1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

مون سي ڏٺا ماءِ!

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,737
    ورتل پسنديدگيون:
    5,792
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    شبير سومرو سنڌي توڙي اردوءَ جو بهترين ليکڪ آهي. پاڻ پنهنجي عُمرِ عزيز جا لڳ ڀڳ چا ٽي ڏهاڪا ادب ۽ صحافت کي ڏنا آهن ۽ سندن اهو ئي پيشو رهيو آهي. شهيد ڀُٽو جي 04 اپريل 2016ع تي ورسيءَ جي نسبت سان اطلاعات کاتي حُڪومتِ سنڌ طرفان ڪڍيل پيغام جي خاص شُماري لاءِ لکيل سندن تحرير پڙهڻ وٽان آهي جنهن ۾ پاڻ شهيد ڀُٽو جي اکين ڏٺي احوال کي يادگيرين جو روپ ڏيئي بهترين انداز ۾ لکيو آهي. پڙهندڙ جي دلچسپيءَ خاطر هي تحرير هتي ڏجي ٿي.

    مون سي ڏٺا ماءِ!
    شبير سومرو

    اهي 1976ع جي ٻوڏن جا ڏينهن هئا. اسان پنهنجي ناناڻن وٽ جوهي آيل هئاسين جو ٻوڏ جي پاڻيءَ جو هي- دادو رستو ٻوڙي ڇڏيو هو ۽ اسان مجبوريءَ ۾ اُتي ٽِڪي پياسين. اسان جو گهر هاءِ اسڪول جي گرائونڊ جي هڪ پاسي هو. ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ انهيءَ گرائونڊ ۾ هيلي پيڊ ۽ خاص ڪئمپ هنئي وئي هئي. اسان ٻارڙا سڄو ڏينهن اهو رونشو ڏسندا رهندا هئاسين ته ڪو هيلي ڪاپٽر لهي ٿو، امدادي سامان لاهي وري اڏامي ٿو وڃي. ڪو هيلي ڪاپٽر ”وڏن ماڻهن“ کي کڻي ٿو اچي ۽ اهي ٻوڏ متاثر مٽيءَ جي ماڻهن سان مِلي، انهن کي آٿت ڏئي وري هليا ٿا وڃن.

    ان دوران هڪ ڏهاڙي ڳالهه هُلي وئي ته ڀٽو صاحب سڄي ڪابينه سان ٿو اچي. اسان به سُري وڃي گرائونڊ ۾ ان جاءِ وٽ بيٺاسين، جتي هيلي ڪاپٽر لهڻو هو. ان جي ٻي ڀر ”سرائين“ جو پاڙو هو، جن کي عام طور تي ٻاليشاهي چيو ٿي ويو. هونئن اسان ان پاڙي مان لنگهڻ پسند نه ڪندا هئاسين ۽ جيڪڏهن مجبوريءَ ۾ ڪڏهن لنگهڻو ٿي پيو ته ٻاراڻي وڏائيءَ جو مظاهرو ڪندي نڪ تي هٿ ڏئي گذري ويندا هئاسين. جيتوڻيڪ ان دور ۾ سرائين جو اهو پاڙو، جوهيءَ جي عام پاڙن کان وڌيڪ صفائي وارو هوندو هو. بهرحال اچ ڀٽو اچڻو هو، سو ان کي ڏسڻ جي شوق ۾ اسان گرائونڊ جي ان طرف کان وڃيڄمي بيٺا هئاسين جو هيلي پيڊ انهيءَ طرف مٿانهين تي ٺهيل هو. هيلي ڪاپٽر آيو. مُلڪ سڄو ڌوڙ ٿي ويو. واءَ جو طوفان چوڌاري ڇانئجي ويو ۽ انهيءَ دوران ڪارو هيلي ڪاپٽر گرائونڊ تي لهي پيو، جنهن مان پهرين ڀٽو صاحب وزيراعظم، حفيظ پيرزادو، وڏو وزير غلام مصطفي جتوئي ۽ ٻيا لهڻ لڳا. سندن آجيان لاءِ ڪمشنر، ڊي سي ۽ ٻيا آفيسر گرائونڊ تي ڌوڙ ۾ ڀڀوت لڳا بيٺا هئا. ڀٽو صاحب لهڻ سان انهن ڏانهن وڌيو ۽ هٿ ملائي چرچي طور چيائين:

    “هيڏي ٻوڏ ۾ به توهان جنڙا لڳا بيٺا آهيو؟ وهنجڻ جو پاڻي به ڪونه ٿو مليوَ ڇا؟”

    سڀئي کليا ۽ قافلو اڳتي آباديءَ ڏانهن وڌڻ لڳو. اسان ٻار پويان پويان هلڻ لڳاسين. ڀٽو صاحب جيڪو ان قافلي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، تنهن سِڌو رخ ڪيو سرائين جي گهرن ڏي. ان تي مختيارڪار گهٻرائجي ويو ۽ تڪڙيون وکون کڻي، ڪمشنر کي ويجهو ٿي سندس ڪن ۾ سُس پُس ڪيائين. ڪمشنر وري اڳتي وڌي اها سُس پس پاڻ کان مٿئين آفيسر جي ڪن ۾ ڪئي. نيٺ ڳالهه وڃي پيرزادي تائين پهتي، جنهن ڀٽُي صاحب سان قدم ملائيندي کيس چيو:

    “سائين! ايڏانهن ڀنگين جا گهر آهن. اسان کي ٻوڏ واري ڪئمپ ڏانهن ٻئي طرف هلڻو آهي. ”

    [​IMG]
    ڀُٽي صاحب اها ڳالهه ٻُڌي، حفيظ پيرزادي ڏانهن ڏٺو ۽ دڙڪي ڏيڻ واري انداز ۾ چيائين:

    “ڀنگي آهن ته ڇا ٿيو؟ اسان جا ناهن ڇا؟” ايئن چئي هو انهيءَ طرف ئي وڌندو ويو. ٽولي جي ٻين همراهن جا چهرا لٿل هئا ۽ ناگواري صاف ظاهر هئي ته کين مجبوري ۾ ايڏانهن هلڻو ٿو پوي.

    ٻالن جي پاڙي ۾ پهرين جهڳي ٻاهران هڪ پوڙهي مائي چُلهو ٻاريو ويٺي هئي. ڀٽو صاحب ملڪ جو بادشاهه سِڌو ان سرائي پوڙهيءَ جي مٿان وڃي بيٺو ۽ کانئس پڇڻ لڳو:

    “ماسي! ڇا ٿي چاڙهين؟”

    پوڙهي گهٻرائجي اُٿي بيٺي ۽ چيائين:

    “ابا! ڪوهر چاڙهيا ٿم... ٻيو ڪجهه به ڪونهي. ڀلي تون ڏس! ”

    ڀٽو صاحب مُشڪيو، ساٿين ڏانهن نهار ڪيائين ۽ وري پوڙهي کي چيائين:

    “ماسي ڪوهر کاراءِ ڀلا! ”

    “هائو ابا! پر تون بادشاهه، ڪوهر ڪيئن کائيندين منهنجي هٿن جا؟”

    “ماسي! تون ڏي ته سهي! ” ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم سنڌ جي تمام وڏي خاندان جي اولاد وري اصرار ڪيو. پوڙهيءَ ڀرسان پيل چيني واري ڦڪي ٿالهي کنئي، ان کي پنهنجي ميري پوتيءَ سان
    [​IMG]
    پنهنجي پر ۾ اگهي صاف ڪيائين. ڏوئي کڻي، اُن جي ٺوڪر سان ديڳڙي جو ڍڪ پرتي ڪيرائي، ڏوئي سان ڪوهر يا ڇولا ڪڍي ٿالهي ۾ وڌائين. ٻه ٽي ڏوئيون ڀري، ٿالهي اڌ کن ڪري ڀُٽي صاحب ڏانهن وڌايائين. هن همراهه به ڀنگياڻي مائيءَ کان پليٽ وٺي، ڇولن کي ڦوڪ ڏئي ڪجهه ٿڌو ڪيو ۽ هٿ سان کڻيوات ۾ وڌائين. ڇولا کائيندي، پوڙهي کي چيائين:

    “ماسي! لوڻ گهٽ ٿن... ٿورو ڏي ته وجهان. ”

    پوڙهي ڪٽ لڳل پراڻو دٻڙو کڻي ڏنس، جنهن ۾ ٿلهو لوڻ پيل هو. ان مان ٻه ٽي ڪڻيون ڇولن تي هاري، ٿالهيءَ کي هيڏي هوڏي لوڏي لوڻ مڪس ڪري پليٽ ساٿين ڏانهن ڪيائين ۽ کين صلاحڻ لڳو:

    “واهه جا ڇولا آهن! کائيندؤ؟”

    سڀني ڪراهت مان معذرت کڻي ڪئي:

    “نه سائين... نه سر! توهان ٽيسٽ ڪيا آهن، هاڻي وڌيڪ نه کائو! ”

    “ڇونه کاوان؟ ههڙا مال ڇڏبا آهن ڇا؟”

    ايئن چئي ذوالفقار ڀٽي ٻي مُٺ ڇولن جي ڀري وات ۾ وڌي. اسان ٻاڙرا جيڪي انهن ٻاليشاهين جي پاڙي مان، نڪ بند ڪري لنگهندا هئاسين، سي وائڙا ٿيا بيٺا هئاسين ۽ اهو لقاءُ ٿي ڏٺوسين ته ملڪ جو بادشاهه، هيڏو وڏو ماڻهو ڪيئن پوڙهي ڀنگياڻيءَ جي جهڳيءَ ٻاهران ان جا اوٻاريل ڇولا بيٺو کائي!

    خير ڀُٽي صاحب ڇولن واري پليٽ مائي کي موٽائي ڏني ۽ کانئس پڇيائين:

    “ماسي! ڀلا ٻوڏ جي امداد، ڪو سامان مليو ٿوَ؟”

    پوڙهيءَ جواب ڏيڻ بجاءِ پهرين آيل آفيسرن، وزيرن کي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي خالي جهڳيءَ ۾ نظر ڪيائين، جنهن ۾ ڪاريءَ وارا ڪک هئا. ذهين سياستدان ۽ عوام جو مقبول اڳواڻ ڳالهه سمجهي ويو. اکين ۾ شور وجهي آفيسرن کي ڏٺائين ۽ چيائين:

    “Shame... هن کان وڌيڪ مستحق ڪو ٻيو هوندو؟”

    ائين چئي کيسي ۾ هٿ وڌائين، سؤ روپين جو نوٽ نڪتو، اهو هٿ وڌائي پوڙهيءَ کي ڏنائين. اها ٻڍڙي جيڪا مهيني جا ٽيهه ڏينهن ٻين گهرن جا ڪاڪوس ٻُهاري، ٽين جي دٻي ۾ گند کڻي وڃي، شهر کان ٻاهر اڇلائي ايندي هئي، تنهن کي ان ڪِني مزدوريءَ جا تن ڏينهن ۾ ٽي رپيا ملنداهئا. ان کي جو وقت جي بادشاهه سڄا سؤ روپيا ڏنا ته هن هٿ مٿي کڻي کيس دعا ڪئي:

    “ابا ڀٽا! الله توکي اڃا وڏو بادشاهه ڪندو. ڪڏهن هٿ نه منجهندئِي!”

    ۽ ڀٽو صاحب لک لُٽائيندڙ آليون اکيون اگهندو اڳتي وڏي ويو.

    اهو ليڊر جنهن کي عوام جو ايڏو درد هجي، جنهن ۾ وڏائي جو نالو نشان نه هجي ۽ جنهن کي سڄيايشيا جو فخر چيو وڃي، تنهن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن، ڪهڙيون نيڪيون ڪجن! اسان جي ته اها ٻاراڻي وهي هئي جو کيس ڏٺوسين ته اڄ به پاڻ تي فخر ٿا ڪيون:

    مون سي ڏٺا ماءِ! جَنين ڏٺو پِرينءَ کي

    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي!

    جن کيس ويجهي کان ڏٺو، ساڻس ملڻ، کلڻ ڳالهائڻ جو شرف ماڻيو، اُهي ڪيڏا ڀاڳ وارا هوندا!

    ۽ اسان جي هن ديس جو اهو ڀاڳ، هن ايشيا جو فخر، عوام جو قائد اسان کان ڪيئن ۽ ڪنهن کسيو؟

    ماچيس جي تيليءَ جيترو قد رکندڙ هڪ ڊڪٽيٽر جيڪو کيس سدائين جُهڪي ملندو هو، تنهن اهڙو عوام جو اَن داتا اسان کان کسي، هن ملڪ کي وري صديون پوئتي ڌِڪي ڇڏيو.

    مون مٿي ڳالهه ڪئي ته ڀُٽي صاحب جو هيءَ جي ان پوڙهي مائيءَ کي سؤ روپيا ڏٺا ته ڄڻ هن جا نصيب کُلي پيا... کيس ڄڻ ٽيهن گهرن مان ماهياني مزدوري هڪ ڌڪ سان ملي وئي. سؤ روپين جي حوالي سان مون کي ياد آهي ته منهنجو والد سدائين ڳالهه ڪندو هو ته ابا! اسان زندگيءَ ۾ پهريون دفعو پنهنجو سؤ وارو نوٽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي بادشاهيءَ ۾ ڏٺو. معنيٰ ته انهيءَ کان اڳ لوئر مڊل ڪلاس جي ماڻهن ڪڏهن سؤ رپين جيتري بچت به نه ڪئي هئي. تڏهوڪو سؤ روپيو اڄ جي لک جيترو ملهه ته ضرور رکندو هوندو!

    اڄ ڀُٽي صاحب کي وئي 37 سال ٿيا آهن، تڏهن به نظر ڦيرايو ته ڪهڙي لوئر مڊل واري ماڻهوءَ جي بچت لک رپياهوندي؟

    ذوالفقار علي ڀُٽي معيشت، سياست، صحت ۽ سڀني شعبن کي مٿالي ترقي وٺرائي... اڄ پاڪستن ۾ جيڪي چڱايون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، سي سندس صدقي آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,511
    ورتل پسنديدگيون:
    26,995
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هو ڪمال جو سياستدان هو ... تڏهن ته ماڻهن جي دلين ۾ اڃان به زندهه آهي ....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو