1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

لاڙ جي لعل سمن سرڪار جي مزار تي حاضري

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,278
    ورتل پسنديدگيون:
    26,707
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لاڙ جي لعل سمن سرڪار جي مزار تي حاضري

    محمد سليمان وساڻ

    ننڍي هوندي کان ريڊيي تي مائيءَ ڀاڳيءَ جو ڳايل ڪلام سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي ٻڌندا پيا اچون. ڪلام جي پسمنظر کان اڻ واقف. سمن سرڪار جي روزي ڏسڻ جي طلب رهي. پر ان طرف ڪڏهن وڃڻ ئي نه ٿيو. پنگريي ويجهو سمن سرڪار جو روزو ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ اهو سنڌ جي سرحد تي واقع هجي. اهو علائقو ڪُنڊائتو آهي ۽ گهڻو ڪري اسان اتر سنڌ وارن جي اچ وڃ کان گهڻو ڏور آهي. ملڪاڻيءَ کانپوءَ واريءَ جون ڀٽون شروع ٿي وڃن. پر جڏهن کان ملڪاڻي جي ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاريءَ سان دوستي ٿي تڏهن کان ان پاسي ٻه دفعا وڃڻ ٿيو آهي. حفيظ ڪيميسٽري ۾ پي ايڇ ڊي آهي ۽ ڪراچيءَ جي پي سي ايس آءِ آر ليبارٽري ۾ سائنٽيفڪ آفيسر آهي. پهريون ڏينهن جڏهن پنهنجي نوڪري تي آيو ته ڪراچيءَ ۾ رهائش لاءِ پريشان هيو ۽ اتفاق سان سچل ڳوٺ اسانجي غريباڻي تڏي تي پنهنجي استاد ڊاڪٽر شهاب ميمڻ جي واسطي سان آيو ۽ پوءِ جيسين رهائش جو مسئلو حل ٿئيس اسان وٽ ئي رهي پيو. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن حفيظ سان دل لڳي ٿي وئي. هن سان ڀائرن جهڙي دوستي آهي. پاڻ به مکڻ ماڻهو آهي. گذريل دفعي سندس ڀاءُ جي شادي هئي ته اسان ان ۾ شريڪ ٿيڻ ملڪاڻي ويا هئاسين. رات به رهيا هياسين، ڇو ته سندس والد جا به اسان سان سٺا واسطا ٿي ويا آهن ۽ ڪراچي ته ڇا هو اسان جي ڳوٺ به ايندو ويندو آهي. هن دفعي به مارچ مهيني ۾ حفيظ جي ٻن ڀائرن جي ملڪاڻيءَ ۾ شادي تقريب رٿيل هئي ۽ ان ۾ وڃڻو به ضرور هيو. فيصلو اهو ٿيو ته ڇنڇر ڏينهن 26 مارچ تي صبح جو نڪربو، رات ملڪاڻي ۾ رهبو ۽ ٻئي ڏينهن ناشتو ڪري نڪاح ۾ شريڪ ٿي ٽنڊي محمد خان وڃبو ۽ اتان حيدر آباد.
    اسان ڇنڇر ڏينهن ڪراچي مان پنهنجي گاڏيءَ ۾ نڪتاسين، گلشن حديد کان ٿيندا مڪلي باءِ پاس تي ماني کاڌيسين ۽ چانهه پيتيسين. سفر ۾ مونسان گڏ ماما تاج محمد وساڻ، غلام سرور جوکيو جيڪو ڊرائيونگ به ڪري رهيو هو، چاچو الهداد گوپانگ ۽ چاچو ڪريم چانڊيو گڏ هيا. سڀني جو زور هو ته هن دفعي سمن سرڪار تان حاضري ڀريندا هلنداسين. انڪري مون سجاول جي دوستن خاص ڪري اياز امر شيخ کي به اطلاع ڪونه ڏنو. روڊ بهتر هيو پر پنڌ به ڊگهو هيو. سجاول کان بدين ۽ ٽنڊي باگي طرف راهي ٿياسين. رستي ۾ سورج مکيءَ جا کيت ڏسي هڪ هنڌ لهي پياسين ۽ ڪجهه تصويرون ڪڍي وري روانا ٿياسين. ٽنڊي باگي کان هاڻي اسان پنگريي واري روڊ تي راهي هياسين. پنگريي شهر مان گذرندي ڀوري ڀيل جي ياد اچي وئي. هي اهوئي پنگريي جو شهر آهي جتي مئي پڄاڻان به مذهب جي دهشتگردي عروج تي رهي ۽ ڀوري ڀيل جي لاش کي انڪري قبرستان مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو ته هي مسلمانن جو قبرستان آهي. خبر ناهي ڪيئن لاڙ جي هن پاسي پنگريي کان ملڪاڻيءَ تائين سختگير ۽ انتها پسند مسلمانن جي اڪثريت ٿيندي پئي وڃي ۽ سيڪيولر ۽ صوفياڻي سوچ وارن لاڙين تي حاوي ٿيندي پئي وڃي.
    پنگريي کان نڪرندي سمن سرڪار جي روزي طرف وڌون ٿا پر روڊ انتهائي ناڪاره ۽ خراب آهي. بدين جي هن حصي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ پ پ پ جي اڪثريت ۽ سياسي برتري لاءِ هلندڙ رساڪشيءَ ۾ به روڊن جي اهڙي حالت تي تبصرو ڪندي پ پ پ سان جذباتي لڳاءُ رکندڙ غلام سرور جوکيي ۽ تاج محمد وساڻ سان چاچي ڪريم ۽ منهنجي لفظي جنگ جاري رهي. سامهون سمن سرڪار جو روزو ڪر کنيو بيٺي نظر آيو. اسان گاڏي سامهون بيهاري اڳتي وڌون ٿا. منهنجي هٿ ۾ ڪيمرا آهي ۽ ماڻهو يا اتي موجود ڪجهه درگاهه جا ماڻهو پريشان ٿين ٿا، ته هي ڪير آهن. اسان سڌو سامهون واري پاسي وڃون ٿا جتي وچ ۾ هڪ وڏي ڪڪڙ جو مجسمو ٺهيل آهي جڏهن ته ٻنهي پاسي ننڍا ڪُڪڙن جا مجسما آهن. ڪڪڙن جي ماجرا ڇا آهي؟ اهي سوال به ذهن ۾ اٿن ٿا. ڪجهه تصويرون ڪڍي اڳتي وڌون ٿا پر درگاهه جي آڳر ۾ داخل ٿيندي جيڪا گيٽ آهي ان تي سڀ ڪجهه اردوءَ ۾ لکيل ڏسي منهنجا ته تاڪ لڳي وڃن ٿا. سنڌي ٻولي ٻاڪاريندي ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪراچيءَ ۾ وڙهندي ۽ بحث ڪندي ٿڪجي پيا آهيون پر جڏهن سنڌ جي نج ٻهراڙيءَ ۾ ڀتين تي اردو لکت ملي ته پريشاني ٻيڻي ٿي وڃي ٿي. چندي جي پيتين تي به سڀ ڪجهه اردوءَ ۾ لکيل آهي. مان سوچيان ٿو ته ڇا هتان جا صحافي، هتان جا اديب اهو سڀ ڪونه ٿا ڏسن ۽ انهن تي لکن .... !!!
    سمن سرڪار جنهن جڳهه تي مدفون آهي ان علائقي ۾ سرائيڪي ٻوليءَ جو واهپو گهڻو آهي. چون ٿا ته لاڙ جو لعل ۽ مجذوب ولي سمن سرڪار به سرائيڪي ڳالهائيندو هو. سندس والدين ۽ گهر جي ٻولي سنڌي هوندي هو ماڻهن سان اٿندي وهندي سرائيڪي ڳالهائيندو هو. سندس لاءِ چيو وڃي ٿو ته گهڻو ڪري تنهائي پسند هيو ۽ بغير ڪپڙن جي گذاريندو هو. مان اها ڳالهه حفيظ جي والد چاچي علينواز لغاريءَ کان پڻ پُڇي ته هو هن علائقي جو آهي، سمن سرڪار بابت ڇا ٿو ڄاڻي؟ سندس چوڻ هو ته اسان جي نطر ۾ هو ڪو ولي ناهي پر اسانجي عورتن جو وڏو عقيدو هوندو هيو. هن اهو به ٻڌايو ته سمن سرڪار لاءِ پاڙي مان عورتون ٻوڙ تيار ڪري وينديون هيون ۽ سندس لاءِ قطار ٺاهي ٻوڙ رکنديون هيون. هو ٻرندڙ ڪوئلو سڀني جي ٻوڙ ۾ وجهندو هيو جنهن سان ٻوڙ جو ذائقو لذيذ ٿي ويندو هو. هو پنهنجي ڪچهرين ۾ وڏي واڪي چوندو هو ته ”ڪڪڙ دا ٻچا چائي آؤ ۽ ماڻهو دا ٻچڙا گهن وڃو.“ هاڻي اها ڪڪڙ کڻي اچڻ جي روايت سوا سئو سالن کان پئي هلي ۽ ميلي جي موقعي تي يا ٻين ڏينهن تي هزارين عقيدتمند سندس مزار تي حاضري ڀرڻ سان گڏ ڪڪڙ کڻي ايندا آهن، جيڪي ڪُهي پاڻ به کائيندا آهن ۽ ٻين کي به کارائيندا آهن. هڪڙا چون ٿا ته ڪڪڙن جو بادشاه آ. جيڪڏھن ڪڪڙ ڀلي ويڙھو ھجن پر سمن سرڪار تي گڏ ڪريو اصل ئي نه وڙھندا. اھا سائين سمن سرڪار جي ڪرامت آ.
    ڪي ماڻهو چون ٿا ته سمن سرڪار جهنگ ۽ رڻ ۾ وقت گهارڻ کي ترجيح ڏيندو هو ۽ سندس عشق هڪ جنت نالي ڇوڪريءَ سان ٿي ويو، ان ڇوڪريءَ کي ان تان سندس مائٽ مارڻ وارا هيا ته سمن سرڪار ان نينگريءَ جي مٿي تي هٿ رکي چيو ته ”اي ميڏي ڀيڻ هي“.
    اها به روايت مشهور آهي ته هڪ دفعي صوفي شاعر محمد فقير کٽياڻ هڪ سنگ وٺي اچي سرڪار سمن شاههجي آستاني تي چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائڻ لڳو. ان وقت سمن سرڪار ڪو آرامي هو، سو اٿيو ۽ ڳائيندي محمد فقير کي ڏنڊو وهائي ڪڍيو پر فقير راڳ جاري ڪيو ۽ جڏهن راڳ ختم ٿيو ته اهو ڏٺن ته محمد فقير جو مٿو رتو رت لڳو پيو آهي. تنهن تي سيد سمن شاهه وراڻيو ”هڻ ڀل وڃ، مين تيڪون رنگي لعل ڪيتا هي“ پوءِ محمد فقير کٽياڻ واپس وريو. اهڙي معلومات محمد فقير کٽياڻ جي رسالي ۾ پڻ موجود آهي.
    مزار تي موجود هڪ خدمتگار جيڪو ذات جو کوسو هيو تنهن ٻڌايو ته هڪ دفعي سمن سرڪار کي ماڻهن چيو ته هتي سمنڊ جو آزار آهي، سمنڊ مٿي چڙهي ٿو اچي ... سو فقير ليڪو ڪڍيو ۽ چيو “هيڏي سمنڊ، هيڏي سمن“ بس اهو ڏينهن وري سمنڊ جي وير مٿي ڪانه چڙهي.
    چون ٿا ته مائي ڀاڳي سخت بيمار ٿي پئي ۽ ڪو علاج فرق ڪونه پيو ڏئيس سو سمن سرڪار جي مزار تي اچي مَٽيون ڀريندي رهي، ڇنڊ ڦوڪ ۽ ٻهاري ڏيڻ لڳي. آخر چاڪ چڱي ڀلي ٿي وئي ۽ تڏهن اهو ڪلام چيائين جيڪو گهڻو مشهور ٿيو ”سمن سائين مان ته گولي غلام تيڏي در دي“. پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر جو چوڻ آهي ته اسان جو بزرگ حاجي محمد طالب ڪنڀر پنگريو وارو، سيد سمن شاهه جو خدمت ۽ عقيدت ۾ رهندو هيو. جنهن جي چوڻ موجب سيد سمن شاهه 14 رجب 1349 مطابق 20 ڊسمبر1929ع ڌاري ڪاري واهه جي ڪپ تي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا. سندس جسم اقدس کي موجوده جڳهه تي دفن ڪيو ويو. اهو به معلوم ٿيو آهي ته سيد سمن شاهه جو روضو مبارڪ غلام محمد خان تعمير ڪرايو. هن وقت روضي مبارڪ جي تعمير نئين سر ڪرائي ويئي. درگاهه جيتوڻيڪ سنڌ جي اوقاف کاتي (اويڪيو ٽرسٽ) واري اداري وٽ اهي پر پوءِ به گهڻيون اهجون آهن.
    کوسي فقير سان ڪچهري ڪندي گهڻو ڪجهه پڇيوسين جن مان اڪثر ڳالهيون روايتن تي مشتمل هيون. فقير اسانکي سمن سرڪار جي تصوير پڻ ڏيکاري جيڪا چيو وڃي ٿو ته اصلي تصوير آهي. ميلي ۾ هزارين پانڌيئڙا اچن ٿا ۽ ميلي جا ٺيڪا ڪروڙن ۾ وڃن ٿا. ڇو ته هن ميلي ۾ جانورن جي لاڙ جي سڀ کان وڏي مندي لڳي ٿي. فقير کوسي ۽ جوکيي صاحب جي اسرار تي چانهه جو ڪوپ به پيتوسين ته سج وڃي ڪو ڪانو کن بچيو هو. اسان هاڻي واپسي جي تياري ڪري ملڪاڻي جي راهن تي روانا ٿياسين. مون وٽ سمن سرڪار بابت گهڻي ڄاڻ ڪانه هئي پر ٻڌو اٿم ته رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي لکيل ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ سمن سرڪار تي 20 کن صفحا لکيل آهن، جيڪي هاڻ ضرور پڙهبا.
    روايتون پنهنجي جاءِ تي پر اهو سچ آهي ته اهي درگاهون يا اولياءَ سنڌ کي صوفياڻي سوچ ڏئي هتان نفرتون ختم ڪري محبتون ڏئي ويا، پر ساڳي وقت اسانجا ماڻهو انهن درگاهن جا متولي بڻجي يا انهن جا پيروڪار بڻجي علم ۽ ترقيءَ جي واٽ وساري ويٺا آهن.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    5,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان جي مهرباني ته اوهان ايڏو پنڌ ڪري آيؤ ۽ تفصيلي احوال لکيؤ. لاڙ جي لال سمن سرڪار تي گهٽ لکيو ويو آهي. اوهان اهو لکي ڀلو ڪيو.
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,150
    ورتل پسنديدگيون:
    5,157
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا لک لائق اوهانجا . سمن سرڪار رحمت الله عليه بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ٿي . سهڻو موضوع جوڙيو اٿو . اوهانجو هڪ يادگار سفرنامو پڙهي دلي سڪون مليو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,052
    ورتل پسنديدگيون:
    350
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    سيد سمن سرڪار تي ايترو جامع احوال پھريون دفعو پڙھڻ لا مليو. پڙھڻ سان ائين لڳو ڄڻ سائين سليمان وارن سان ان سٍھاني سفر ۾ آئون به گڏ ھجان. تمام گهڻي مھرباني ادا سليمان جي.
    اسان جي شھرڀٽ شاھ جي معروف شخِصيت سيٺ لال چند گذشته 40 سالن کان ھر سال محرم جي ڏھين تاريخ تي ھڪ وڏي قافلي سان ڪڪڙ ساڻ ڪري سيد سمن سرڪار تي حاضري ڀريندو آھي. قافلي ۾ ھڪ ھينو بس ۽ 5 يا 6 ڪارون ھونديون ھونديون آھن ھڪ سو جي لڳ ڀڳ ماڻھو ھوندا آھن جنھن ۾ اڪثريت مسلمانن جي ھوندي آھي. سيٺ لال چند جو اھو چوڻ آھي کيس اولاد ڪونھ ٿيندو ھو. ھن سيد سمن سرڪار تي حاضري ڀري ان کان پؤ کيس 5 پٽن جو اولاد ٿيو. ان کان پو ھو عقيدت ۾ گذريل 40 سالن کان محرم جي ھر10 تاريخ تي قافلو ۽ ڪڪڙ ساڻ ڪري اتي حاضري ڀريندو آھي ۽ اتي وڏي خيرات جو اھتمام به ڪندو آھي. ھڪ سال منھنجو به ان قافلي سان وڃڻ ٿيو ھيو. پر ايترو محذوف ڪونه ٿيو ھوس جيترو ھي ليک پڙھي محذوف ٿيو آھيان.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    95
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
  6. محراب علي سنڌي

    محراب علي سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2015
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    ڌنڌو:
    سنڌ سان عشق
    ماڳ:
    سانگھڙ سنڌ
    بهترين تصويرون ۽ سٺي ڄاڻ . مونکي به اڄ کان 11 سال پهريان سمن سائين جي درگاه جي زيارت جي سعادت نصيب ٿي هئي ، توهان جي مضمون سان ڄاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. وزير حسين جلباڻي

    وزير حسين جلباڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سمن سڪار بابت بهترين ڃاڻ آهي ادا سليمان جس لهڻو سنده جي بزرگن جي ڃاڻ عوام تائين پهچائڻ لاء توهان جي ڪوششن جي ڪهڙي ڳاله ڪجي شال سدائين آباد رهو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو