1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

عورت؛ ذاتي ملڪيت يا گھر جي راڻي؟

'سنڌياڻي' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    260
    ورتل پسنديدگيون:
    533
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    عورت؛ ذاتي ملڪيت يا گھر جي راڻي؟

    شفيق شاڪر

    عورت جنهن هن ڪائنات ۾ تهذيبن کي جنم ڏنو،نبين،ولين،دانشورن،جرنلن ۽ سائنسدانن جي پئدائش جو سرچشمو بڻي،عورت نه هجي ها ته هن ڪائنات ۾ ڪو رنگ ئي نه هجي ها،محبتن ۽ پيار جو ڪو داستان تاريخ ۾ پڙهڻ لاء نه ملي ها.اداسين ۽ تلخين جو راڪاس زندگين کي ڳڙڪائي وڃي ها.عورت جي ايڏي ساري عظمت هئڻ باوجود اها حقيقت آهي ته اها هر دور ۾ مظلوم رهي ۽ اڄ به مظلوم آهي.پراڻن جاهلن معاشرن ۾ عورت کي هڪ غلام واري حيثيت حاصل رهي،سندس آسن ۽ ارمانن جو قتل عام ٿيندو رهيو. سندس راء ۽ خواهشن جو هميشه خون ٿيندو رهيو.عرب جو قديم وحشي معاشروجنهن ۾ ڌيئرن جي ڄمڻ تي خاندان وارن جا منهن ڪارا ٿي ويندا هئا، انهن جي وجود کي پنهن جي عزت ۽ مرتبي تي داغ تصور ڪيو ويندو هو.ايستائين جو معصوم نياڻين کي جيئري دفن ڪرڻ کان به پيئرن جا هٿ نه ڪنبندا هئا.هندي سماج جنهن ۾ عورت کي نحوست جي نشاني سمجھيو ويو،ڪنهن مرد جي ديهانت تي ان جي ونيء کي به بلي چاڙهيو ويندو هو،اڄ به مڙس جي مري وڃڻ تي هندي سماج ۾عام طور تي عورت کي ٻي شاديء جو حق ناهي.يونان جنهن کي علم ۽ فلسفي جي لحاظ کان دنيا جو امام سمجھيو وڃي ٿو ان معاشري ۾ به عورت کي صرف نفساني تسڪين جو ذريعو سمجھيو ويندو هو.يونانين جي نزديڪ عورت هڪ زهريلو وڻ ۽ شيطان کان وڌيڪ ناپاڪ هئي.هو سمجھندا هئا ته عورت مرد جي مقابلي ۾ وڌيڪ عيبن سان ڀريل،گستاخ، گندي ۽ بدڪردار مخلوق آهي.رومي تهذيب جيڪا قانون سازيء جي حوالي سان دنيا ۾ ايئن ئي معتبر سمجھي وڃي ٿي جيئن يوناي تهذيب فلسفي ۾، پر رومي تهذيب ۾ به عورت کي ثانوي حيثيت حاصل هئي،هنن جي نزديڪ عورت جي لاء ڪو روح ناهي ۽ اها عذاب جي هڪ خراب ترين صورت آهي.شاديء کان پوء عورت مڙس جي زرخريد غلام بڻجي ويندي هئي،انهيء کي ڪنهن عهدي تي فائز ٿيڻ جي اجازت نه هئي.فارس جي پراڻي تهذيب ۾ به عورت جو درجو تمام رحم جي قابل رهيو، مڙس پنهن جي زال جي لاء موت جو حڪم جاري ڪري سگھيو ٿي،عورت کي بادشاهن ۽ اميرن جي تسڪين لاء سندن محلن ۾ پيش ڪيو ويندو هو ۽ عورت کي ڪنهن به قسم جي اعتراض يا احتجاج ڪرڻ جي آزادي نه هئي.عيسائي معاشرو جيڪو اڄ دنيا۾ سڌريل ۾ سڌريل معاشرو هئڻ جو دعويدار آهي ان معاشري ۾ عورتن سان جيڪو ناانصافيء وارو ۽ توهين آميز سلوڪ ٿيندو رهيو اهو پڙهندي ڏندين آڱريون اچيو وڃن.عيسائي معاشري ۾ رهبانيت واري رويي عورت کي هڪ قابل نفرت شيء قرار ڏنو،ايستائين جو عورت کي انساني نسل تسليم ڪرڻ کان به انڪار ڪيو ويو.576ع ۾ فرانسسين عورت جي باري ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي صرف اهو فيصلو ڪرڻ لاء ته عورت جو شمار انسانن ۾ ٿئي ٿو يا نه!اهي هيون پراڻن مغاشرن جون ڪجھ جھلڪيون جن مان خبر پوي ٿي ته عورت تي ڪيڏا نه وڏا ظلم ٿيندا رهيا ۽ ڪهڙيء طرح ان عظيم هستيء کي ذلت ۽ توهين جو نشانو بنايو ويو.انهيء سموري دور ۾ مديني جو نبوي معاشرو اهڙو روشنيء جو مينار نظر اچي ٿو جتي عورت جي عظمت عملي طور تي انهن بلندين تي پهتي جو ماء جي قدمن هيٺان جنت هئڻ جي بشارت ڏني ويئي،عورتن تي تشدد ڪرڻ کان روڪيو ويو،انهن سان سهڻي سلوڪ جي تلقين ڪئي ويئي، انهن جي مردن جي ملڪيت ۾ وراثت جوقرآني قانون اچي ويو.جيڪر تعصب ڇڏي انصاف پسنديء سان جائزو وٺبو ته اهو اسلامي معاشرو جيڪو بدقسمتيء سان گھڻو عرصو قائم نه رهي سگھيو پر اهو دور عورت جي حقيقي عزت،احترام،عظمت ۽ شان شوڪت جو سونهري دور هو.بعد ۾ جديد معاشرن ۾ به عورتن کي واپس پستين طرف ڌڪيو ويو.نام نهاد مذهبي سماج هجن يا لبرل معاشرا،عورت سان ظلم اڄ به ساڳيء طرح جاري آهي. ڪنهن ان کي پنهن جي انا ۽ حاڪماڻي سوچ جي ڪري پنهن جو غلام بنائي رکيو آهي ته لبرل معاشرن عورت کي ٽشو پيپر واري حيثيت ڏيئي ڇڏي آهي،اڄ به هن کي حوس جو نشانو بنايو وڃي ٿو،اڄ به هن کي ڪوٺن ۽ محلن ۾ نچڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو،اڄ به هن سان جانورن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو،مغربي معاشرا جيڪي اسان کي عورت جي آزاديء جا درس ڏيندي نٿا ٿڪن، انهن جي پنهن جن معاشرن تي نظر وجھو ته سندن منافقت جو ڀانڊو ڦاٽي پوي ٿو.حالت اها آهي جو يورپ ۽ آمريڪا ۾ مرد شاديون ڪرڻ لاء تيار ناهن،طلاقن جو تعداد پوئتي پيل معاشرن کان اتي تمام وڏو آهي.هي جو پري کان اسان کي انهن معاشرن جي عورت ظاهر ۾ خوش ۽ آزاد نظر اچي ٿي ٿورو انهن جي ويجھو وڃي ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته ساڳيو دردن جو داستان دلين ۾ لڪيل ملندو،ساڳيو محرومين جو قصو سندن روح کي ڏنگي رهيو آهي،ڪنهن وٽ سندن زخمن تي مرهم رکڻ لاء وقت ئي ڪونهي.جيڪر آزدي ۽ عزت ڪنهن عيش عشرت ۽ مادي خوشحاليء جو نالو آهي ته پوء واقعي انهن معاشرن جي عورت آزاد ۽ قابل عزت بڻجي ويئي آهي پر جيڪر عورت جي اندر ۾ هڪ ڌڙڪندڙ دل به موجود آهي جنهن ۾ پيار،محبت،سچائي،خلوص ۽ وفاداريء جي خواهشن جا ڪي احساس ڇوليون هڻن ٿا ته پوء وڏي معذرت سان چوڻو ٿو پوي ته انهن سڌريل معاشرن جي عورت اسان جي پوئتي پيل معاشرن جي عورت کان به گھڻو ويڳاڻي، محروم،مايوس ۽ اداس آهي .توهان خودڪشين جي وڌندڙ لاڙي ۾ عورتن جو تعداد ڏسو ته اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي ويندي. سو اسان جيڪر پنهن جي هن بگڙيل معاشري۾ عورت جو مرتبو متعين ڪرڻ لاء انهن نام نهاد سڌريل سماجن جي پويان اکيون پوري ڊوڙي رهيا آهيون ته اهو اجايو آهي،هنن کي اسان کي ڏيڻ لاء ڪجھ به نه آهي جو هو ان معاملي ۾ خود ئي بيوس،مجبور ۽ محروم آهن. جڏهن دنيا جا پنهن جي پر ۾ اهي سڌريل ملڪ عورت جي آزدي۽مرتبي جا ٻين کي درس ڏين ٿا ۽ عورت جي خلاف تشدد وارين ڪاروائين تي تشويش جو اظهار ڪن ٿا تڏهن ڪو ته سندن انهيء منافقت تي کانئن اهو به پڇي ته اڄ جيڪو انهن پوري دنيا کي پنهن جن جنگي ڪاروائين جي ذريعي جهنم جو نمونو بنائي ڇڏيو آهي انهن حالتن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ عورت ئي آهي جنهن جي دل کي انهن چچريون چچريون ڪري ڇڏيو آهي.پنهن جن معصوم ٻارن ،پنهن جن مڙسن ۽ پنهن جن ڀائرن جي لاشن تي سڀ کان وڌيڪ سڏڪندڙ ۽ بيوسيء وچان رڙيون ڪندڙ اها عورت ئي آهي.اڄ لکين عورتون پنهن جا گھر ڇڏي ،پنهن جن جگر جي ٽڪرن کي گولين ۽ بمن کان بچائڻ لاء ٻين ملڪن جي سرحدن تي ڌڪا کائي رهيون آهن ته انهن جي انهن المين جا ذميدار اهي ئي سڌريل نام نهاد عورتن جي حقن جا ٺيڪيدار ملڪ ئي آهن. عورت کي بازار جي جنس يا پنهن جي ذاتي ملڪيت سمجھڻ يا وري ان کي پنهن جي گھر جي راڻي بنائڻ جو فرق جيڪر اسان کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته پوء اسان جي هن معاشري جو خدا ئي حافظ آهي. هاڻي اچون ٿا پاڪستاني معاشري تي ته هتي به عورت مظلوم آهي، مختلف آئيني بل، عورتن جي تحفظ جانوان نوان قانون ۽ انساني حقن جون تنظيمون هتان جي عورت کي اڄ تائين ڇا ڏيئي سگھيون آهن؟ اسلام آباد يا ڪراچيء جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويهي عورتن جي باري ۾ ڳالهائيندڙ انهن نام نهاد اڳواڻن کي ٻهراڙين ۾ ويٺل عورتن جي درد جي ڪهڙي خبر! جيستائين معاشري جي سوچ ۽ رويا عورت جي باري ۾ تبديل نٿا ٿين انهن قانونن مان ڪجھ به ورڻو سرڻو ناهي،عورت جي نالي تي اڄ به پنهن جي سياست جا دوڪان چمڪايا پيا وڃن،مولوي صاحبن وٽ ته سياست ڪرڻ لاء هاڻي ڪجھ رهيو ئي ناهي سو پنهن جو وجود بچائڻ ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪجھ سيٽون حاصل ڪرڻ لاءعورتن جي منظور ٿيل بل جي خلاف تحريڪ هلائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. حڪومت به صرف منافقت وارو ريو اختيار ڪيو ويٺي آهي،عورتن تي سرعام تيزاب هارڻ ،انهن کي بازار وچ ۾ توهين جو نشانو بنائڻ ۽ انهن کي کلئي عام قتل ڪندڙن کي ئي ڪڏهن ڪا سزا نه آئي آهي ته ڪهڙو قانون ،ڪهڙا بل بس مڙيئي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاء ڪجھ نمائشي ناٽڪ ڪيا پيا وڃن.عورتن جي مناسب تعليم ، تربيت ،شعور ۽ سجاڳيء لاء ته انهن کان ادارا ٺهن ئي نٿا،عورتن تي سرعام ظلم ڪندڙن کي ته اهي سزا ڏيئي نٿا سگھن،عورتن کان جبري پورهيو وٺڻ کي ته اهي روڪي ناهن سگھيا،هليا آهن نوان قانون ٺاهڻ!قانون ٺهي به وڃن ته انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو