• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌين جي فوجي مهارت : دادا سنڌي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
voptoh.jpg

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (134) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان هي اهم ڪتاب ”سنڌين جي فوجي مهارت“ نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب هر سنڌيءَ کي پڙهڻ گهرجي جيئن هو ان ڳالهين کان واقف ٿئي ته سنڌ جي جوڌن هر دور ۾ ڪيئن نه ڌرتيءَ مٿان پاڻ قربان ڪيو آهي. سنڌين ڪيئن ڌارين سان مهاڏا اٽڪائي سکي سنڌ کي بچائڻ جي جدوجهد ڪئي آهي.
اسان ٿورائتا آهيون سوڀيدري سان تعلق رکندڙ علم ۽ ادب دوست شخصيت سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. سائين شاهنواز سومرو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي سنڌي ڪتابن جي ڪمپوزنگ وارو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڪاوشون ساراهه لائق آهن جو ڪمپيوٽر تي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ سدائين جاکوڙيندا رهيا آهن.

ڪتاب ۾ پڙهندا:

دراوڙن جو دور، آرين جو دور، مھا ڀارت ۽ رامائڻ جو جو دور، سنڌي فوجي ڏيساور ۾، سڪندر جو دور، موريه گھراڻي جو دور، راءِ گھراڻي جو دور، برھمڻ گھراڻي جو دور، عربن جو دور، دھليءَ جي مرڪزيت جو دور، سومرن جو دور، سمن جو دور، ارغونن ۽ ترخانن جو دور، مغلن جو دور، ڪلھوڙن جو دور، ٽالپرن جو دور، انگريزن جو دور ۽ پاڪستان جو دور.


 
Back
Top