پير حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جو روشن ستارو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پير حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جو روشن ستارو

    ستار ڀٽي


    پير حسام الدين راشديءَ جو ڳاڻيٽو تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جي دنيا جي اهڙن هستين ۾ ٿئي ٿو، جن دنيا جي تمام مشڪل موضوع يعني قديم تاريخ جون الجهيل ڳنڍيون سلجهايون تحقيق وسيلي سنڌ جي قديم تاريخ ۾ اهڙن ڪيترن ئي ناياب ورقن جو واڌارو ڪيو جيڪي گمناميءَ جي پردي ۾ ڍڪجي يا حادثن جو شڪار بڻجي قومن جي تاريخ مان وسارجي ويا هئا. سندس خدمتن جو دائرو ۽ شهرت ايران، افغانستان، عربستان ۽ روس تائين وسيع هيو ۽ سندس ڄاڻ جي کاڻ مان پوري دنيا جا اديب عالم اسڪالر تحقيق جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ايندا رهندا هيا. سندس ذاتي ڪتب خانو رهبريءَ لاءِ پوري دنيا ۾ مشهور هيو. جيڪي سندس وصيت مطابق سنڌ الاجي کي ڏنا ويا ۽ اڄ پڻ سنڌ الاجي ۾ پير حسام الدين راشدي لائبريري ڪارنر موجود آهي.

    کيس ٻولين تي ايترو ته عبور هيو جو اردو ادب جا ڪيترائي ادارو سندس مشورن سان هلندا هيا. اڄ جا سڀ اردو عالم ۽ دانشور سندس رهنمائي ۾ پاڻ بڻائي سگهيا. پير صاحب جي تاريخ نويسي ڏانهن لاڙي ۽ تاريخ تي ڏنل ڪتابن مان اسان کي اڀياس حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏي مورخ ”ڊيورنٽ“ جي ڪتاب ”دليسن آف هسٽري“ جي هنن جملن کي سمجهڻو پوندو ته ”تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ جي مطالعي مان ڇا فائدو؟ تاريخ کي اوهان صرف ان لاءِ پڙهيو ته قومن جي عروج ۽ زوال جون داستانون يا بادشاهن جي دردناڪ آخري انجام جا واقعا بيان ڪيل آهن. ڇا اوهان روشن سجاڳ حال خاطر ماضي جي کاردار ڪنڊن يا قابل فخر ورقن مان رهنمائي حاصل ڪئي آهي ته جيئن ڪنهن به تبديلي يا انقلاب مهل ڪو وري ڌوڪو نه کائي وڃو؟“

    راشدي صاحب جو ڳاڻيٽو دنيا جي انهن ڏاهن محققن ۾ ٿئي ٿو، جن جي نگاهه عام انسان کان وڌيڪ گهري، حالات ۽ واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ ۽ تاريخي وهڪري مطابق هوندي آهي. علم جي اها منزل تاريخ نويسيءَ کي هڪ مڪمل عملي فن جي معراج ڏئي ٿي، جنهن ذريعي مورخ قومن جي عروج ۽ زوال جي رنگين داستانن کان پرڀرو ٿي اصل حقيقتن ڀريل سچ ۽ صداقتن، سببن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪري قومن جي حال ۽ مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت خاڪو تراشي ٿو ڏئي. راشدي صاحب تاريخ لاءِ اصل حقيقتن ۽ معاشري جي لاڙن ۽ روين جي تهه تائين پهچندڙ تاريخدان آهي. هن تاريخ جي دنيا ۾ اهڙيون تمام خالي جڳهيون ڀريون آهن، باب مڪمل ڪيا آهن، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري رهجي ويا هيا. پير صاحب جو اهو ڪمال هيو جو هو اهو به ڄاڻيندو هيو ته تاريخ جو وهڪرو جاگرافي جي تابع هوندو آهي، اها جاگرافي معاشري ۾ اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي جنم ڏيندي آهي، سنڌ جي جاگرافي وري برصغير جي تابع جو ڪارڻ بڻي. سنڌ جي ماضي جي حيثيت ۽ اثر وري ان وقت جي تاريخ جي تمام وڏن تهذيبي انقلابن، سياسي اثرن ۽ معاشرتي تبديلين لاءِ تجربي گاهه ثابت ٿي. جتي قديم سنڌ جي حيثيت ايتري شاهوڪار هئي ته اتي وري وقت گذرڻ ڪري سنڌ جي تاريخ مٽجندي وئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسلام کان اڳ ٻڌ ۽ هندو دور جون شهادتون حاصل ڪو نه آهن، پر مغلن، ارغونن، ترخانن جي دورن جي وڃايل يا تبديل ڪيل تاريخ راشدي صاحب حاصل ڪئي. ڇاڪاڻ ته هو فارسي، عربي ۽ اردو زبان جو عالم هيو. پير شيراز ۽ اصفحان جي باقياتي آثارن مان يا افغانستان،، دهلي جي گورستان مان قديم تهذيب جا سنڌ تهذيب يا سنڌ جي جاگرافي اقتصادي لاڳاپن سان هڪ جڙائپ يا ويجهڙائپ ڳولهي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هڪ بهادر جنگ جو پر امن پسند، شاهوڪار وادي ۽ تهذيب جي مالڪ رهي آهي. پير صاحب جي لکيل ٽيتاليهه ڪتابن جي هر هڪ ڪتاب ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سال ۽ وڌ ۾ وڌ هزار سالن جي تاريخ ۽ واقعن جو تسلسل موجود آهي، جنهن لاءِ هو پئرس مشهد، ڪابل، عليڳڙهه، لنڊن، آڪسفورڊ جي لائبريرين ۾ مهينن تائين ڪتابن ۾ گم رهيو.

    پير صاحب روس ويو، وچ ايشيا جون تاريخي جايون ۽ علمي مرڪز ڏٺا، ٻه ڀيرا چين ۽ ٻه سال فلپائن ۾ رهيو. پير صاحب پنهنجو يادگار ڪتاب ”هوڏو ٿي هو ڏينهن“ به منيلا ۾ لکيو هيو، پير صاحب 1952ع ۾ عراق، هندستان، شام ۽ لنڊن جون تاريخي جڳهيون، ميوزم ۽ ڪتب خانا ڏٺا. 1956ع ۾ به بغداد، شام ۽ لبنان ويو، 1958ع ۾ افغانستان جي دوري ۾ تفصيل سان سنڌ ۽ افغانستان لاڳاپن تي تحقيق ڪيائين. 1963ع ۾ بغداد جي حڪومت پاران 12 سئو سالا جشن ۾ شرڪت ڪيائين. 1964ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران کيس روس ۾ علمي کوجنا لاءِ موڪليو ويو. 1964ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ قديم آثارن تي تحقيق لاءِ ويو. 1965ع ۾ کين روسي ڪلچرل ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾ پاڪستاني ليکڪن جي وفد ۾ (30 اپريل کان 15 مئي) تائين چين ويو. 1966ع ۾ شهنشاهه ايران طرفان کيس پهلوي ڪتب خاني جي ٿيندڙ ايران شناس عالمن جي عالمي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ خاص طرح گهرايو ويو. وري سيپٽمبر 1966ع ۾ افغانستان حڪومت جي سرڪاري دعوت تي افغانستان ويو.

    سندس ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهه جهاني“ ۾ سترهين صديءَ جي دور کي سمايو ويو آهي جو هن وقت تائين تاريخ ۾ سڀ کان وڏو دستاويزي رڪارڊ ليکيو وڃي ٿو. تاريخدان جي حيثيت ۾ وٽس صرف حقيقت، اصل ۽ سچ ئي معيار هيو. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندي سنڌي قوم جي ورثي سان ڌارين جا ڏاڍ بيان ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته ”سومرن ۽ سمن جي دور جو علمي خزانو ارغونن ۽ مغلن جي لشڪر ڪشي سبب تباهه ٿي ويو، جنهن لاءِ اسان چئي نٿا سگهون ته علم ۽ ادب جو خزانو ڪيترو هيو“. تنهن هوندي به راشدي صاحب مغلن ۽ ارغونن جي تاريخ، ڪهاڻين روايتن ۽ حوالن کي حاصل ڪري سومرن ۽ سمن جا اديب ۽ عالم ظاهر ڪيا. سندس ڪتاب سنڌ جي ماضي بابت هڪ جرڪندڙ آئينو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن کي عام پڙهندڙ جي هٿن ۾ آندو وڃي.

    پير حسام الدين راشدي صاحب قوم پرست، سوشلسٽ اديب عالم، دانشور کان علاوه انسان دوست ۽ همدرد شخص هيو، ڪڏهن به پاڻ مٿان الزامن جو جواب نه ڏيندو هو. سندس چوڻ هيو ته ”تاريخ جو سڀ کان وڏو ڏکوئيندڙ پهلو هي آهي ته هن هر سچ لکڻ واري کي سزا وار سمجهيو آهي، ڪير غلط ڪير درست آهي اهو مستقبل جي مورخ جي فيصلي لاءِ رکيل آهي“.

    پير حسام الدين راشدي جهڙو عالمي معيار جو سنڌي تاريخدان يا محقق گذريل هڪ صدي ۾ پيدا ڪو نه ٿيو آهي ۽ اهو خال اڃا تائين خالي آهي. پير صاحب کي سنڌ جو آئزڪ نيوٽن يا ابن خلدون به چئي سگهجي ٿو. هو الرازي گليلو يا مائيڪل انجيلو وانگر عظيم انسان هيو جن پنهنجي ماحول جا زنجير ٽوڙي ذهني آزادي حاصل ڪئي ۽ دنيا کي ايندڙ صدي تائين حيرت، سونهن ۽ سوچ لاءِ مواد ڏنو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محقق، صحافي ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي

    رضوان گل

    سنڌ جي زرخير مٽيءَ مان اهڙا آدرشي انسان پيدا ٿيا آهن، جن جي قابليت کي نه فقط ملڪي پر بين الاقوامي سطح جي عالمن، اديبن ۽ دانشورن ۾ مڃتا ملي آهي، اهڙن مهان انسانن ۾ تاريخ ۽ تحقيق جي شعبي جي تمام اهم ۽ قد آور شخصيت پير حسام الدين راشديءَ جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. سندس جنم لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتي ديري جي ڳوٺ ”بهمڻ“ ۾ تاريخ 20 سيپٽمبر 1911ع تي ٿيو.حسام الدين راشدي جي تربيت ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي جتي علم جو حصول ڪافي مشڪل هو. سندس وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي ناليواري عالم علي محمد شاهه راشدي ۽ هن جي پرورش سندن ڏاڏي ڪئي.حسام الدين کي گھر ۾ پيار مان ”ڏنل شاهه“ سڏيندا هئا.
    حسام الدين راشديءَ شروعاتي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ، مولوي محمد الياس پنهور ۽ مولوي سيد علي شاهه لڪياريءَ کان ورتي، انهن بزرگن وٽ چار درجا سنڌيءَ جا ۽ سڪندر نامي تائين پڙهيو. کيس پڙهڻ جو شوق پير علي محمد راشديءَ کي مطالعو ڪندي ڏسڻ کان پوءِ ٿيو. پير علي محمد جي گُھرايل ڪتابن جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪيائين، فارسي ڪتابن پڙهڻ لاءِ هن فارسي جي تعليم حاجي خادم لاڙڪاڻويءَ کان حاصل ڪئي.
    لکڻ جي شروعات 1926ع ۾ ”جاڳو“ اخبار سان ڪيائين. ٻنهي ڀائرن گڏجي 1928ع ۾ پنهنجي ڳوٺ بهمڻ مان ”الراشد“ نالي رسالو جاري ڪيو. ان وقت حسام الدين راشدي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعريڪندو هو.1929ع ۾ سکر مان جاري ٿيل رسالي”المنار“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ”سنڌ زميندار“ ۾ ايڊيٽوريل لکيائين ۽ ايئن صحافتي دنيا سان مسلسل واڳيل رهيو.
    اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن سکر مان 1934عڌاري پنهنجي اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪئي، ”ستاره سنڌ“ ۾ ان دور جي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ڀرپور لکڻيون ڇپجڻ لڳيون ۽ ايئن ان دؤر ۾ ان اخبار راتو رات تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ورتي. پاڻ ان وقت جي ٻين اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيائينجهڙوڪ، ”الوحيد“، ”توحيد“ ۽ ”قرباني“ وغيره. سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيدسنڌي ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي سان سندس گهڻي ويجھڙائي رهي.
    حسام الدين شاهه راشدي سنڌ جو ارڏو، اٽل ارادن وارو، نيڪ نيت ۽ بيباڪ صحافي هئڻ سان گڏ وطن دوست دانشور هو. هن ٻهشاديون ڪيون، پهرين گهر واريءَ مان کيس هڪ نياڻي ٿيس، جيڪا به گذاري وئي، ان بعد کيسٻي ڪا اولاد نه ٿي سگهي. هن پنهنجي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ جي پٽ حسين شاهه راشدي ۽ نياڻي حسنابيبيءَ کي پنهنجي ٻارن وانگر پاليو ۽ انهن کي ئي سموري ملڪيت جو وارث به بڻايو.
    پير حسام الدين راشديءَ جي فارسي ٻوليءَ تي دسترس هئي. هن ڪيترائي ڪتاب فارسيءَ ۾ پڻ تحرير ڪيا. بنيادي طور سندس سبجيڪٽ تاريخ، تحقيق ۽ ٻولي هيو، انهيءَ ڪري سندس اڪثر لکڻيون تاريخي واقعن ۽ انهن واقعن جي نون رخن ۽ حقيقتن سان ڀريل آهن. اهڙا رخ جن کي اڳ ڪنهن محقق ان انداز سان بيان نه ڪيو آهي. هن پنهنجي زندگي تحقيقي ۽ ادبي ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. سندس ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، ”مڪلي نامو“، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ”تذڪره مير خاني“ ۽ ”معصوم بکري“ سنڌي ادب جو تمام وڏو خزانو آهن. پاڻ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ورثي تي چڙهيل دَزَ کي هٽائي صاف، شفاف ۽ اجرو ڪري ايندڙ وقت جي محققن لاءِ راهون هموار ڪري ڏنائين. اڻ ٿڪ محنت ۽ راتين جي اوجاڳن جي نتيجي ۾ هن سنڌ جي تاريخ جا زبون ورق نئين سر جوڙي انهن جي تشريح ڪئي ۽ ائين سنڌي ادب، ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت کي صدين تائين محفوظ ڪري ڇڏيو. رات جي تاريڪي ۽ ڏينهن جي روشنيءَ کان بي خبر ٿي هو علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ڪندو رهيو. تهران يونيورسٽي پاران سن 1974 ۾ فارسي ٻوليءَ جي خدمت عيوض کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي.
    پير حسام الدين جي ذاتي لائبريري مان نه فقط پاڪستان پر ايران، افغانستان ۽ روس جا عالم، اديب ۽ محقق پڻ فيض وٺندا هئا. سنڌي ۽ فارسي کان علاوه اردو زبان تي پڻ عبور هئس. دوستن جو دوست هو، ڪوڙ کان سخت نفرت هئس، سچ منهن سامهون چوڻ ۽ ٻڌڻ کيس پسند هو. سندس اڪثر وقت پنهنجي ڪتب خاني ۾ گذرندو هو. فوٽو گرافي ۽ راڳ ٻڌڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي هيس. پاڻ سنڌ جو نالو پوري دنيا جي تاريخدانن ۾ روشن ڪري پنهنجي تحقيقي پورهئي ذريعي اهو پيغام ڏنائين ته هن ڀونءَ جا واسي اَيامَن کان غير معمولي ڪم سرانجام ڏيندڙ رهيا آهن، جنهن جي شاهدي هن خطي جي تاريخ آهي، جيڪا هزارين سال قديم آهي. 43 ڪتابن جي مصنف پير حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ جو ارغونن ۽ ترخانن جي دور کان ويندي گذريل صديءَ تائين جو تقابلي جائزو وٺي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي بهادر قوم آهي جنهن جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ ئي پيار ۽ پنهنجائپ آهي ۽ هن ڌرتيءَ جا وارث صدين کان امن پسند رهيا آهن.
    نامياري ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن ستار ڀٽيءَ پير حسام الدين راشدي جي تاريخ نويسيءَ واري حوالي تي، پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته: ”پير حسام الدين راشديءَ جو شمار تاريخ، تحقيق،علم ۽ ادب جي دنيا جي اهڙن هستين ۾ ٿئي ٿو، جن دنيا جي تمام مشڪل موضوع يعني قديمتاريخ جون الجهيل ڳنڍيون سلجهايون، تحقيق وسيلي سنڌ جي قديم تاريخ ۾ اهڙن ڪيترن ئي ناياب ورقن جو واڌارو ڪيو جيڪي گمناميءَ جي پردي ۾ ڍڪجي يا حادثن جو شڪار بڻجي قومنجي تاريخ مان وسارجي ويا هئا. سندس خدمتن جو دائرو ۽ شهرت ايران، افغانستان،عربستان ۽ روس تائين وسيع هيو ۽ سندس ڄاڻ جي کاڻ مان پوري دنيا جا اديب عالم اسڪالرتحقيق جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ايندا رهندا هيا. سندس ذاتي ڪتب خانو رهبريءَ لاءِپوري دنيا ۾ مشهور هيو. جيڪو سندس وصيت مطابق سنڌالاجي کي ڏنو ويو ۽ اڄ پڻ سنڌالاجي ۾ پير حسام الدين راشدي لائبريري ڪارنر موجود آهي. کيس مختلف زبانن تي ايترو تهعبور هيو، جو اردو ادب جا ڪيترائي ادارا سندس مشورن سان هلندا هيا. پير صاحب جي تاريخ نويسي ڏانهن لاڙي۽ تاريخ تي ڏنل ڪتابن مان اسان کي اڀياس حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏي مورخ ”ڊيورنٽ“ جي ڪتاب ”دي ليسن آف هسٽري“ جي هنن جملن کي سمجهڻو پوندو ته ”تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ جيمطالعي مان ڇا فائدو؟ تاريخ کي اوهان صرف ان لاءِ پڙهيو ته قومن جي عروج ۽ زوال جونداستانن يا بادشاهن جي دردناڪ آخري انجام جا واقعا بيان ڪيل آهن. ڇا اوهان روشنسجاڳ حال خاطر ماضي جي خاردار ڪنڊن يا قابل فخر ورقن مان رهنمائي حاصل ڪئي آهي تهجيئن ڪنهن به تبديلي يا انقلاب مهل ڪو وري ڌوڪو نه کائي وڃو؟“
    راشدي صاحب جو شماردنيا جي انهن ڏاهن محققن ۾ ٿئي ٿو، جن جي نگاهه عام انسان کان وڌيڪ گهري، حالات ۽واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ ۽ تاريخي وهڪري مطابق هوندي آهي. علم جي اها منزل تاريخ نويسيءَکي هڪ مڪمل عملي فن جي معراج ڏئي ٿي، جنهن ذريعي مورخ قومن جي عروج ۽ زوال جي رنگينداستانن کان پرڀرو ٿي اصل حقيقتن ڀريل سچ ۽ صداقتن، سببن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪري قومن جيحال ۽ مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت خاڪو تراشي ٿو ڏئي. راشدي صاحب تاريخ لاءِ اصل حقيقتن۽ معاشري جي لاڙن ۽ روين جي تهه تائين پهچندڙ تاريخدان آهي. هن تاريخ جي دنيا ۾ اهڙيون تمام خالي جڳهيون ڀريون آهن، باب مڪمل ڪيا آهن، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي تاريخلکڻ وقت ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري رهجي ويا هيا. پير صاحب جو اهو ڪمال هيو جو هو اهو به ڄاڻيندو هيو ته تاريخ جو وهڪرو جاگرافي جي تابع هوندو آهي، اها جاگرافي معاشري ۾اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي جنم ڏيندي آهي.“
    پير حسام الدين راشدي جهڙا تاريخ ساز شخص سچ ته صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن، ڇا لاءِ ته هو هڪ گهڻ رخو عالم، اديب ۽ محقق هو، جنهن علم، ادب، صحافت، ثقافت، جاگرافي، تاريخ، سماجيات، اقتصاديات ۽ ٻوليءَ ۾ هڪ ئي وقت خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هر هڪ موضوع سان انصاف ڪيو. اهي لکڻيون تاريخ جا اهم دستاويز پڻ آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي ڇرڪائيندڙ حقيقتون لڪل آهن. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اها خوش بختي آهي، جو هن قسم جا آدرشي انسان هن خطي جي سڃاڻپ بڻيا. خاص طور تي راشدي خاندان جو علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ناقابلِ فراموش آهي. جيڪو ڪيترين ئي صدين تي حاوي رهندو. پهرئين اپريل 1982ع تي ڪينسر وگهي سندس لاڏاڻو ٿيو. کيس پنهنجي ڪيل قلمي پورهئي معرفت هميشه ياد رکيو ويندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ شناس پير حسام الدين راشدي

    مدد علي سنڌي

    چون ٿا ته اسان سنڌي، پنهنجن محسنن کي نه وساريندا آهيون. ۽ هونئن به چوڻي آهي ته زنده قومون پنهنجن هيروز کي سدائين ياد رکنديون آهن. انهن جي نالن تي ادارا ٺاهينديون آهن. يونيورسٽي ۽ ڪاليجون قائم ڪنديون آهن. هنن جا ڏينهن ملهائي مٿن عقيدت جا گل نڇاور ڪنديون آهن.
    پر پير حسام الدين راشدي کي سنڌ بلڪل وساري ڇڏيو. جنهن ماڻهو، سنڌ جي تاريخ تي لازوال ڪم ڪيو. ان عظيم انسان جي نالي ۾، سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ ڪابه چيئر قائم ڪونهي. نه سنڌ يونيورسٽي ۾، نه خيرپور جي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾، نه وري ڪراچي يونيورسٽي ۾، رهي نالو الله جو. اهو حال آهي اسان جي تعليمي ادارن جو! سنڌ يونيورسٽي جي عاليشان اداري سنڌلاجي کي قائم ڪرائڻ ۾ پڻ سندس هٿ هو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ تاريخ تي ڪم ڪرڻ لاءِ مشهور ادارو انسٽيٽوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ٺهرايائين. سنڌي ادبي بورڊ کي پنهنجو رت ۽ ست ڏيئي زور وٺرايو. سنڌ جي بيرحم معاشري ۾، اڄ ٻارهين مهيني، سندس ورسي تي سندس مزار تي ڪو چادر چاڙهڻ وارو ته ڇا پر هڪڙو گل رکڻ وارو به ڪونهي! ڪجهه ورهيه اڳ، جڏهن غلام رباني آگرو، ۽ حسين شاھ راشدي جيئرا هئا ته ٻه چار ڀيرا، ڪراچي ۾ پير صاحب جي وفات واري ڏينهن وڏا فنڪشن ٿيا. تقريرون به ٿيون، پر پوءِ خود حسين شاھ راشدي مرحوم جو به انٽريسٽ وڃي ٻين ڳالهين تي پيو. ان ڪري پير صاحب جون سوين يادگار شيون ڪٻٽن ۾ بند ٿي ويون. حسين شاھ جي وفات کانپوءِ ته الائي ڪهڙو حال آهي انهن شين جو، جن ۾ سوين خط هئا. هزارين تاريخي تصويرون هيون. هاڻي ته وڃي بچيون آهن فقط ڳالهيون. پر ڳالهيون به ڪيتريون آهن. مٿي ذڪر ڪيم مختلف چيئرز جو. چيئرز ڪم ڪن، ته اها سٺي ڳالهه اهي. پوءِ اهي ڪم ڪن ٿيون يا نه. ان تي بحث ڪونهي. مثال طور سنڌ يونيورسٽي ۾ مرزا قليچ بيگ چيئر آهي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر آهي، خيرپور يونيورسٽي ۾ سچل چيئر ۽ شيخ اياز چيئر آهي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي چيئر به آهي. وڏي ڳالهه ته ڊاڪٽر نبي بخش جي نالي ڊاڪٽر بلوچ انسٽيٽيوٽ آف ڪلچر اينڊ هيريٽيج به آهي. پر پير حسام الدين راشدي انسٽيٽيوٽ آف ڪلچر اينڊ هيريٽيج ڪونهي. محسوس ائين ٿي رهيو آهي، ڪو موچارو ڪامورو رٽائرڊ ٿئي ته سندس ويهڻ لاءِ وري ڪو ٻيو ادارو ٺهي ويندو، پير حسام الدين راشديءَ سان تعصب جو مظاهرو جاري رهندو. ان تي پاڻ وڌيڪ نٿا ڳالهايون.
    پير حسام الدين راشدي، سنڌ جي تاريخ جو ڪڏهن به نه وسرندڙ شخص هو. آئون اڃا ڪالهه ايلفي(هاڻوڪي زيب النساءِ اسٽريٽ) تي پنڌ ويس پئي، اوچتو مون کي اتان هلندي، پير صاحب ياد اچي ويو. ايلفي اسٽريٽ تي ڪنهن وقت پاڪ آمريڪن بوڪ اسٽال جي سامهون، حميد ڪاشميري جو ننڍڙو بوڪ شاپ هوندو هو. پير صاحب تڏهن جناح جي مقبري ويجهو، جمشيد روڊ تي رهندو هو. روزانو شام جو 5 وڳي پير صاحب موٽر ۾ چڙهي ايلفي اسٽريٽ اچي لهندو، پوءِ اتي واڪ ڪندو هو، هٿ ۾ ڪاري تسبيح، بت تي پتلون ۽ شرٽ اکين تي ڪارو چشمو پيرن ۾ انگريزي بوٽ ۽ چپن تي خبر ناهي ڇا پڙهندو هو. ڪيترا ڀيرا، ساڻس اتي گهمندي ملاقات ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسانجي چوڻ تي بنهه ڀر ۾ واقع ايلفي ريسٽورنٽ تي هلي چانهن پيئندو هو.
    ان مهل منهنجي اکين هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، سامهون حميد ڪاشميري جي بوڪ شاپ جي جاءِ تي ڪوئي گارمينٽ جو دڪان هو. ڀر ۾ ڪنهن سوناري جي شاپ هئي، اجنبي ماڻهو، اجنبي چهرا، ڪڏهن، اچيو هو، ته پير صاحب، حميد ڪاشميري، شمشيرالحيدري، يا ڪنهن ٻئي اديب سان ملاقات ٿيندي هئي. پر هاڻ ته چهرا ئي ڪي ٻيا هئا. ته اڳتون ريو سئنيما هئي ساڄي ڪنڊ تي فارسي، ڪتابن جو الماس بوڪ شاپ هوندو هو. ان جو مالڪ آغا شهر يار پير صاحب جو ذاتي دوست هوندو هو. اهو پير صاحب لاءِ ايران مان فارسي ڪتاب گهرائيندو هو مون ڪنڌ ورائي الماس بوڪ ڊپو ڏانهن ڏٺو، اهو شاپ به ڪوريئر جي دڪان ۾ بدلجي ويو هو.

    هنڌ اهي ئي ماڳ، پر جت نه پسان جوءِ ۾!

    سچ پچ ته جڏهن سنڌ جي تاريخ تي ڪنهن ماڻهوءَ لکڻ شروع ڪيو ته اهو پير حسام الدين راشدي جي قابل احترام نالي تي اچي بيهي رهندو. ڇاڪاڻ پير صاحب ئي اهو عالم هو، جنهن سنڌ جي تاريخ بابت فارسيءَ ۾ لکيل ڪتابن کي سهيڙي انهن جا شاندار مقدما لکي، سنڌي ادبي بورڊ کان شايع ڪرايو. نه رڳو اهو بلڪه انهن تاريخي ڪتابن کي شايع ڪرائڻ لاءِ هن پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي ۽ دوست ممتاز حسن ذريعي مرڪزي حڪومت کان هڪ خاص گرانٽ بورڊ کي وٺي ڏني هئي، ته جيئن انهن فارسي ڪتابن شايع ڪرڻ جو مالي بار بورڊ تي نه پوي. اهي فارسي ڪتاب، جيڪي سنڌ جي تاريخ هئا. تمام ضعيف حالتن ۾ موجود هئا.
    مون پهريون ڀيرو پير صاحب کي، ڀٽ شاھ ۾ شاھ جي عرس تي ڏٺو هو. اها ڳالهه اڌ صدي اڳ جي آهي. بابا ۽ ماما مرحوم اسانکي ننڍڙي هوندي هر سال ڀٽ شاھ ۽ قلندر جي ميلن تي ضرور وٺي هلندا هئا.
    ساڳي ڏينهن اسان ادبي ڪانفرنس ۾ ويا هئاسين ۽ اتي پير حسام الدين شاھ راشدي صدارتي خطبو پڙهيو هو. اها تقرير بعد ۾ مون کي ڪٿي ڇپيل هٿ آئي. ان تقرير ۾ پير صاحب لکيو هو ته:
    ” شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اهڙي نرمي ۽ لطافت آهي، جهڙو ريشم پٽ نازڪ ٿيندو آهي. جنهن کي ڇهڻ سان هڪ لذت محسوس ٿيندي آهي. ۽ بلڪل انهيءَ قسم جي لطافت شاھ جي ڪلام ۾ آهي. انڪري ضروري آهي ته شاھ جو گهري نگاھ سان مطالعو ڪجي شاھ متعلق ڪو به مواد آهي، جيڪو اڄ تائين گڏ نه ٿي سگهيو آهي. اهو گڏ ڪجي. ان جو مطالعو ڪري پوءِ شاھ صاحب تي ويهي لکجي. شاھ جي دور جي سياسي ۽ تمدني تاريخ کي مواد گڏ ڪري مفصل نموني لکجي. پوءِ اسانکي معلوم ٿيندو ته ڪهڙا محرڪات هئا. جن جي بنا تي شاھ اهو شعر جوڙيو! هاڻي اوهين پاڻ ملاحظه فرمايو ته اڌ صدي اڳ پير صاحب جو شاھ سان ڪيڏو نه عشق هو بلڪه انهن سالن ۾ هو صاحب، پنجاب، سرحد ۽ بنگال مان اديبن، خاص ڪري رائيٽرز گلڊ وارن کي ڀٽ شاھ وٺي ايندو هو. جن ۾ نقوش رسالي لاهور جي ايڊيٽر محترم محمد طفيل مرحوم به شامل هو.
    ڀٽو صاحب 1972ع ۾ اقتدار ۾ آيو، هن پهرين يا ٻيو فون، پير حسام الدين راشدي کي ڪراچي ۾ ڪيو هو. تڏهن پير صاحب جو ٽيليفون خراب هو. يڪدم همراھ آيا، فون به ٺاهي ويا. ته ڀٽو صاحب جو فون به اچي ويو. چوڻ لڳو ” چاچا، هاڻ هر شئي پنهنجي حوالي آيل آهي حڪم ڪريو ڇا ڪجي اوهان لاءِ پير صاحب چيو ” صاحب، ٻيو ته سڀ خير آهي، پر مهرباني ڪري پهرين ئي فرصت ۾ موهن جي دڙي جو خيال ڪريو، جيڪو تباهه ٿي رهيو آهي.“ ڀٽي صاحب وراڻيو، ”پوءِ ڇا ڪجي، اوهين رٿا ٺاهي موڪليو. پير صاحب وراڻيو ” مهرباني ڪري موهن جي دڙي تي انٽرنيشنل سيمينار ڪرايو آئون اوهان کي ان لاءِ هڪ رٿا موڪلي ٿو ڏيان“ پوءِ پير صاحب موهن جي دڙي بابت هڪ رٿا ٺاهي ڀٽو صاحب کي اماڻي موڪلي. ڀٽو صاحب، 26، 25 فيبروري 1973ع تي موهن جي دڙي تي هڪ انٽرنيشنل سيمينار ڪرايو ان سيمينار ۾ مختلف ملڪن جهڙوڪ جپان، انگلينڊ، فرانس ۽ ٻين ملڪن جا عالم اچي شريڪ ٿيا هئا. اتي ئي جپان جي حڪومت موهن جي دڙي جي بچاءُ لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري لکين ڊالرز موهن جي دڙي لاءِ ڏنا هئا.
    ڀٽو صاحب، پير حسام الدين راشدي جي وطن دوستي جو نمونو، ان وقت به ڏٺو هو، جڏهن سال 1961 ۾ ، فيلڊ مارشل صدر ايوب خان وٽ پير صاحب کي ڏٺو هو. ايوب خان، تڏهن ڀٽ شاھ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جو افتتاح ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاھ پهتو هو. پير صاحب تڏهن ايوب خان کان ملاقات لاءِ ٽائيم ورتو هو. ملاقات ۾ ڀٽو صاحب به موجود هو. اتي پير صاحب، ايوب خان کي چيو هو ته فيلڊ مارشل صاحب، ڇا هاڻ اسان عالم ۽ ادبي، بيوروڪريٽن کان هدايتون وٺي علم ۽ ادب جي لاءِ ڪم ڪنداسيون.“
    پير صاحب ان ڳالهه تي ايوب خان تعجب ۾ اچي ويو هو. يڪدم چيو هئائين، ” مون اوهانجي ڳالهه بلڪل نه سمجهي، ان تي پير صاحب چيو ته صدر صاحب منهنجو اشارو سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن آهي، جنهن جو چيئرمين توهان حيدرآباد جي هڪ ڪمشنر کي ڪيو آهي.“ ان تي ايوب خان چيو ته ”پير صاحب پوءِ مهرباني ڪري سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين ٿيو؟“ ان تي پير حسام الدين راشدي چيو ته مون ان لاءِ اوهان کان ٽائيم هرگز نه ورتو هو. پر ان عهدي تي ڪوبه اهل علم يا عالم کي مقرر ڪريو!“ ان وچ ۾ ڀٽو صاحب، جيڪو اتي ملاقات ۾ ويٺل هو، يڪدم چيو ته چيئرمين جي عهدي لاءِ صدر صاحب، مخدوم طالب الموليٰ بهتر آهي. جيڪو ميمبر قومي اسيمبلي به آهي!“ پير صاحب ان رٿ تي هاڪار ڪئي، ته ايوب خان حڪم جاري ڪيو، ته سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ڪمشنر حيدرآباد بدران، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي مقرر ڪيو وڃي!“ پوءِ مخدوم صاحب، ان عهدي لاءِ اٽڪل ٽيهارو ورهيه ڪم ڪيو.
    پير صاحب حسام الدين راشديءَ ئي هو، جنهن ڀٽو صاحب کي رٿ موڪلي ڏني ته سنڌ جي تهذيب تاريخ ۽ تمدن هڪ انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي. ۽ پوءِ هن سنڌ ٿرو سينچريز انٽرنيشنل ڪانفرنس جي رٿ، انگريزيءَ ۾ ٽائپ ڪرائي، ڀٽو صاحب کي اماڻي موڪلي هئي. پير صاحب جي رٿ تي ، سنڌ حڪومت ڀٽو صاحب جي حڪم تي مارچ 1975ع ۾ هڪ عاليشان انٽرنيشنل سنڌ ٿرڊ سينچريز ڪانفرنس ڪراچي ۾ ڪرائي هئي. ان ڪانفرنس جو افتتاح بيگم نصرت ڀٽو ڪيو هو. ڪانفرنس ۾ سموري دنيا جا عالم ۽ اسڪالر اچي شريڪ ٿيا هئا، جن عالمن پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا هئا، اهي بعد ۾ سنڌ جي ڪلچر کاتي، سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرايا هئا. اڄ اوهين اهي تحقيقي مقالا پڙهي ڏسو. اهان کي ان ڪانفرنس جي اهميت جو اندازو ٿي ويندو.
    اڃا به هڪ اڌ ڳالهه ڪندو هلان ته پاڪستان ۾ اڳي ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي نالي سان ڪا وزارت، صوبن يا وفاق ۾ ڪو نه هوندي هئي. پير صاحب مرحوم، 1974ع ۾ وزيراعظم پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي خط لکيو، ته جيئن ايران ۾ فرزانه فرهنگ هنر جي نالي سان اتان جي ڪلچر، ادب لاءِ وزارت قائم آهي، ان وانگر وفاقي ۽ سنڌ ۾ به ڪلچر کاتا قائم ڪيا وڃن. سندس انهن رٿ تي سال 1977ع ۾ مرڪز ۽ صوبن ۾ ڪلچر کاتا قائم ٿيا. بلڪه وفاق ۾ سندس صلاح سان مشهور شاعر فيض احمد فيض کي وفاقي ڪلچر کاتي جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. سنڌ ۾ به ڪلچر ڊپارٽمينٽ، سنڌ جي صوبائي وزارت تعليم جي هٿ هيٺ ڪم ڪرڻ لڳو، پيار علي الانا مرحوم تڏهن صوبائي وزير تعليم هو. ۽ محترم حميد آخوند کي ڪلچر کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    تمام بھترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو