1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

برسلز ۾ ڀڙڪيل باھ.

'امن عالم' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    259
    ورتل پسنديدگيون:
    526
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    برسلز ۾ ڀڙڪيل باھ.

    شفيق شاڪر

    يورپي يونين جو گاديء وارو شهر برسلز ان وقت جنگي ميدان ۾ بدلجي ويو جڏهن زيورٽيم انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي مسلسل ٽن بم ڌماڪن جو نشانو بنايو ويو.جنهن کان پوء پوري بيلجيم ۾ سيڪورٽي هاء الرٽ ڪندي ٻاهرين ملڪن سان هر قسم جي آمد رفت جو سلسلو منقطع ڪيو ويو. هن شهر جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته هي نه رڳو بيلجيم جي گاديء جو هنڌ پر 28 ملڪي يورپي يونين ۽ امريڪي ـــ يورپي فوجي اتحاد نيٽو جو هيڊڪواٽرپڻ آهي.هن شهر کي يورپ جو معاشي حب به چيو ويندو آهي.بم جو ٽيون ڌماڪو ان هنڌ ٿيو جتي يورپي يونين جون اهم آفيسون آهن.بيلجيم جي وزيراعظم چارلس مچل فوري طور تي پوري ملڪ ۾ سيڪيورٽي هاء الرٽ رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ برسلز ڏانهن ايندڙ ميٽرو بسن، ٽرينن ۽ ٻي آمدرفت کي بند ڪيو ويو. پيرس ۽ برطانيا کان برسلز ايندڙ ٽرين سروس کي به معطل ڪيو ويو آهي.ماڻهو اهي سوال پڇندا رهيا ته گذريل هفتي ڪجھ دهشتگرد گرفتار ڪرڻ،فرانس ۽ ترڪيء ۾ ٿيل بم ڌماڪن باوجود بيلجيم حڪومت اڳواٽ سيڪيورٽيء جو جوڳو بندوبست ڇو نه ڪيو؟گذريل جمع تي بيلجيم حڪام صالح عبدالسلام کي گرفتار ڪيو هو جيڪو مبينا طور تي نومبر ۾ پيرس ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۾ ملوث هو.انهيء کان صرف چند ڏينهن پهرين بيلجيم پوليس هڪ ٻئي دهشتگرد کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو.انهيء دوران حڪام اهو به ٻڌايو هو ته انهن هٿيارن جو وڏو زخيرو هٿ ڪيو آهي ۽ گرفتار ٿيلن جو تعلق داعش سان آهي جنهن جي ردعمل ۾ داعش ڪابه ڪاروائي ڪري سگھي ٿي.انهيء کان اڳ ترڪيء جي صدر اردگان به اهو امڪان ظاهر ڪيو هو ته جهڙيء طرح انقره کي دهشتگرديء جو نشانو بنايو ويو آهي اهڙا ساڳيا حملا ٻين يورپي ملڪن ۾ به ٿي سگھن ٿا.سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهڙن واضح امڪانن باوجود بيلجيم حڪومت سيڪيورٽيء جا ڪي سخت انتظام ڇو نه ڪيا؟ يورپي يونين جي ملڪن ۾ جنهن شيء سيڪيورٽيء جي حوالي سان ڳڻتين ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي سا اها ته سندن ئي ملڪن مان ڪيترا ماڻهو جيڪي شام ۾ دهشتگرد گروپن سان گڏ وڙهي رهيا هئا انهن مان گھڻا هاڻي شام ۾ جنگ بنديء جي ڪري واپس يورپ موٽي آيا آهن،انهن جهادين ۾ ٻين ملڪن سان گڏوگڏ برطانيا،جرمني،نيڌرليند ۽ فرانس جي شهرين جو وڏو تعداد شامل آهي.شام جي جنگ ۽ وچ اوڀر جي موجوده غيريقينيء واري صورتحال سبب يورپي ملڪن جي سرحدن تي پناهگيرن جون نه کٽندڙ قطارون اڳ ۾ ئي يورپي ملڪن لاء مٿي جو سور بنيل آهن.انهن حالتن ۾ برسلز جيڪو 28 ملڪن جو انتظامي هيڊڪوارٽر آهي انهيء کي ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا به سخت سيڪيورٽي چيليجز کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو.سيڪيورٽيء جي حوالي سان مولنبيڪ ۽ ٻين يورپي شهرن ۾ عرب ڪميونٽيز تي ڪيل ڪاروائيون يورپ جي لاء سيڪيورٽيء جا مسئلا تمام گھڻو وڌائي ڇڏيندا۽ ڏسجي ته اهي ملڪ ان دهشتگرديء کي ڪهڙيء طرح منهن ڏين ٿا.نيٽو جي فوجي مرڪز واري شهر ۾ هاڻوڪي هيڏي وڏي ڪاروائيء يورپ جي ٻين شهرن جي سلامتيء ۽ امن جي باري ۾ ڪيترائي سواليه نشان پيدا ڪري ڇڏيا آهن.دنيا ۾ دهشتگرديء جي پيدا ٿيل تازي لهر جي پويان آمريڪا ۽ يورپ خاص طور تي برطانيا،فرانس ۽ جرمنيء پاران شام ۾ فوجي ڪاروائيون،اتان جي حڪومت مخالف ويڙهاڪ باغي گروپن جي مدد ۽ وچ اوڀر ۾ سندن غلط پاليسيون هڪ اهم فيڪٽر آهن جنهن حقيقت کي اهي ملڪ اڄ به تسليم ڪرڻ لاء تيار ناهن.برطانيا ۽ فرانس طرفان انهن باغي ويڙهاڪ گروپن کي شام ۾ وڙهڻ لاء مهيا ڪيل هٿيار ويڙهاڪن سميت واپس سندن ملڪن ڏانهن موٽي رهيا آهن.اهي طاقتور ۽ خطرناڪ هٿيار گھر ويٺي داعش،القائده ۽ بين دهشتگرد تنظيمن جي هٿ ۾ اچي ويا آهن جن کي ماڊريت ٽيرر جو لقب ڏيئي شام ۾ صدر اسد جي حڪومت ختم ڪرڻ لاء استعمال ڪيو پئي ويو.انهيء کان سواء پوري دنيا مان ويڙهاڪ ڀرتي ڪري انهن کي انهن ئي ملڪن طرفان شام موڪليو ويو ته صدر اسد کي سبق سيکاري سگھجي.اها اهائي عظيم غلطي آهي جيڪا هنن ڪڏهن عراق ۽ افغانستان ۾ ته ڪڏهن لبيا ۽ يمن ۾ ڪئي هئي.

    اولھ جي هڪ اخبار برسلز جي تازن حملن تي هنن لفظن ۾ تبصرو ڪيو آهي،

    “ انهن دهشتگرد ڪاروائين جون پاڙون اولھ جي ملڪن جي غلط پرڏيهي پاليسين ۾ آهن.گذريل ٽيهن سالن کان آمريڪا، برطانيا،فرانس ۽ جرمني وغيره پنهن جا مفاد حاصل ڪرڻ لاء جهادي دهشتگردن سان ڳٺجوڙ ڪري انهن کي هٿيار ۽ پئسو ڏيئي استعمال ڪندا رهيا آهن.۽ جڏهن اوهين بدنام دهشتگردن ۽ ڏوهارين سان لاڳاپا رکندا ته ايئن ئي ٿيندو آهي جو هڪ ڏينهن اهي دهشتگرد هٿيارن سميت اوهان ڏانهن ئي رخ ڪندا آهن.1980ع ۾ آمريڪا ۽ برطانيا افغانستان ۾ روس جي خلاف مجاهدن ۽ اساما بن لادن جي مدد ڪندا رهيا،1990ع ۾ اهي ئي ملڪ بوسنيا جي جنگ ۾ ٻاهران ايندڙ مجاهدن جي مدد ڪندا رهيا.اهي آمريڪي هئا جن ويڙهاڪ مجاهدن کي يورپ ۾ آندو.جنهن کان پوء آمريڪين اتحادين سان گڏجي عراق تي قبضو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ به انهن لکين ويڙهاڪ پيدا ڪري ڇڏيا.”
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو