شاعر، ڪهاڻيڪار، ليکڪ ۽ صحافي واحد پارس هيسباڻي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    شاعر، ڪهاڻيڪار، ليکڪ ۽ صحافي
    واحد پارس هيسباڻي
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون
    ___

    ساڻس فيسبوڪ تي دوستي هئي سا به ڇڊي، سندس لکڻيون ۽ عبرت ۾ ڪيل ادبي پورهيي کي پڙهندو رهندو هئي. ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ هڪ سيمينار ۾ پٺيان واري قطار ۾ ويٺل شخص مونکي نالو کڻي سڏيو ۽ پڇيو ته مان ئي سليمان وساڻ آهيان نه !!! مون هاڪار ڪئي ۽ کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ ئي تعارف ڪندي ٻڌايائين ته هو واحد پارس هيسباڻي آهي. ڪچهري مختصر ئي ٿي جو پروگرام ۾ تقريرون هلي رهيون هيون. پوءِ فون تي يا ميسيجز ۽ فيسبوڪ تي ڪچهري ٿيندي رهي.
    سنڌ جو ناميارو اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ صحافي واحد پارس هيسباڻي ولد عبدالڪريم هيسباڻي 1 اپريل 1975ع تي ڳوٺ گل محمد هيسباڻي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. بنيادي پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان ۽ انٽر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ميموريل ڪاليج ڏوڪري مان ڪيائين. ماسٽرس سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۾ ڪيائين. هن لکڻ جو سلسلو ٻاراڻي ادب کان 1992ع ۾ شروع ڪيو.سندس پهرين ٻارن جي ڪهاڻي ‘ڏکن جي ڏيهه ۾’ روزاني هلال پاڪستان جي ٻارن جي صفحي ‘ٻارڙا اکين جا تارڙا’ ۾ 1992ع ۾ شايع ٿي. هن ٻارن جي ان صفحي ۾ 6 سالن تائين مسلسل هفتيوار ڪالم پڻ لکيو. سندس سڃاڻپ اديب،شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار جي آهي. سندس ٽي هزار جي لڳ ڀڳ لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. جن ۾ روزاني عبرت، ڪاوش، عوامي آواز، هلال پاڪستان. جاڳو، برسات، سنڌو، تعمير سنڌ، هلچل، پاڪ سنڌ، پڪار، سڪار ۽ مئگزينن ۾ عبرت مئگزين، سوجهرو، پڙاڏو، نئين سوچ، نئين زندگي، مهراڻ، هالار، سنڌ رنگ، نئين سوچ، سنڌ دوست، ساڻيهه، ساڃاهه، ادب ۽ ٻيا شامل آهن. کيس بهترين ليکڪ جو لڳاتار ٻه ڀيرا اي پي اين ايس صدارتي ايوارڊ 2011ع ۽ 2012ع ۾ ايوان صدر اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هٿان ملي چڪو آهي. ان کانسواءِ مختلف ادارن طرفان کيس مليل مڃتا ايوارڊن ۽ سرٽيفڪيٽن جو به هڪ وڏو تعداد آهي.
    عملي زندگي جي شروعات 1999ع ۾ روزاني هلچل حيدرآباد ۾ ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج جي حيثيت کان ڪيائين ۽ ان اداري جي ٻارن جي ماهوار رسالي ‘گلن جهڙا ٻارڙا ’ جو ايڊيٽر پڻ بڻيو. ان کانسواءِ پاڻ ٽنڊوڄام مان جاري ٿيندڙ ٻارن جي رسالي ‘گلڙا’ جو پڻ ايڊيٽر رهيو. 2000ع ۾ پندرنهن روزه عبرت مئگزين جو ائن ڪرڻ بعد ان جو پهريان اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ پوءِ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر بڻيو. روزاني عبرت جي ايڊيٽوريل صفحي ۽ سنڊي ايڊيشن تي به ڪافي عرصو خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ 2008ع کان مسلسل روزاني عبرت ۾ هر آچر تي هفتيوار ادبي صفحو ‘تخليقڪار’ ترتيب ڏئي رهيو آهي، جيڪو ادبي حلقي ۾ تمام گهڻو مقبول آهي. واحد پارس هيسباڻي جي علمي ادبي خدمتن جو وڏو تفصيل آهي. خاص ڪري ڪرنٽ افيئرز تي لکڻ ۾ کيس وڏو دسترس حاصل آهي ۽ مستقل مزاجي سان مختلف موضوعن تي لکي رهيو آهي. سندس پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو آهي. پاڻ هن وقت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشوري ۾ پبليڪيشن آفيسر جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون سر انجام ڏئي رهيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو