ونڊوز رجسٽري سبق ٽيون

'ونڊوز رجسٽري' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    جيڪڏهن توهان ونڊوز جي اهڙن پيغامن کان تنگ آهيو خصوصا" هن پيغام کان ته توهان کي گهرجي ته پهريان ريسائيڪل بن واري ٽوڪري کي خالي ڪري ڇڏيو ۽ انٽرنيٽ سان پيدا ٿيندڙ عارضي فائيلز کي پڻ ختم ڪري ڇڏيو. ان جي باوجود به جيڪڏهن توهان جي اڳيان ونڊوز جو ساڳيو پيغام اچي ته ونڊوز رجسٽري جي ذريعي ان پيغام کي ٻيهر ظاهر ٿيڻ کان روڪي سگهو ٿا....
    توهان کي ٻڌائيندو هلان ته هن عمل سان توهان صرف ونڊوز جي انهي پيغام کي روڪي سگهو ٿا..... باقي هارڊ ڊسڪ جي سپيس کي وڌائڻ لاءِ توهان کي ڪجهه ٻيو ئي سوچڻو پوندو..

    سٽارٽ بٽڻ کي ڪلڪ ڪري Run سليڪٽ ڪريو جتي Regedit ٽائيپ ڪري ڪي بورڊ سان انٽر پريس ڪريو توهان جي اڳيان ونڊوز رجسٽري جي ونڊو کلي ويندي...
    هاڻي هن ڪي تي پهچو...
    HKEY_Current_User\Software\Microsoft\Windows\CurrentVersion\Policies\Explorer
    هتي پهچي Edit Menu تي ڪلڪ ڪري پهريان New ۽ پوءِ DWORD Value سليڪٽ ڪريو. توهان ڏسندو ته هڪ نئين ڪي ٺهي پوندي جنهن جو نالو NoLowDiskSpaceChecks رکو بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح مون لکيو آهي يعني بغير سپيس جي ۽ ننڍن وڏن اکرن سان... هاڻي هن کي مائوس جي مدد سان ڊبل ڪلڪ ڪري هن جي Value data زيرو کان تبديل ڪري 1 رکو. تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو.

    [​IMG]

    بس Ok بٽڻ کي پريس ڪري ڪمپيوٽر کي ري سٽارٽ ڪري ڇڏيو.
    لڳي ٿو سائين نثار ناز سميت ڪافي سنگت هي سبق پڙهي منجهي پئي ته ڪم ته ڀلو آهي پر ٿورو ٽيڙو آهي ائين نه ٿئي جون ڪرڻ ڪجهه چاهيون ۽ ٿي ڪجهه وڃي.....
    سائين جيئن ته توهان ونڊوز رجسٽري ۾ پهريون دفعو تبديلي ڪرڻ وڃي رهيا آهيو ان ڪري توهان کي ٿوري پريشاني ٿي رهي آهي اڳتي هلي توهان کي ونڊوز رجسٽري جون جادوئي ٽرڪس ڏکيون نه لڳنديون...
    ان جي باوجود توهان جي سهولت لاءِ مون انهي ساڳي عمل کي انتهائي آسان بڻايو آهي. اهو ائين ته هيٺ زپ فارميٽ ۾ هڪ فائيل ڳنڍي رهيو آهيان سڀ کان پهريان ان کي ايڪسٽريڪٽ ڪريو هاڻي توهان جي اڳيان هڪ LowDiskNotification.reg جي نالي سان هڪ رجسٽري فائيل ايندي جنهن کي مون مٿئين پوري عمل ڪرڻ لاءِ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي بس توهان ٻيو ڪجهه به نه ڪريو صرف هڪ دفعو هن فائيل کي مائوس جي ذريعي ڊبل ڪلڪ ڪري ڪمپيوٽر کي ري سٽارٽ ڪري ڇڏيو. توهان جو مٿي ڏسيل مسئلو حل ٿي ويندو....
    دعائن ۾ ياد رکندا...

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    نوٽ-: پهريان ونڊوز رجسٽري جو بيڪ اپ ضرور ٺاهيندا ڪريو جيئن غلطي ڪرڻ جي صورت ۾ رجسٽري کي ٻيهر سيٽ ڪري سگهو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين رشيد صاحب تمام بهتري ڪم واري ٽرڪ ٻڌائي اٿو
    پر توهان جو ڏنل فائيل به تمام زبردست آهي ادا
    lajwab-sharing
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    منهنجا مٺا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي، اهڙي آسان سان رجسٽري سيکارڻ واهه واهه سائين واهه، ويچاري ولو هاڻي ڪمپيوٽر جا پئسا ڇو ڀري، بس هاڻي ته اسان پنهنجو استاد اچي ويو آهي۔

    مٺا ڦلپوٽه فقير، ادا رشيد جيڪا فائيل ڳنڍي آهي، اهو هڪ سافٽ ويئر نه بلڪ ساڳئي رجسٽري جو فائيل ٺهيل آهي۔ جيڪڏهن توهان کي رجسٽري ٺاهڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي ته توهان ڳنڍيل فائيل کي استعمال ڪري سگهو ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    مهرباني ادا وهاب جو توهان نشاندهي ڪئي shal judy hujeen
     
  5. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: ونڊوز رجسٽري سبق ٽيون

    ادا واه بهترين شيئرنگ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو