سنڌي ٻوليءَ جو نامور اديب، محقق، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس محمد عثمان ميمڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب، محقق، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس محمد عثمان ميمڻ ولد محمد بچل جو جنم پهرين اپريل 1952ع تي منڇر ڪنڌيءَ تي واقع تاريخي شهر بوبڪ ۾ جنم ورتو. سندس ناناڻا ٿيٻا آهن. هن جو ڏاڏو ورهاڱي کان اڳ لڏي اچي دادوءَ ۾ ويٺو، جنهنڪري سندس ذهني اوسر دادوءَ ۾ ٿي. هن پرائمريءَ کان فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مدرسه دارالفيوض دادوءَ مان محمد سليمان صدائي ۽ محمد مصطفيٰ ملڪاڻيءَ کان، قرآن پاڪ ۽ قراءت جي تعليم قاري محمد قاسم چانڊئي کان حاصل ڪئي. ٽي درجا انهيءَ مدرسي ۾ قائم پرائمري اسڪول مان پڙهي، پرائمري مين اسڪول دادوءَ مان ماستر عبدالله ميمڻ ۽ ڌڻي بخش ميمڻ جي شاگرديءَ ۾ پنجون درجو پاس ڪيائين، بعد ۾ ڇهون ڪلاس پرمانند هرداس پائلٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخل ٿي مئٽرڪ تائين پڙهيو، جتي کيس عبيدالله آخوند ۽ بقا محمد قريشيءَ جهڙا لائق استاد مليا. انٽر سائنس جامعه مليه ڪاليج ملير ڪراچي مان ڪيائين، جتي کيس وقت جي وڏن عالمن مودودي ۽ سبط حسن جي صحبت نصيب ٿي ۽ ڪامريڊ نازش سان ويجهڙائيءَ ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ به حصو ورتائين بعد ۾ پي. ٽي. ويءَ لاءِ نامور براڊ ڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ ۽ هارون رند آڊيشن ورتو، ڪيترا ئي سال ٽي. وي تي سنڌي پروگرام ۽ ڊراما اسڪرپٽ لکيائين. سندس والد سنڌ جي جيلن جو وڏو مودي هو، جنهنڪري پاڻ ڪراچيءَ مان موٽي اچي پيءُ جو ٻانهن ٻيلي ٿيو. اتي قيدين کي کاڌ خوراڪ پهچائيندو هو. ان دوران ان وقت جي وڏن اسيرن خان ولي خان، جنرل شيروف ۽ نعپ جي ٻين اسيرن سان سندس لاڳاپا جڙيا ۽ دوستاڻا تعلقات وڌيا.

    شاعريءَ ۾ سندس استاد، استاد بخاري هو جنهن سان 1970ع کان وٺي 1992ع تائين شاگردي واري سلسلي سان دوستي ۽ محبت جي مانڊاڻ ۾ منڊيو رهيو. شاعريءَ جي اصلاح سان گڏ استاد بخاريءَ سندس زندگيءَ جو به اصلاح ڪيو. حيدرآباد رهڻ دوران مدد علي سنڌي، شوڪت شورو، عبدالحق عالماڻي، منير ماڻڪ، فتاح هاليپوٽو، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر، طارق اشرف، عبدالفتاح بٺورائي، غلام حسين رنگريز، علي بابا، هارون رند، عبدالڪريم بلوچ، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا کوڙ اديب سندس ساٿ ۽ دوستيءَ ۾ رهيا. سليم سولنگي، محمد بخش سميجو، اطهر منگي، نور گهلو، تاج صحرائي، اسحاق راهي، محسن ڪڪڙائي، احمد مجتبيٰ، وفا ناٿن شاهي، شوڪت ڪيهر، سومرو سودائي استاد بخاري ۽ حاڪم ساڻس گڏ هئا. غالب ملڪاڻي کان سواءِ سيد حاڪم علي شاهه بخاري سان به گهڻو گهاٽو رهيو. حاڪم علي شاهه جڏهن به قديم آثارن جي پڙتال تي ويندو هو ته پاڻ ساڻس گڏ هوندو هو. حاڪم علي شاهه بخاريءَ سان رهي هن قديم آثارن بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ آرڪيالاجيءَ تي لکڻ شروع ڪيائين. دادوءَ ۾ 1980ع ۾ ئي دادو ’آرٽس ڪلب‘ قائم ڪيائين جنهن ۾ استاد محمد صالح ساند، استاد بيبي خان جو شاگرد ۽ ڪلاسيڪل راڳ تي وڏي دسترس رکندو هو ان کي استاد مقرر ڪري سڀ ساز خريد ڪري ڏنائين. اتي خادم سخيراڻي، اڪبر بروهي ۽ ٻيا سکڻ ايندا هئا. استاد نظر محمد بئنجي نواز جيڪو استاد محمد صالح جو شاگرد هو اهو به اتي ئي سکيو. استاد صالح ساند کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ بابت گهڻو سکيائين. پاڻ ڪجهه وقت صحافت کي به ڏنائين. روشن طب هفتيوار اخبار جو ڪيترائي سال ايڊيٽر رهيو. 15 سال دادو چيمبرس آف ڪامرس جو اعزازي سيڪريٽري به رهيو.

    هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1975ع ۾ والد جي وفات بعد ڪئي، روڊن، عمارتن وغيره جي ٺيڪيداريءَ جو ڪم شروع ڪيائين، پر اتي به دل نه لڳس ۽ ٻيا مختلف روزگار ڪرڻ لڳو، جن ۾ ميڊيڪل اسٽور، لوهه جو ڪم، ڪاغذ جو ڪم، ڪمپيوٽر ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ شامل آهن، پر ڊراما ۽ ڳائڻ سندس ورونهه رهيا. ڊرامي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. سندس پهريون ڊرامو ’پسي ڳاڙها گُل‘ آهي ۽ ٻيو ڊرامو ’چريو‘ آهي. اهڙيءَ طرح هن وقت تائين سندس 30 کن ڊراما پي. ٽي. وي تي نشر ٿي چڪا آهن، جڏهن ڪي. ٽي. اين ۽ سنڌ ٽي. وي پنهنجي نشريات شروع ڪئي ته 2005ع کان هن اتي لکڻ شروع ڪيو. سندس ڊرامو ’پاڻيءَ مٿي جهوپڙا‘ مشهور ٿيو. جيڪو ڪي. ٽي. اين طرفان منان عباسيءَ جي ڊائريڪشن ۾ منڇر جي پسمنظر ۾ رڪارڊ ٿيو، جيڪو ٿيم توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪي. ٽي. اين جي مک سيريل ۾ شمار ٿئي ٿو. ان کان سواءِ هن ڪي. ٽي. اين تي ’حوا‘، ’آئينو‘ نالي سيريل، ’غريب آباد جي عذرا ۽ شمي‘ ۽ ڪيترائي فائيو ڊيز لکيا آهن. هن وقت به سندس 80 قسطن تي مشتمل سيريل روپ راڻي جيڪا سنڌ جي محبتي ڪردار سونيتي ۽ ان مير باغي تي آهي جنهن ڪلهوڙن جو پويون دور ۽ ميرن جو شروعاتي دور ڏيکاريل آهي. ساڳئي وقت هن سنڌ ٽي. ويءَ لاءِ به ڪافي لکيو آهي، جن ۾ گهڻو ڪري سيريل ۽ فائيو ڊيز آهن. سيريل ۾ وارث , شانتي ۽ دشمن سندس بهترين سيريل ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. فائيو ڊيز ۾ سندس ڊرامو ’اڄ جي نوران‘ گهڻو پسند ڪيو ويو. انهن ڊرامن کي مشهور هدايتڪار منظور دانش جي ڊائريڪريڪشن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.

    2014ع ڪي. ٽي. اين تان سليم شاهه راشدي جي هدايتڪاري ۾ لکيل سندس هڪ ڊرامو ’غريب آباد جي عذرا ۽ شمي‘ ڏسندڙن ۾ بيحد مقبول ٿيو جيڪو 200 قسطن تي مشتمل هو. عثمان ميمڻ جو 2014ع ۾ سنڌ ٽي. وي تان ڊرامو ’دشمن‘ نشر ٿيو. جنهن جو ڊائريڪٽر منظور دانش هو. ڊرامون دعا 91 قسطون به 2016 ۾ هلي چڪو آهي. سندس هڪ ڊرامو ’جيون ڪٿا‘ مهراڻ ٽي. وي 2009ع تان نشر ٿيو. محمد عثمان ميمڻ جون سنڌي ڊرامي کي هٿي ڏيارڻ ۾ ڪيتريون ئي اڻ ٿڪ محنتون آهن هن سنڌي ڊرامي کي ڪيترائي نوان موڙ ۽ نوان لاڙا ڏئي سنڌي ڊرامي ۾ پنهنجي هڪ علحده سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي. سنڌي ڊرامن ۾ هميشه ٻوليءَ جو ڪو خيال ناهي رکيو ويندو پر هڪ سنڌي ڊرامي ۾ وڌ کان وڌ ٻوليءَ ۽ اسلوب طرف ڌيان ڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ٿيل ڊراما گهرن ۾ پڻ ڏٺا ۽ ساراهيا وڃن ٿا. سندس ڊرامن جا پلاٽ سياسي، سماجي ۽ کهرو مسئلا هجن ٿا. هن جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ڊرامي کي قبيلائي دهشتگردي ۽ هٿيار ڪلچر کان ٻاهر ڪڍي سگهي پر ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ان سماج کي ان گند مان ٻاهر ڪڍڻ ڪافي ڏکيو مرحلو آهي. جنهن لاءِ هُو هميشه ڪوشان رهي ٿو.

    محمد عثمان ميمڻ ستر، اسي واري ڏهاڪي ۾ دادو شهر ۾ ٿيندڙ ناٽڪ منڊلن ۽ اسٽيج ڊرامن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترن اسٽيج ڊرامن ۽ ناٽڪ منڊلن جون ڪهاڻيون پڻ لکيائين.

    ان کانسواءِ هن نسيم کرل، اياز قادري، ڪرشن چندر ۽ هندستان جي مرهٽي ۽ تيليگو زبانن جي ڪهاڻين کي سنڌي ويس پارائي ڊراماٽائيز ڪيو آهي. ان کانسواءِ آرڪيالاجي، قديم آثارن توڙي سنگيت وغيره تي تحقيق پڻ ڪري چڪو آهي ۽ سندس تحقيق جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) ڏکڻ ايشيا جي ٻولين جي ڊائريڪٽري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) سنگيت سنسار (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) تعميرات جي لغت (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) ڏيهي پرڏيهي ساز (سنڌالاجيءَ پاران ڇپيل) بئنڪاري ۽ واپار جي لغت (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) بلوچستان جيقديم آثارن جي ڊائريڪٽري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ ڏکڻ ايشيا جا ناچ، منڇر جي آبي جيوت، سنڌو سلطنت، سنڌي گائڪن ۽ وڄوتن جي ڊائريڪٽر، قديم آثارن جي ماهرن جي ڊائريڪٽري ۽ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ڀاڱو ٻيو) پڻ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي. پاڻ 2009ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سيل ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي 10 جلد جي تياري ۾ مشغول آ هي.هن سنڌ جي انهن فنڪارن جا پروفائيل به لکيا آهن جن جون موسيقي جي دنيان ۾خدمتون وساري نٿييو سگھجن.

    هن وقت سنڌي ٻولي اٿارٽي جو ڪارڪن آهي،حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو