1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

جنگي جنون ۽ آمريڪا جو اندروني بحران.

'امن عالم' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    260
    ورتل پسنديدگيون:
    531
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    جنگي جنون ۽ آمريڪا جو اندروني بحران.

    شفيق شاڪر

    آمريڪا جي هڪ اڳوڻي ريپبلڪن صدر ايزين هائوئر ڪهڙو نه خوب چيو هو ته “ هر بندوق جيڪا ٺاهي پيئي وڃي، هر جنگ جيڪا لڙي پيئي وڃي ۽ هر راڪيٽ جيڪو فائير ڪيو پيو وڃي،آخرڪار اهو نتيجو ئي ظاهر ڪري ٿو ته اها سڀ چوري آهي ماڻهن جي خزاني جي جيڪي ماڻهو بکن وچان مري رهيا آهن،اهي جيڪي سيء کان ٿڙڪي رهيا آهن پر وٽن اوڍڻ لاء لٽو ڪونهي،هٿيارن سان کيڏندڙ هيء دنيا رڳو پئسو خرچ نه ڪري رهي آهي پر اها مزدورن جو پگھر به لٽائي رهي آهي،پنهن جي سائنسدانن جي مهارت به ضايع ڪري رهي آهي،پنهن جن ٻارن جون اميدون به وڃائي رهي آهي، سالم عقل ۽ فهم جي لحاظ کان اهو ڪنهن به طريقي سان زندگيء جو ڪو سليقو ناهي، جنگين جي ڪڪرن هيٺان اها صرف اڪيلي انسانيت ئي آهي جنهن کي ٽياس تي ٽنگيو ويو آهي.”

    جنگين جي تاريخ شايد ايتري پراڻي آهي جيتري پراڻي خود انساني تاريخ!ان جو بنيادي سبب انسان جي پنهن جي جنگجو فطرت۽ ٻين ڪمزور انسانن کي ڏاڍ جي بنياد تي پنهن جو غلام بنائي رکڻ جي خواهش آهي.پراڻن جاهل معاشرن کان ويندي اڄ جي نام نهاد سڌريل معاشرن تائين انسانيت هڪ ڏينهن به سڪون جو ساه نه کنيو آهي.اڄ جيڪر دنيا اسان کي دوزخ جو نمونو نظر اچي ٿي ته انهيء جي پويان به اهم سبب انساني سوچ جي اهائي ڪمزورن کي لتاڙي ۽ چپاڙي مٿانئن پنهن جي مرضي هلائڻ جي خواهش ئي ڪم ڪندي نظر اچي ٿي.انهن طاقتور قومن ٻين مخالف ملڪن ۽ قومن تي ته جيڪي قهر ڪيا سي پنهن جي جڳھ تي الڳ ظلم جاڪئين داستان بڻيل آهن پر انهن ملڪن خود پنهن جي عوام کي به معاشي،سياسي ،سماجي ۽ نفسياتي طور تي جهڙيء طرح متاثر ڪيو آهي انهيء تي به هنن کي ڪڏهن ڪو پڇتاء نه ٿيو آهي.گذريل ڊگھي عرصي کان مختلف حيلن ۽ بهانن سان دنيا جواڪيلو چوڌري بڻيل آمريڪا پنهن جن ٻين چيلن سان گڏجي پوري دنيا ۾ جيڪا رت جي راند کيڏندو رهيو آهي ان راند جا خطرناڪ اثر اڄ ٻين ملڪن جون حدون اورانگھي خود يورپ ۽ آمريڪا جي سرحدن ۾ داخل ٿي چڪا آهن.جنهن جا ڏيک فرانس ۾ ٿيندڙ تازن حملن، ترڪيء ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن ۽ بيلجيم ۾ ٿيندڙ تازين دهشتگرد ڪاروائين جي صورت ۾ پسي سگھجن ٿا.شام جو انهن ڇا حشر ڪيو،لبيا سان انهن ڪهڙي ويڌن ڪئي، عراقين سان انهن ڪهڙا ظلم ڪيا،يمن ۾ انهن ڪهڙا عذاب آندا،ڪمبوڊيا ۽ ويتنام سان هنن ڪهڙي ويڌن ڪئي ۽ افغانستان ۾ انهن ڪهڙو امن قائم ڪيو،ڪيوبا ۽ يوگنڊا ۾ انهن ڪهڙا گل پوکيا،انهيء جو ته اسان ذڪر ئي نٿا ڪيون.اسين ته اهو ٿا پڇون ته انهن خود آمريڪا ۽ يورپ جي عوام کي ڇا ڏنو؟ سواء ان جي ته پوري دنيا ۾ سندن قومي بدنامي،سڄي عالم ۾ سندن خلاف نفرت ۽ غصو،هر هنڌ تي غيرمحفوظ هئڻ جو احساس،نفسياتي پريشانيون،سندن فوجين جا لاش،بي روزگاري ۽ معاشي بدحالي!انهن سڌريل ملڪن جي ان کان وڌيڪ بدنصيبي ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي جو اهي پنهن جا سمورا وسيلا ۽ توانائيون عوامي ڀلائيء جي منصوبن تي خرچ ڪرڻ بدران يا ته ٻين ملڪن ۾ جاري جنگين تي يا وري پنهن جن ملڪن جي سلامتيء جي اپائن تي خرچ ڪري رهيا آهن.توهان تصور ڪريو ته اهڙو ملڪ جيڪو دنيا ۾ سپر پاور هئڻ جو دعويدار آهي،نيوڪليئر طاقت ۾ ڪو سندس مٽ ۽ ثاني ناهي،روزانو هزارين بم ٻين ملڪن جي ماڻهن تي وسائي ٿو پر سندس پنهن جا ٻار تعليم جي بنيادي حق کان محروم ٿيندا ٿا وڃن ايستائين جوانهن آمريڪين جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي جن وٽ پنهن جو گھر ئي نه آهي.اهي ڳالهيون اسان دنيا جي پوئتي پيل ملڪن جا ماڻهو نه پر خود سندن پنهن جي ميڊيا ۽ ٻيا ادارا ڪري رهيا آهن.اهڙو ملڪ جيڪو هن وقت ٽريلين ڊالر صرف پنهن جي اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي نطام تي خرچ ڪري رهيو آهي، دنيا سمجھي ٿي ته ان ملڪ ۾ غربت نالي ڪا شيء ڪيئن موجود هوندي!ٿورو 2016ع جي آمريڪي صدارتي مهم تي نظر ڊوڙايو ته ڪيترائي اميدوار ماڻهن جي قابل رحم حالت.کي بدلائڻ لاء پنهن جن تقريرن ۾ اهي دعوائون ڪندي نظر اچن ٿا ته اهي اقتدار ۾ اچي جنگي خرچ گھٽائي ڇڏيندا.عام آمريڪي جيڪي ڏينهون ڏينهن ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ٿيندا ٿا وڃن اهو هڪ الڳ موضوع آهي پر هن وقت آمريڪا ۾ خاص طور تي ساحلي علائقن جا ماڻهو وڏي حد تائين بي گھريء واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.آمريڪا ۾ هن وقت بي گھر ماڻهن جي تعداد جو صحيح ڪاٿو لڳائڻ ته مشڪل آهي پر ان جو اندازو هڪ انديڪيٽر مان لڳائي سگھجي ٿو،اهو انڊيڪيٽر آهي مختلف اسڪولن ۾ داخل ٿيندڙ ٻار. جن مان گھڻن وٽ پنهن جن گھرن جو پتو موجود ناهي.“ چائيلد ٽرينڊ ڊيٽا بينڪ” مطابق سال 2013 ۽ 2014ع ۾ اسڪولن ۾ داخلا وٺندڙ آمريڪي شاگردن مان 14 لک ٻار اهڙا هئا جن وٽ اسڪولن جي ريڪارڊ مطابق سندن گھر جو پتو موجود نه هو.ٻين لفظن ۾ انهن ٻارن وٽ ڪو پنهن جو گھر هو ئي ڪونه! غيرجانبدار ذريعن مطابق آمريڪا ۾ اهڙن بي گھر ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن تيزيء سان وڌي رهيو آهي.هڪ سرمائيداراڻي نطام ۾ جتي دولت صرف چند هٿن ۾ جمع ٿيندي هجي ۽ جتان جي حڪومت پنهن جو پورو پئسو صرف اندوروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي تي خرچ ڪندي هجي،اهڙي ملڪ ۾ ان صورتحال تي ڪو تعجب نه هئڻ گھرجي.

    ڪيليفورنيا کان واشنگٽن جي رياست تائين،ميڪسيڪو کان ڪينيڊا جي سرحد تائين انهن رياستن جا ميئر انهن بي گھر ماڻهن جي بحران ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿا.10 ڊسمبر 2015ع تي ان بحران تي قابو پائڻ جي حوالي سان پورٽ لينڊ ۾ ميئرز جي هڪ ڪانفرنس پڻ ٿي چڪي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو