان تي عمل ڪيو. ماني منهنجي پسند جو هئي ڇو جو گھڻا مصالحا نه هيس. ماني کائي ٿورو گھڻو گھمي هوٽل تي آيس ڇو جو مون وارو سنهڙو سوئيٽر ٿڌ جي سٽ نه جهلي رهيو هو. ڪمري تي آيس ته هڪ چينل تي بحرين جي تاريخ جي باري ۾ هڪ ڊاڪيومينٽري هلي رهي هئي اها ڏٺي.
    بحرين جي تاريخ به پراڻي آهي ان کي دلمن تهذيب civilization Dilmun جو مرڪز سمجھيو وڃي ٿو. دلمن جي ايراضي هيٺ ڪويت، قطر، بحرين ۽ سعودي عرب جو اوڀر وارو سامونڊي ڪنارو اچي وڃي ٿو. هن تهذيب- جو ميسوپوٽيميا ۽ انڊس سولائيزيشن سان به رابطو هو ۽ ميسوپوٽيميا جو سنڌ سان جيڪو واپار هلندو هو ته رستي ۾ دلمن جو علائقو به ايندو هو. دلمن چوٿين ملينيم جي آخر کان وٺي 800 ق.م تائين اهم واپاري مرڪز رهيو پر پوءِ آهستي آهستي هن علائقي ۾ قذاق وڌندا ويا جنهن جي ڪري هتي ڪاروبار گھٽجندو ويو ۽ هن علائقي کي پوءِ پرشيا پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.
    هونئن بحرين جو يا گلف وارو علائقو پراڻي زماني ۾ موتين جي ڪاروبار جي ڪري به مشهور رهيو آهي ۽ پيٽرول ملڻ کان اڳ اهو ئي ان علائقي جو اهم ڪاروبار هئو.

    سنڌ ايڪسپريس ۽ اسحاق انصاري جي ٿورن سان
    ___

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    هڪ سفر بحرين جو : قسط 2

    اسحاق انصاري

    شام جو فياض اعواڻ آيو هوٽل جي هيٺان مون کي فون ڪيائين جيئين ئي مان هيٺ لٿس ۽ لابيءَ مان ٻاهر وڃڻ لڳس ته پويان ڪنهن آواز ڏنو، ڏٺم ته فياض هئو. فيس بوڪ تي هڪٻئي جي تصويرن ڏسڻ کان پوءِ سڃاڻڻ ۾ ڪا به تڪليف نه ٿي. هن ٻڌايو ته ڪجھه دوستن وٽ ٿا هلون ان کان پوءِ ماني کائڻ هلنداسين. فياض اعواڻ هتي ڪنهن ڪنسٽرڪشن ڪمپني ۾ آهي، کيس ڪمپني طرفان گاڏي مليل آهي. حال احوال مان خبر پئي ته هو شڪارپور جو آهي، ڳالهين ڳالهين ۾ ته هو اسٽيٽ بينڪ ۾ منهنجي دوست مختيار ابڙي جو ڀاڻيجو نڪري پيو، ان کان علاوه سائين رحيم بخش چني جو ڀائيٽيو نڪري پيو. مختيار ابڙو، اسٽيٽ بينڪ ۾ هو، منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ هوندو هو يا بهتر اهو ٿيندو ته اهو چوان ته مان هن جي ڊپارٽمينٽ ۾ هيس ڇو جو هو اسٽيٽ بينڪ ۾ 1985 ۾ آيو جڏهن ته مان 1999 ۾ آيس. تمام سلڇڻو ماڻهو هو ۽ شڪل، قد ڪاٺ جو به شاندار، ان کان علاوهه هو خوش پوشاڪ به هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندي کيس ڏٺو هو پر ڪا دوستي يا ويجھڙائپ نه هئي پر اسٽيٽ بينڪ جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ کان پوءِ هن سان واقفيت ٿي. اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ جي 100 ماڻهن مان مون سميت رڳو چار سنڌي هوندا هياسين. هڪ موري جو نظير ميمڻ، ٻيو منير مستوئي ۽ مختيار ابڙو. ڪجھه سالن کان پوءِ جلال شيخ به ڊائريڪٽر جو پي اي ٿي آيو. ظاهر آهي ته سنڌي هجڻ ان ڪري اسان چئن پنجن جي پاڻ ۾ صلاح ثواب پيو هلندو هو. هڪ ڏينهن مختيار ابڙي، کي رات جو سيني تي بار محسوس ٿيو پر هو ڊاڪٽر ڏي وڃڻ لاءِ راضي نه هو، گھر وارن کي چئي پيو ته چانورن جي ماني کاڌي آهي انڪري سيني تي بار آهي. پر سندس گھر واريءَ مختيار ابڙي جي گھري دوست ستار ابڙي (هو به اسٽيٽ بينڪ ۾ آهي) کي فون ڪري گھرائي ورتو ۽ ان وچ ۾ مختيار جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي. ستار ابڙي کيس کڻي دارالصحت اسپتال پهچايو جتي کيس ٻڌايائون ته هرٽ اٽيڪ آهي، مختيار جي حالت وڌيڪ ابتر ٿيندي پئي وئي. ستار اسپتال وارن کي چيو ته هو کيس آغا خان کڻائي ٿو وڃي، جنهن تي اسپتال وارن کيس چيو ته هن حالت ۾ هو کيس اهو مشور نه ڏيندا ڇو جو اتي پهچندي پهچندي ڪجھه به ٿي سگھي ٿو. ستار خاموش ٿي ويو ۽ اسپتال وارن پنهنجون ڪوششون جاري رکيون پروفيسر وغيره کي به گھرائي ورتائون، کيس بجليءَ جا شاڪ به ڏنائون پر مختيار ابڙو هميشه جيان مرڪندي هليو ويو. ٻي ڏينهن تي موڪل هئي مون کي ستار ابڙي فون ڪري ٻڌايو ته مون کيس چيو ته اهڙي مذاق نه ڪبي آهي. پر هو چوندو رهيو مان مڃڻ لاءِ تيار نه هيس پوءِ هن فون جلال شيخ کي ڏني جنهن به اها ڳالهه ڪئي ته منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي هو يارن جو يار، هر وقت مسڪرائيندڙ چهرو، شانائتو مختيار ايئن هليو ويو. فياض اعواڻ جي ڪري بحرين ۾ کيس ياد ڪيوسين. ان خاندان سان گھڻا حادثا ٿيا جنهن تي وري ڪڏهن ٻي موقعي تي لکبو.
    فياض اعواڻ ۽ مان بحرين جي مناما واري علائقي اُم الحسام ۾ هڪ فليٽ تي آياسين. جتي سڪندر لاکي ۽ رئوف ڀٽي سان ملاقات ٿي، ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر سفيع الله سومرو به آيو. سڪندر لاکو به هتي ڪنهن ڪنسٽرڪشن ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ رئوف ڀٽو به باقي ڊاڪٽر سفيع الله سومرو ڪنهن پرائيويٽ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ڪچهري شروع ٿي جيڪا اڌ رات کان به مٿي تائين جاري رهي. سڀ دوست دلچسپ آهن جنهن ڪري وقت جو پتو ئي نه پيو. سڪندر لاکو قمبر جو آهي، مون کانئنس منور لاکي جي باري ۾ پڇيو هو کيس سڃاڻي پيو اهو به ٻڌايائين ته پهريون ڀيرو بحرين اچڻ مهل ڪراچيءَ ۾ هن وٽ ئي رهيو هو. منور لاکو اسان جو محبوب دوست هو، اين ڊي ايف سي ۾ هوندو هو پر جڏهن اها بند ٿي کين گولڊن هينڊ شڪ ڏنائون. هن پوءِ ڪو بزنس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ان قسم جو ماڻهو ئي نه هو ڏاڍو نفيس ماڻهو هو اسان وارو يار ته نفاست جي ڪري کيس سڏيندو ئي ٽشو پيپر هو. پوءِ هو ڪراچي ڇڏي لاڙڪاڻي وڃي رهيو، اتي به ڪنهن سان گڏجي ڪو واپار ڪندو هو هڪ ڏينهن کيس هرٽ اٽيڪ جي ڪري هتان هلڻو پيو.
    13 جنوريءَ 2016 تي ساڳئي هوٽل جي بال روم ۾ اسان جي ميٽنگ هئي. هال ۾ داخل ٿيس ته هڪ ٽيبل تي آءِ ايم ايف جو ارتڪ ويٺل نظر آيو. هو به اٿي اچي مون سان مليو. اسان ان کان اڳ هڪ ڀيرو 2005ع ۾ ڊيٽا ڊسمينيشن جي سيمينار ۾ ملي چڪا هياسين. پارٽيءَ ۾ منهنجو ڪردار اڳرو اڳرو هو جنهن ڪري سڀني کي ياد رهجي ويو هو ان ڪري ئي ارتڪ هرمين به ايترن سالن کي پوءِ پنهنجائپ سان مليو. ارتڪ اصل آرمينيا جو آهي. ان شام جو ذڪر مون پنهنجي ڪوريا جي سفرنامي ڪيو هو جيڪو هتي جيئن جو تيئن پيش ڪيان ٿو
    ” اسان کي اڳلي شام جو آءِ ايم ايف پاران ڊنر هڪ ريسٽورنٽ ۾ ڏني وئي، جيڪو هڪ بلڊنگ جي 16 ماڙ تي هو. جتان شيشي جي درين مان ٻاهريون منظر ڀلو لڳي رهيو هو. سڀ کان پهريائين ڊرنڪس ڏنيو ويون ۽ شيمپين سان ٽوسٽ ڪيو ويو. هن ريسٽورنٽ جي ماني به سٺي هئي گھڻو ڪري ڊشز يوروپين هيون. مانيءَ کان پوءِ ڊائريڪٽر مهربانيون مڃيون، هن مون کي پنهنجا ڪمينٽس ڏيڻ لاءِ سڏيو منهنجي ڳالهائڻ تي تاڙيون وڄِي ويون. ان کان پوءِ ڊائريڪٽر مون کي چيو ته ٻين کان به ڪمينٽس وٺان. مون مائيڪ تي واري واري سان سڀني کي سڏايو ۽ کين اهو به چيو ته پنهنجا ڪمينٽس ڏيڻ سان گڏ پنهنجي ملڪ جو ڪو گانو به ٻڌائين. هر هڪ انجواءِ پئي ڪيو. منهنجي سڏڻ جي اسٽائيل ۽ هنن سان هلڪي ڦلڪي مذاق سڀني کي وڻي رهي هئي، جنهن ڪري بار بار تاڙيون وڄِايون پئي ويون ۽ IMF جي اين، هر هر اچي منهنجي پٺي پئي ٺپي ۽ ڀاڪر پئي پاتا. ان جو سبب هنن جي ڪامياب ڊنر ٿيڻ ڪري هو. ان کان پوءِ اسان پنهنجي گروپ جي طرفان ميزبانن کي ٿينڪس جا ڪارڊ ڏنا جن تي اسان سڀني حصو وٺندڙن، پنهنجن نالن سان گڏ، انگلش ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ”مهرباني“ لکي هئي. هنن جڏهن ڪارڊ کوليا ته حيرت مان ڏٺو، ڪورين ۽ IMF وارن تقريرن ۾ منهنجي تعريف ڪئي ڇاڪاڻ جو پوري سيمينار ۽ شام جي ايڪٽوٽيز ۾ منهنجو ڀرپور حصو هيو. سڀ مون کي ڀانئڻ لڳا هيا. جنهن جو اندازو فوٽن واري سيشن مان به لڳو ڇو جو هر ماڻهوءَ مون سان فوٽو ڪڍائڻ پئي چاهيو.
    اسان جي آخري ڏينهن تي سيمينار رڳو منجھند تائين هو ۽ پوءِ اڌ ڏينهن جي هڪ مندر جي ٽوئر هئي. سيمينار جي آخر ۾ سڀني کان ڪمينٽس ورتا ويا ۽ سيمينار جي روشنيءَ ۾ سندن ملڪ جو لائحه عمل پڇيو ويو. پارٽيسيپنٽس جتي، ڪوريا، آءِ ايم ايف جا ٿورا ٿي مڃيا اتي منهنجا ٿورا به مڃي رهيا هيا. بقول هنن جي ته مون سندن هن ٽرپ کي يادگار بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن منهنجي ڳالهائڻ جو وارو آيو ته مون به سڀني جا ٿورا مڃيا ۽ فجي جي همراه جا خاص ٿورا مڃيندي چيو
    ” ... مان پنهنجي فجيءَ جي دوست جو به ٿورائتو آهيان(سڀني مون کي حيرت مان ڏٺو) آءِ ايم ايف وارن کان گھڻيون ڳالهيو سکيون اٿم، پر پنهنجي دوست کان سن گلاسز جي نئين استعمال جي باري ۾ سکيو اٿم ته ڪيئن سن گلاسز پائي ڪلاس ۾ ننڊ ڪجي...“
    اصل ۾ اسلامڪ فنانشل سروسز بورڊ، اسلامي ملڪن جي طرفان ٺاهيل هڪ ادارو آهي جنهن جو ڪم آهي ته اسلامڪ بينڪنگ جا اصول، ان جو استعمال ۽ طريقي ڪار جي باري ۾ اسلامي ملڪن کي ڄاڻ ڏئي. ان جو هڪ حصو اسٽيٽسٽڪس جو به آهي جيڪي اسلامڪ بينڪنگ تي ڊيٽا گڏ ڪن ٿا. ان جو هڪ ٽاسڪ فورس ٺهيل آهي جنهن جو ڪم اهو آهي ته اسلامڪ بينڪنگ جا فنانشل سائونڊنيس انڊيڪٽر ٺاهڻ، جنهن جو مطلب آهي ته اهڙا انڊيڪيٽر ٺاهجن جنهن سان اسلامڪ بينڪنگ جي صحت جي باري ۾ خبر پئجي سگھي ۽ جي ڪو بينڪنگ کي خطرو هجي ته ان جي اڳواٽ خبر پئي سگھجي. ان لاءِ 16 ملڪن جو اهو ٽاسڪ فورس ٺهيل آهي جنهن ۾ مان پاڪستان جي نمائندگي ڪندو آهيان. ان جون تقريبن هر چوٿين مهيني هڪ ميٽنگ ٿيندي آهي. جن مان گھڻيون ته ڪوالالمپور مليشيا ۾ ٿي چڪيون آهن ڇو جو هيڊ ڪوارٽر اتي آهي پر ٻيا ملڪ ميزباني ڪندا آهن ته اتي به ٿينديون آهن جيئن سيپٽمبر 2014 ۾ ڊاڪا بنگلاديش ۾ ٿي هئي هن ڀيري وري بحرين ميزباني ڪئي.
    شام جو 5 وڳي ميٽنگ پوري ٿي. ڪمري تي آيس ته فيس بوڪ ميسنجر تي منظور سيٺار جو ميسيج آيو ته ”جي اوهان فري آهيو ته توهان کي بحرين گھمايون“ مون کيس لکيو ته ستين ساڍي ستين وڳي فياض اعواڻ اچڻو آهي ان سان اوهان سيٽنگ ڪري وٺو ته پوءِ ان نموني پروگرام ٺاهيون. فياض سان ڳالهائڻ کان پوءِ هن مون کي ڪال ڪئي ته هو شام جو سڪندر لاکي وٽ ملڻ ايندو. مون ٿوري دير ننڊ ڪئي. واٽس ايپ تان پنهنجي پٽ سان ڳالهايو هن جي سڪ لڳي رهي هئي.
    شام جو وري سڪندر لاکي وٽ گڏ ٿياسين، اهي ڪالهه وارا دوست هياسين، پر پوءِ منظور سيٺار به آيو. ساڻس هي پهرين ملاقات هئي پر فون تي ڳالهائڻ مان ملڻ کان پوءِ هو ٻين جيان پنهنجو پنهنجو لڳو. منظور سيٺار، هتي ڪجھه پراڻن سنڌين مان آهي جيڪي بحرين ۾ رهن ٿا. هنن دوستن جو پاڻ ۾ ته هونئن رابطو هوندو هو پر هاڻي هنن هڪ تنظيم ”سنڌي سنگت بحرين“ ٺاهي آهي. جن جون گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون. هنن سنڌي ڪلچر ڊي به ملهايو هو جنهن ۾ هنن سنڌ مان احمد مغل کي به گھرايو هو. هنن ٻڌايو ته تقريبن 100 کن سنڌي بحرين ۾ رهن ٿا. مون کي هڪ ڳالهه محسوس ٿي ته جيڪي سنڌي (جن سان منهنجي ملاقات ٿي سگھي) بحرين ۾ رهن ٿا اهي مون کي مطمئن نظر آيا. ان جو سبب هڪ ته بحريني دينار جو سگھارو هجڻ به هجي ڇو جو پاڪستاني روپئي ۾ تبديل ڪرڻ سان جام پئسا ٿي وڃن ٿا. ٻيو هتان جا بحريني عرب، ٻين عربن جيان مغرور ناهن. دوستن هتي اهو به ٻڌايو ته ڪافي بلوچ رهن ٿا جن کي هتان جي شهريت به آهي. هونئن به پوليس ۽ فوج ۾ پاڪستاني گھڻا آهن. مون کي ياد آيو ته مڪران ۾ به انهن گلف ملڪن جي فوج لاءِ ريڪروٽمينٽ ڪئي ويندي هئي ۽ حميد بلوچ کي به فوج جي ڪرنل کي مارڻ تان ڦاهي ملي هئي.
    چوڏهين جنوري خميس جو ڏينهن جو ۽ اسان جي ميٽنگ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن تي مون پاڪستان جي باري ۾ پريزنٽيشن ڏني جنهن کي گھڻو پسند ڪيو ويو. مون پنهنجي پريزنٽيشن جيڪا هئي ته اسلامڪ بينڪنگ جي اسٽيٽسٽڪس جي باري ۾ پر مون شروع ۾ پاڪستان جي اقتصادي اهڃاڻ، جاگرافي ۽ هتان جي اهم ماڳن مڪانن جي باري ۾ ٽي چار سلائيڊس ڏيکاريون ان کي خاص ڪري پسند ڪيو ويو. ڇو جو پنهنجن راين ۾ گھڻن اهو اظهار ڪيو ته انهن سلائيڊس جي ڪري هنن کي پاڪستان جي باري ۾ واقفيت وڌي ۽ اها به خبر پئي ته پاڪستان رڳو سخت چهري وارو دهشت وارو ملڪ ناهي پر اتي به قدرت جون خوبصورتيون آهن جيڪي ٻين ملڪن ۾ شايد ئي هجن.
    ڪمري تي ٿوري دير آرام ڪيم. فياض اعواڻ جو ميسيج آيو ته اڄ شام جو دوستن بيچ تي بار بي ڪيو پارٽي رکي آهي ۽ ان کان پوءِ وري ڪنهن ڊسڪو هلبو. شام جو فياض مون کي کڻڻ آيو پر ٻڌايائين ته بيچ تي وڃڻ کان اڳ کائڻ ۽ پيڻ جو بندوبست ڪري هلڻو آهي. ان ڪري هڪ هنڌان ڪچا تڪا، ڪباب ۽ ٻوٽيون ورتائين. اڄ رستن تي ٽرئفڪ گھڻي هئي هڪ ٻن هنڌن تي ته ٽرئفڪ جام هئي، جنهن لاءِ هن ٻڌايو ته اڄ ويڪ اينڊ آهي ۽ هي گھڻيون گاڏيون سعودين جون آهن. اتي شراب، نائيٽ ڪلبن ۽ ڊسڪو ته بندش آهي جنهن ڪري هو خميس جي شام جو اچڻ شروع ٿيندا آهن ٻه ڏينهن رهي وري واپس ورندا آهن. بحرين ۾ شراب جا دڪان آهن جتان ڪو به شخص آسانيءَ سان الڪوحل وٺي سگھجي ٿو. نائيٽ ڪلب، يا ڊسڪو هاڻي رڳو فور يا فائيو اسٽار هوٽلن ۾ آهن. فياض ٻڌايو ته اڳي گھڻا هوندا هئا ذري گھٽ هر محلي ۾ هڪ ٻه اهڙي ڪلب هوندي هئي. دڪان به گھڻا هوندا هئا پر ڪجھه وقت کان وٺي حڪومت اهي بند ڪرايا آهن ان جو سبب هڪ اهو به سمجھه ۾ اچي ٿو ته مزدور ڪم تان لهي پوءِ هوندا هئا پيڻ ۽ ڊانس ڏسڻ جي بلي، جنهن ڪري انهن جي ڪارڪردگيءَ تي اثر پئي پيو. پر مون ڪٿي پڙهيو ته هڪ ٻيو سبب اهو به هو ته بحرين جي ان آزاديءَ جي ڪري بدنامي پئي ٿي. انڪري هنن سڀ بند ڪري رڳو مخصوص هوٽلن کي اجازت ڏني آهي.

    سنڌ ايڪسپريس ۽ اسحاق انصاري جي ٿورن سان

    ___

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ سفر بحرين جو : قسط 3

    اسحاق انصاري

    اسان بيچ تي پهتاسين ته منظور سيٺار به پنهنجي گاڏيءَ ۾ اچي پهتو، ٿوري دير ۾ سڪندر لاکو، رئوف ڀٽو، ڊاڪٽر سفيع الله سومرو، نعيم ميتلو ۽ هنن سان گڏ هڪ سائوٿ انڊين دوست به هئو. ان کان علاوهه محمد علي خاصخيلي ۽ زلفي بلوچ به پهتا. بيچ تي سردي تمام گھڻي هئي ان ڪري ماڻهو به گھٽ هئا. ٿڌي هوا جي ڪري ڄاڙيون پئي کڙڪيون پر هاڻي موٽڻ مهڻو هو ان ڪري هڪ هنڌ سامان رکيوسين واٽر ڪولر لاءِ ٺهيل ڪمري جي هڪ ننڍي ڀت جي اوٽ وٺي ويٺاسين جتي هوا مڙئي گھٽ هئي. پوءِ وري بار بي ڪيو لاءِ جڏهن ٽانڊا ڳاڙها ٿيا ته ٿوري گھڻي سرديءَ کي شڪست آئي. پوءِ ته آهستي آهستي جسم جو گرمي پد وڌندو ويو.
    بار بي ڪيو پچائڻ جو ڪم محمد علي خاصخيلي ۽ زلفي بلوچ جي حوالي هئو. لڳي پيو ته هنن کي ڪافي تجربو هو ڇو جو نه ڪو ڪچو پئي رهيو نه وري ڪو صفا سڙيل. رات جو دير سان واپسي ٿي ته دوستن چيو ته ڊسڪو ٿا هلون. حالانڪ رات به گھڻي ٿي وئي هئي ۽ ٿڪيل به سڀ هياسين پر جيڪا سنگت جي صلاح، ان ڪري سڀ وڃي ڊسڪو ۾ پهتاسين. اتي گھڻائي ٿائي ڇوڪرين جي هئي. اسان به انڌي منڊي ڊانس ڪئي. اتي چڱي دير ويهي ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ هر ڪو پنهنجي گھر ڏانهن راهي ٿيو ڪو سگھرو ته ڪو ڇڙو، مان به هوٽل تي آيس.
    رات دير سان سمهڻ ڪري دير تائين ستل رهيس، هوٽل واري لينڊ لائين فون جي گھنٽي وڳي، مون کنئي ته فياض اعواڻ لائين تي هئو جنهن ٻڌايو ته منظور سيٺار وٽ اوهان جي منجھند جي ماني آهي ۽ هو اوهان جو انتظار پيا ڪن. هو توهان کي کڻڻ ايندو ڪهڙي وقت اچي. مون کيس ٻڌايو ته سندس فون تي اٿيو آهيان بس وهنجي تيار ٿيان ٿو ان حساب سان منظور کي چئو ته مون وٽ اچي. موبائل کڻي ڏٺم ته اتي فياض ۽ منظور جون فونون به لڳل هيون ته نياپا به لکيل هئا پر سائلينٽ هجڻ ڪري مون کي ننڊ مان اٿاري نه سگھيا. جلدي جلدي اليڪٽرڪ جڳ ۾ چانهن لاءِ پاڻي گرم ڪيو ۽ وهنجي سهنجي تيار ٿيس. ڪالهه ئي منظور سيٺار مون کي ٻڌايو هو ته منجھند جي ماني هن پاڻ وٽ رکي آهي ۽ ماني کائڻ کان پوءِ هو مون کي بحرين جا ماڳ مڪان گھمائيندا.
    منظور جي فون اچڻ تي هيٺ لهي آيس، هن سان گڏ سرتاج ملاح به هئو. هو مختلف رستن تان گھمائيندا پنهنجي فليٽ ۾ وٺي آيا. هڪ فليٽ ۾ ڪي دوست ڇڙا رهن ٿا اتي ماني کائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو جڏهن ته ان جي سامهون واري فليٽ ۾ منظور فيملي سان رهي ٿو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ اشفاق سيٺار وري هيٺين فليٽ ۾ فيملي سان رهي پيو. اتي ٻين دوستن، سڪندر بروهي، اصغر چني، اشرف ميمڻ ۽ راشد آرائين سان ملاقات ٿي، فياض به مانيءَ تي سڏايل هو، هو به پنهنجي فيمليءَ سان آيو هو. ماني تمام لذيذ هئي، مڇي ۽ مرغي ٺاهي هيائون. مڇي مٺي پاڻيءَ جي هئي ان ڪري کانئن پڇيم ته هتي مٺي پاڻي جي مڇي ملي ٿي؟ ٻڌايائون ته هتي مٺي پاڻيءَ جي مڇي ٻين ملڪن مان اچي ٿي. هي به بنگلاديش مان آئي آهي. بنگلا ديش ۾ پلو به ملندو آهي جڏهن مان گذريل سال بنگلاديش ويو هيس ته اتي هوٽل وارن کان خاص طور تي پلو تيار ڪرايو هو، پر حقيقت اها آهي ته مون کي اتان واري پلي ۾ اهو سواد نه مليو جيڪو سنڌ ۾ پلي کائڻ ۾ ايندو آهي. سڀني دوستن سان سٺي ڪچهري ٿي. انهن دوستن ٻڌايو ته سندن اهڙيون ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن، ڪڏهن ڪهڙي هنڌ ته ڪڏهن ڪهڙي هنڌ، مطلب ته رابطي ۾ رهن ٿا. انهن ئي رابطن جي ڪري ۽ مسلسل ڪوششن کان پوءِ هنن بحرين ۾ ”سنڌي سنگت“ ٺاهي آهي.
    ماني کائڻ کان پوءِ اسان گھمڻ نڪتاسين. گاڏيءَ ۾ مون سميت، منظور سيٺار جيڪو ڊرائيو ڪري رهيو هئو، سرتاج ملاح، سڪندر بروهي، اشفاق سيٺار ۽ اصغر چنو هئا. سڀ کان پهريائين اسان قلعة البحرين يا بحرين جي قلعي تي آياسين ان قلعي جي سائيٽ گھڻي پراڻي آهي. ڪنهن زماني ۾ اتي دڙا هوندا هئا. جن جي 1954 ۾ کوٽائي ڪئي وئي ته اتي ست تهه نظر آيا جيڪي مختلف دورن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. 2300اهي دور قبل مسيح کان وٺي 18 صديءَ تائين جا آثار ملن ٿا. اندازو اهو لڳايو وڃي ٿو ته اهو علائقو 5000 سال اڳ وسيو هو جيڪو بحرين جي ٽامي ۽ پتل واري دور کي ظاهر ڪري ٿو. اتي پهريون قلعو هزار سال اڳ ٺهيو هو جڏهن ته موجوده قلعو 6 صديءَ ۾ ٺهيل آهي. مون جيئن اڳ لکيو آهي ته اهو دلمن تهذيب جي گاديءَ جو هنڌ هئو ۽ هن هنڌ کي ”لافانيت جي ڌرتي“ سڏيو ويندو هو اهو ذڪر سميرين جي هڪ پراڻي داستان ۾ آهي. جنهن کي Epic of Gilgamesh چيو وڃي ٿو. اهو رزميه داستان 2100 قبل مسيح جو آهي. ان داستان جو پهريون اڌ گلگاميش (Gilgamesh )جيڪو اُرڪ جو بادشاهه هو ۽ هڪ جھنگلي ماڻهو اينڪيدو (Enkidu) جي باري ۾ آهي جنهن کي خدائن ان ڪري پئدا ڪيو هو ته جيئن بادشاهه جي ظّلمن کان ماڻهن کي بچائي سگھي. پر هڪ مختصر لڙائي کان پوءِ ٻئي دوست ٿي ويا ۽ ٻنهي گڏجي هڪ وڏي ديوتا همبابا کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ هنن ”بهشت جي ڏاند“ کي ماريو جيڪو ايشتر ديويءَ، هنن جي پيش قدمي روڪڻ لاءِ موڪليو هو. ان ڳالهه تان ناراض ٿي خدائن اينڪيدو(Enkidu کي ماري ڇڏيو.
    ٻي اڌ ۾ اينڪيدو جي مرڻ کان پوءِ گلگاميش (Gilgamesh) لافاني زندگيءَ جو راز ڳولهڻ لاءِ ڊگھو سفر ڪيو. ان تي اهو داستان لکڻ جي ڪري گلگاميش، لافاني ٿي ويو.
    قلعو سٺي حالت ۾ هو، قلعي جي چوڌاري کڏ به کوٽيل هئي جنهن ۾ ظاهر آهي ان وقت پاڻي هوندو ته جيئن حملي آور قلعي کان پري رهن. اهو قلعو پٿرن مان ٺهيل آهي. قلعو گھمڻ ڪافي ماڻهو آيل هئا جن ۾ ٻاهريان سياح به هئا ته ته اتان جا ماڻهو به هئا. ان کان علاوهه اتي گھوڙا به هئا ته جيئن ماڻهو ان تي سواري ڪري سگھن. قلعو سمنڊ ڪناري ٺهيل آهي. مون ڏٺو ته هتي گھڻا ماڻهو واڪ ڪرڻ ۽ جاگنگ لاءِ به آيل هئا. هونئن به دوست ٻڌائن پيا ته بحريني گھڻو ڪري آئوٽنگ ڪندا آهن. جي ٻيو ڪنهن طرف نه وڃن ته ڪنهن پارڪ ۾ يا کليل هنڌ تي چادر وڇائي، وهاڻا کڻي ڪچهري ڪرڻ شروع ڪندا ۽ پاڻ سان آندل گِرل تي بار بي ڪيو به تيار ڪندا.
    قلعي ڏسڻ کان پو3 سنگت چيو ته هاڻي بحرين جو پهريون تيل وارو کوهه ڏسڻ هلون ٿا، پر حقيقت اها آهي ته اهو پهريون کوهه نه رڳو بحرين جو آهي پر گلف ايريا جو به پهريون کوهه آهي. هاڻي اسان جي گاڏي شهر کان ٻاهر نڪري رهي هئي. گاڏيءَ ۾ هلندي مون منظور سيٺار کان سنڌي سنگت بحرين جي باري ۾ احوال وٺڻ لڳس ته هن جيڪو ٻڌايو اهو هن جي زباني لکان ٿو
    ” شروع کان وٺي منهنجي عادت آهي ته دوستن کي گڏ ڪجي. هڪڙو وڏو گروپ هجي، جنهن ۾ پنهنجا ڏک سک ونڊجن. اهو سلسلو اسڪول کان وٺي جاري آهي. ڪوشش ڪندو آهيان ته پراڻي کان پراڻي دوستن سان به رابطي ۾ هجان. ان سلسلي ۾ هڪ وڏو سلسلو قائم ٿي ويو. سوشل ميڊيا جو دور نه هئو. خط و ڪتابت سان به دوستن سان رابطو رکبو هو، ڪارڊ به رابطي جو اهم جُز هوندو هئو. اهو سلسلو 2004 ۾ بحرين پهچڻ کان پوءِ ڪمزور ٿيڻ لڳو ۽ ان ڪري زندگيءَ ۾ ڪا کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي. بحرين ۾ زندگي تمام تيز ۽ واسطي ۽ رابطي جو فقدان هو. زندگي عجيب محسوس ٿيڻ لڳي شام جو سمنڊ جي ڪناري ويهي دوستن جون ياديون تازه ڪري نئون اتساهه ۽ جذبو پئدا ڪبو هو. مون کي محسوس ٿيو ته دوستن کان سواءِ زندگي اڌوري آهي انڪري مون سوچيو ته ڇو نه اهڙا رابطا بحرين ۾ به پئدا ڪجن. دوستن کي گڏ ڪرڻ ڏکيو ضرور هو پر ناممڪن نه هيو. ڪو به سنڌي بحرين ۾ با ضابطا رابطي ۾ نه هيو سواءِ جمن ملاح جي، پر هو به وڏي فيملي جي ذميواريءَ جي ڪري ڪنهن سان رابطو رکڻ ممڪن نه بڻائي سگھيو. سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو اهو جذبو منهنجي دل ۾ رات ڏينهن وڌندو رهيو. ۽ پنهنجي ويجھن دوستن سان صلاح مشور ڪندو رهيس ته ڇو نه هتي سنڌين کي گڏجڻ جو پليٽ فارم ڏيون.
    ان صلاح ۾ سڀ کان پهرين اسان جي دوست سرتاج ملاح جيڪو مانجھند جو آهي ان حوصله افزائي ڪندي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ڏينهن جو نوڪري ۽ شام جو سنڌين سان رابطي جوسلسلو شروع ڪيو ۽ ان سان گڏ بحرين جي سڀني سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو. پوءِ اهو پاڪستان ايمبيسيءَ جا پروگرام هجن يا پاڪستان ڪلب يا پاڪستاني اسڪول هجي، جنهن جي نتيجي ۾ پنجابي ڪميونٽي کي پنهنجي سنڌي هجڻ جو احساس ڏياريو. ان کان علاوهه ٻين گروپن سان واسطي ۾ رهيس. پنهنجن سنڌي دوستن سان طئي ڪيو ته هر مهيني جي پهرين جمعي(بحرين ۾ جمعو موڪل جو ڏينهن آهي) تي سڀني سنڌين جي دعوت جو سلسو شروع ڪيون. ان سان جيڪي سنڌي رابطي ۾ اچن پيا انهن کي ٽٽڻ نه پيا ڏيون. پر منهنجي منزل اڃا اڳتي هئي. هتي جڏهن آءُ ٻين ڪميونيٽين جي پروگرامن ۾ ويندو هيس ته احساس ٿيندو هو ته اسين سنڌي گھڻو پوئتي آهيون. ان جي لاءِ اڃان گھڻي محنت جي ضرورت هئي. پاڪستان پيرنٽ اسڪول ۽ بحريني فرينڊشپ جي پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيس ۽ مُک ڪردار ادا ڪندو رهيس جنهنڪري بحرين جي وڏي ۾ وڏي پاڪستان اسڪول بحرين جي چيئرمينشپ حاصل ڪئي. ان اسڪول ۾ 3000 کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا ۽ 300 کان وڌيڪ اسٽاف آهي. اهو سلسلو سٺو رهيو ۽ ان ڪري سنڌين سان ملڻ آسان ٿي ويو. ان جي ڪري پاڪستاني سفارتخاني ۽ بحرين سان سٺو واسطو جڙيو. 2009 کان 2015 تائين اسڪول سان رابطي ۾ رهيس ۽ پنهنجين صلاحتن سان اسڪول کي سٺي ٽريڪ تي پهچايو. اسان جي ڳالهه جو سلسلو ٽٽي ويو جو رستي تي ايندڙ ڪجه جڳهن جي باري ۾ دوست معلومات ڏيندا رهيا.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ سفر بحرين جو : چوٿين ۽ آخري قسط

    اسحاق انصاري

    منظور سيٺار پنهنجي ڳالهه جو سلسلو اتان شروع ڪيو جتان ٽٽو هئو.
    ”ان کان علاوهه بحرين ۾ رهندڙ سنڌين سان رابطا وڌندا رهيا. هاڻي پنهنجن ذريعن، سفارتخاني ۽ ٻين ڪميونٽيز کان مدد حاصل ڪري سنڌ ۾ ٻوڏ ۾ ماڻهن جي مدد ڪئي. سعودي عرب مان ايس ايس ڊي پي جي ڪوآرڊينيٽر غلام قادر ملاح صاحب سان وقتن بوقتن صلاح مشور هلندو رهيو ته ڪهڙو پليٽ فارم ٺاهجي هن جي طرفان سٺا مشورا ملندا رهيا. 2010 تائين بحرين ۾ رهندي اٽڪل 90 سيڪڙو سنڌين سان رابطو مڪمل ٿيو ۽ دعوتن جو سلسلو به هلندو رهيو. آخر 2012 ۾ سنڌي سنگت بحرين جو بنياد وڌو ويو. سوشل ميڊيا جي ڪري هاڻي اسان وٽ رابطي جي هڪ اهم ۽ تيز ٽيڪنالاجي موجود هئي. عيد ملن پارٽيون ۽ ننڍا وڏا پروگرام شروع ڪياسين ۽ اسان پنهنجين ڪٽنبن کي ان ۾ حصي وٺڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو.
    ان کان پوءِ 6 ڊسمبر 2014 پهرين سنڌي ڪلچر ڊي ملهايو ويو. ان پروگرام ۾ سڀني سنڌي ڪٽنبن کي گڏ ڪيوسين ۽ سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو جنهن کي عرب ميڊيا پسند ڪيو ۽ ڪور ڪيو. ان کان علاوهه سعودي ۽ پاڪستان ۾ سنڌي ميڊيا به سٺي ڪوريج ڏني، جنهن سان اسان جي حوصله افزائي ٿي.
    سنڌي سنگت بحرين ۾ مون پاڻ کي پوئتي رکيو ۽ دوستن کي اڳتي آندو. سنگت جو پهريون چيئرمين عالگير سروري چونڊيو ويو جيڪو روهڙي جو آهي. جنرل سيڪريٽري سرتاج ملاح، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ۽ فنانس سيڪريٽري فياض اعوان ڳڙهي ياسين واري کي چونڊيوويو. اهو به طئي ڪيو ويو ته هر سال مارچ ۾ چونڊ ڪئي ويندي ۽ سنگت جو تنظيمي ڍانچو به ٺاهبو. ان سلسلي ۾ اسان مختلف زون ٺاهيا. ٻئي سال اليڪشن به ٿي. 2015 ۾ تنظيم جا چار زون به ٺاهيا جن ۾ اي محرڪ زون، بي مناما زون، ، سي عيسى ٽائون ۽ رفا، ڊي جفير. ان اليڪشن ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته چيئرمين جي گھٽ ۾ گھٽ تعليم گرئجوئيٽ هجي ۽ اهو سڀني ڪميونٽيز سان رابطو رکندو. فياض اعواڻ 2015 ۾ چونڊجي آيو. مختلف زونن جا انچارج به مقرر ڪيا ويا. سي سي منظور احمد سيٺار، سي سي عالمگير سروري، چيئرمين فياض اعواڻ، فنانس سيڪريٽري ڪيلاش بترا، جنرل سيڪريٽري ياسر بابلاڻي ۽ انچارجن ۾ راشد اشرف، نثار احمد چنا، سڪتي ڪمار، رسول بخش مگسي شامل هئا.
    هن سال سنڌي سنگت جي پليٽ فارم تان هڪ اهڙو پروگرام ڪرڻ جو ارادو هو جنهن سان سڄي بحرين جي ماڻهن کي سنڌي ڪميونٽي جي خبر پئجي وڃي. ان لاءِ اوپن ايئر پروگرام ڪرڻ ضروري هئو. ايمبيسي کان وٺي ٻين ڪميونٽيز جي اڳواڻن کي گھرائڻ لاءِ دعوتناما ڏيڻ جو پروگرام هئو. ان سلسلي ۾ گھڻو ڪم ڪيو ويو پر جيئن چيو ويندو آهي بندي جي من هڪڙي ته خدا جي من ۾ ٻي، انڪري آخري ٽائيم تي ڪجھه مجبورين ڪري ان وڏي پروگرام کي ايندڙ سال تائين ملتوي ڪيو ويو. 2015 جي پروگرام ۾ سنڌ جي مشهور فنڪار احمد مغل کي به گھرايو جيڪو به اسان جي محنتن کي ڏسي خوش ٿيو ۽ مجموعي طور تي پروگرام ڪامياب رهيو.
    مستقبل ۾ اسان کي حڪومت وٽ هن تنظيم کي رجسٽر ڪرائڻ جو پروگرام آهي ۽ جيترو ٿي سگھيو اسان پنهنجي قوم، ثقافت ۽ سنڌ جي وس آهر خدمت ڪندا رهنداسي“
    ڳالهين هلندي اسان پيٽروليم جي ميوزيم وٽ پهچي وياسين، اها ميوزيم ان هنڌ ٺهيل آهي جتي بحرين جو پهريون تيل جو کوهه نڪتو هو. ڄامشوري جهڙو ماحول هو، زمين پٿرائين هئي. مختلف هنڌن تي تيل نڪري رهيو هو. وري ان ئي رستي تي ڪٿي ڪٿي خيما نظر آيا نظر آيا. جنهن جي لاءِ دوستن ٻڌايو ته اهي خيما عربن جا آهن جيڪي پنهنجن محلاتن جهڙن جڳهن مان نڪري اتي اچي رهندا آهن پراڻي زندگيءَ جو مزو وٺندا آهن. اتي پهتاسين ته ميوزيم بند ٿي چڪو هو. باقي کوهه ۽ ان تي لڳل پائيپ وغيره جا فوٽو ڪڍيا، اتي هڪ بورڊ به لڳل هو جنهن تي کوهه جي باري ۾ معلومات لکيل هئي. اهو کوهه 1931 جي آڪٽوبر ڌاري کوٽجڻ شروع ٿيو ۽ جون 1932 ۾ اتان پهريون ڀيرو تيل نڪرڻ شروع ٿيو، خاص ڳالهه اها آهي ته اهو کوهه گلف جو پهريون کوهه هيو، ان کان پوءِ ٻين ملڪن ۾ به تيل جي ڳولها شروع ٿي. بهرحال، مزو اچي رهيو هئي ڇو جو لڳي پيو ته اسان به عربن جيان ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ کي پسند ڪيون ٿا ڇو جو شهر جون گھڻ ماڙ عمارتون يا وري مارڪيٽ ۽ مال مون کي گھڻو نه ڇڪيندا آهن پر بر، بحر ۽ ريگستان مون کي وڌيڪ وڻندا آهن. انڪري چار ڏينهن شهر ۾ رهي اڄ جڏهن هن طرف نڪتاسين ته منهن جي لاءِ ته موجون ٿي ويون.
    دوستن ٻڌايو ته هاڻي زندگيءَ جو وڻ (Tree of Life) ڏسڻ هلنداسين جيڪو اٽڪل 400 سال پراڻو آهي. اتي پهتاسين ته سج به لهڻ وارو هو، جنهن ڪري منظر خوبصورت ٿيندا پئي ويا. هڪ دڙي تي اهو وڻ هو. لڳي ته ڪنڊيءَ جي وڻ جيان پيو. جڏهن ته ان سڄي علائقي ۾ ڪو وڻ نه هئو. وڻ جي ڊيگهه 20 ۽ 25 فوٽن جي وچ ۾ پئي لڳي. پر خاص ڳالهه اها هئي ته سوڪهڙو هوندي به اهو وڻ اڃان تائين سائو رهي ٿو ۽ وڌندو ويجھندو به رهي ٿو. مون ته ڪجھه فوٽو ڪڍيا پوءِ وري آسپاس جي منظرن جو مزو وٺڻ لڳس. ان دڙي جي به ٿوري کوٽائي ٿيل هئي، خبر پئي ته آثار قديمه وارن کي اتان اهڙا ثبوت مليا آهن ته جن مان اها خبر پئي ته اهو هنڌ به هڪ پراڻي تهذيب جو آهي.
    هن هنڌ تي پري پري تائين ننڍيون ٽڪريون هيون. ان وقت به ان هنڌ تي ڪافي ماڻهو آيل هئا جن ۾ هتان جا به هئا ته ٻاهريان جا به هئا. هتان جون عورتون برقعو ته پائن ٿيون پر گھڻو ڪري منهن نه ٿيون ڍڪن جنهن ڪري ڪاري ڪپڙي سان ڳاڙها مُک ول ول قتل ڪريندا واري ڳالهه هئي. اتي ئي سج لهي ويو هو. اسان سج لهڻ جو مزو وٺندا واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿياسين. منظور سيٺار ۽ دوستن جو خيال هو ته وري هنن سان گڏ سندن فليٽ تي وڃان پر جيئن ته رات جي دير سان سمهڻ ڪري ٿڪل هيس ان ڪري هنن کي چيم ته مون کي هوٽل تي ڇڏين.
    ڪمري تي اچي ٿوري دير ننڊ ڪيم. شام جو ساڍي ستين ڌاري فياض اعواڻ آيو. جنهن سان سڪندر لاکي جي فليٽ تي دوستن سان رات دير سان ڪچهري ٿي. منظور سيٺار مون کي ٻڌايو ته صبح جو هو مون کي کڻڻ ايندو ته جيئن مون کي ايئرپورٽ تي ڇڏي اچي.
    يارهين ڌاري مان هيٺ اچي ويٺس، منظور سيٺار به اچي ويو ، هن مون کي ايئرپورٽ تي ڇڏيو. اميگريشن کان پوءِ اندر ويس ته هڪ هنڌ اردو شاعر ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائس چانسلر پيرزاده قاسم نظر آيو جنهن ٻڌايو ته هو پاڪستان ايمبيسي پاران ڪرايل مشاعري ۾ شرڪت لاءِ آيو هو. هن مون کان حال احوال ورتا ته ڇا اڃان تائين اسان ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ ڪرائيندا آهيون. هن کي اهو ان جي ڪري ياد هو جو اسان پهرين ڪهاڻي ڪانفرنس، ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جنهن جي ان وقت چيئرپرسن پرفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسي هئي ۽ ڪم ڪار ۾ سائين نصير سومرو(اڳوڻو ريڊيو پروڊيوسر ۽ ميڊم خورشيد عباسيءَ جو مڙس) ۽ دلبر دوست عابد مظهر گڏ هيا. ان ڪانفرنس جي نُک تقرير سائين امر جليل ڪئي هئي ۽ سنڌ جي سڀني مُک اديبن، ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي.
    بحرين جو ايئرپورٽ ڪو گھڻو مصروف نظر نه آيو جيئن گلف ملڪن جا ٻيا ايئرپورٽ نظر ايندا آهن. گلف ايئر جي فلائيٽ هئي. مسافرن ۾ گھڻائي پاڪستانين جي هئي. مون گلف ايئر ۾ ٻين ملڪن ڏانهن به ويو آهيان جتي هو سڀ کان پهريائين ڊرنڪس ڏئي ويندا آهن. پر پاڪستان اچڻ وقت هو رڳو ماني ڏيندا آهن ۽ سافٽ ڊرنڪس شامل هونديون آهن باقي جيڪڏهن ڪو مسافر چاهي ته هو گھرائي سگھي ٿو.
    فلائيٽ شام جو ساڍي ڇهين وڳي ڌاري ڪراچي پهتي، سامان اچڻ ۾ گھڻي دير لڳي. سامان کڻي ٻاهر نڪتس ته منهنجي پٽ آدريان انصاري جي گلن جهڙي مرڪ منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو