رڻ مان رڙ ڏيندڙ رنگريز نظام الدين ڪاڪا جڏهن بهار جي مند جي آمد ٿيندي آهي تہ سڪل سلا ساوا ٿي پوندا آهن ۽ مرجهايل من جرڪي پوندا آهن.گلاب جا گل،موتئي جا گل پنهنجي جوڀن ۾ ڦولارجي پوندا آهن.آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڪارونڀار ڪري ڌرتيء مٿان ڇانو ڪندو آهي تہ بهار جي مند ۽ آبهوا ماڻهن جر مزاج ۽ طبيعتن ۾ توانائي بخشي ڇڏيندي آهي. انهيء لاء تہ سائين رنگريز پنهنجو هي شعر لکيو: ڪڏهن تہ موٽي بهار ايندو، اڱڻ اسان جي گلاب ٽڙندا وصال وايون وري ورنديون، صدين جا ڪيئي حجاب ٽٽندا. اهڙي ئي عالم ۾ ميرپور بٺوري جي رهواسي شفيع محمد کٽي جي گهر ۾ 18 اپريل 1945ع تي هڪ ٻار جنم ورتو جيڪو اڄ ”سائين غلام حسين رنگريز” جي نالي سان سنڌ ۾ ۽ هند ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. صاف سٿرو صوفي منش سائين غلام حسين جي ساهن ۾ سنڌ محبوب جي يادن جيان اٽڪيل آهي.مون جڏهن هن سان پهرين ملاقات ڪئي تہ شاه سائين جو هي شعر ياد اچي ويو. مون جيئن ملاقات، جي ٿيئي ٻاروچل سين، تہ ٻانهن وجهي وات، هوند رڻن ۾ رڙيون ڪرين. ميرپور بٺوري جا لاڙ پٽ رهواسي گلاب جي پنکڙين وانگر نرم ۽ روين ۾ پٻڻ جي پتن وانگر ملائم آهن. سائين رنگريز سياسي، فڪري ۽ اخلاقيات ۾ پهاڙ وانگر اٽل آهي. روزانو عوامي آواز اخبار ۽ روزاني سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ هر هفتي ڪالم لکي سنڌ جي گمنام عاشقن، مقدس مڪانن، قديم آثارن جون مختلف مندن ۽ موسمن ۾ ياترائون ڪري، اتان جي آبهوا، ماڻهو، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، مزاج ۽ طبيعتون روبرو ڏسي سنڌ جي سرزمين جي تاريخ جي اپٽار پنهنجي زوردار دليلن ۽ ثبوتن سان اهڙي بختي انداز ۾ ڪئي آهي جو اڄ ڏينهن تائين سندس تحقيقي ۽ تحريري لکت تي ڪنهن بہ اختلاف يا اعتراض نہ ڪيو آهي.جتي جاگيردار ڌرتي وڪڻڻ لاء تيار هجن، جتي ڪامورا ڪرپشن ۾ ڪاهي پون، جتي نوڪريون لکن ۾ وڪامن، جتي ويساه ختم ٿي وڃن ۽ اعتبار جهڙا ماڻهو منافق ٿي وڃن تہ اهڙي عالم ۾ سائين رنگريز پنهنجي قلم جي سگهہ وسيلي وڃايل اعتبار واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ماڻهن ۾ اتساه ۽ اعتبار جا جهول ڀري آڇڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.سائينء جي لکڻين ۾ ايڏي سادگي ۽ سٻاجهپ آهي جو تمام آسانيء سان مقصد سمجه ۾ اچيو وڃي. هن جي لفظن ۾ ايڏي سچائي آهي جو ڪوڙ کي لڪائڻ لاء ڪا بہ گنجائش نہ بچندي آهي.سندس قلم جي سگهہ وڏا وڏا ڀاري برج لوڏيو وجهي ٿي. استاد بخاريء چيو آهي تہ، اسان آهيون سادا زمانا مڃون ٿا مگر لوه کي لفظن سان موڙي سگهون ٿا. سائين رنگريز وٽ حقيقتون، انداز،انديشا، رايا، تبصرا، الڳ الڳ، وزن دار، پڙهڻ جهڙا ۽ سمجهڻ جهڙا لفظ ۽ جملا ملندا.ڳالهين مان ڳالهيون ٺاهڻ کان بنهہ پاسو ڪندڙ، هٿرادو هنرمندي سکڻي وڌاء ۽ پلٽي بازي سائينء جي مزاج ۾ شامل ئي ناهي. ضروري ڳالهيون،صاف ۽ چٽي انداز ۽ دليلن سان پيش ڪندڙ هي بيباڪ، بهادر، دلير، جرئتمند وطن دوست ليکڪ سائين رنگريز جون لکڻيون وطن جي ويرين، سنڌ کي ڪرپشن ۾ ڌڪيندڙ ڌوتن لاء للڪار هجن ٿيون.اهڙي باوقار وطن دوست ماڻهوء تي يقينن ڪتاب لکڻ کپن اهڙا ئي ليکڪ جيستائين سنڌ ۾ موجود آهن تيستائين وطن فروشن جا نا پاڪ ارادا مٽيء ۾ ملي خاڪ ٿي ويندا ۽ سنڌ جي مٽيء ۽ آبهوا مان لاڙ جي سارين جو هڳاء، ڄامشوري جي شام جي ٿڌي هوا، ڇاڇري جي صبح جي ماٺار ۽ سادٻيلي ۾ گرمين ۾ ڪچڙي منجهند جي ٿدڪار پڪ سان پنهنجو وجود برقرار رکندا رهندا. سائين رنگريز سائين جي ايم سيد جو عاشق ۽ ابراهيم جويو جو مداح سدائين پي رهيو آهي سندس هيٺيان ڪتاب پڙهڻ سان گج جا مڙئي رنگ ذهن جي ڪئنواس تي اچي وڃن ٿا ۽ اندر ۾ دلڪشي وڌائڻ جو باعث بنجن ٿا.سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري رهندڙ سائين رنگريز جو شاعريء جو پهريون ڪتاب“ اکين اڃ اپار” آهي جڏهن تہ نثر ۾ 1.سرمد ڇا ٿو سوچي؟ 2. وکر سو وهاء 3. غلام جا ٽهڪڙا 4. سونهن، سهائي، سوچ ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن جڏهن تہ سندس ڇپائي هيٺ ڪتابن ۾، 1. مقبرن جي پٿرن تي اڪريل تاريخ 2. تحرير جي فن جي تاريخ 3. خانہ بدوش روح جي ڪٿا 4. تصوف هڪ تحريڪ اميد آهي تہ سائين رنگريز پنهنجي تخليقي سگهہ وسيلي سنڌ ڌرتي ۽ سونهن سوڀيا جي باري ۾ لکي رت ست ساري، تيلي ٻاري سندس لاثاني پرسنل آئيني کي جاڳائي اسان کي ان جا اولڙا ۽ عڪس پسائڻ جو موقعو فراهم ڪندو رهندو.